گوئر
گوئر:(انگريزي: Gooar ) ٿر جي مخصوص وسندين جو نالو آهي.ٿر ۾ ٻنيون ڳوٺن کان پري هونديون آهن. رات ڏينهن ٻني جو ڪم ۽ سنڀال ڪرڻي پوي ۽ مال لاءِ به سهوليت کپي، تنهنڪري روزانو اچ-وڃ جي تڪليف کان بچڻ لاءِ وسڪاري جو وڃي ٻنيءَ تي سهوليت سارو آسپاس جي ٻنين وارا ٽي-چار گهر گڏ بعضي اڪيلا ويهن، جنهن کي ”گوئر“ چون. اهو ماڻهو، جنهن جي ٻني ويجهي هوندي، ان جي نالي سڏبو: فلاڻي جو گوئر. ڪنهن دري تي پارهائي سان چونرو، ڇَنو، منڏهيرو، ۽ سمهڻ لاءِ ڏينچي ٺاهي گذارو ڪن. ٿر ۾ جيتوڻيڪ مڇر ڪونه آهن ته به هن قسم جو جيت ٿيندو آهي، جو مڇر کان به ننڍو آهي، ان کي ”ڪُتِ“ چون، جو مڇر وانگر چڪ پائيندو آهي. اُهو گهاٽي گاهه ۽ هيٺانهين هنڌ تي، جتي هوا گهٽ هوندي آهي، اتي ٿيندو آهي، تنهنڪري ماڻهو دَڙن تي رهن، چونرن کي دروازا ڪونه چاڙهين، ڪنهن وڻ جو ڍنگهر آڏو ڏيو ڇڏين. رات جو چوڌاري ڏسبو ته دڙي دڙي تي ڏياٽي پيئي ٻرندي، جيئن آسمان ۾ ٽڙيل تارا ڏسبا آهن. اتي فقط پاڻيءَ جي تڪليف ٿيندي آهي، سو ويجهڙائيءَ واري تلاءُ يا کوهه تان ڪوڏ ڪري ڪاهي وڃي گڏهن تي جنڊا (ٿري ’جنترو‘ چون) ڀري کنيو اچن. ٻنين جي ڪم لهڻ بعد موٽي اچن. پايو جَر جنڊن ۾، ڪوڏا ڪن ڪُهُون[1].
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو