گهومر
گهومر راجسٿان جو هڪ روايتي لوڪ ناچ آهي. ھن ناچ جي شروعات ڀيل قبيلي جي ماڻھن پاران ڪئي وئي ھئي. اھو ناچ ماتا سرسوتيءَ جي پوجا لاءِ ڪيو ويو ھيو. پوءِ اھو راجپوتن بہ اپنايو. [1] [2] [3] [4] [5] هي ناچ خاص طور تي پردو رکندڙن عورتن پاران پيش ڪيو ويندو آهي جيڪي گهاگھرا نالي وهندڙ لباس پائينديون آهن. ناچ دوران ڪلاڪار گول چڪرن ۾ گھمندا آھن ۽ ھڪ گول ۾ اندر ٻاھر ٿيندا آھن. لفظ گهومنا ناچ ڪندڙن جي گھمڻ واري حرڪت کي بيان ڪري ٿو ۽ لفظ گهومر جو بنياد آهي. [6] [7]
روايتي رسمن جي مطابق، نئين شادي شده ڪنوار کان اميد ڪئي ويندي آهي تہ هوءَ پنهنجي نئين شادي شده گهر ۾ ڀليڪار ٿيڻ تي گهومر ناچ ڪري. گهومر اڪثر خاص موقعن تي ڪيو ويندو آهي، جهڙوڪ شادين، ڏڻن ۽ مذهبي موقعن تي، [8] جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ڪلاڪن تائين هلندو آهي.
اتھاس
[سنواريو]گهومر ڀيل قبيلي مان آهي جيڪو ديوي سرسوتي جي پوڄا لاءِ پيش ڪيو ويندو هو جنهن کي بعد ۾ ٻين راجسٿاني برادرين قبول ڪيو. [1] [2] [3] [4] [5] ڀيل ان وقت هڪ مضبوط برادري هئي ۽ راجپوت راجائن سان لگاتر جنگ ۾ هئا. گهڻي جنگ کان پوءِ شانتي قائم ٿي ۽ اهي هڪ ٻئي سان رابطو ڪرڻ لڳا. گهومر راجپوتانا ۾ عام عورتن پاران پيش ڪيو ويندو هو، بعد ۾ راجپوت اشر راجائي ۽ خانداني عورتون پڻ ناچ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيون. مردن کي ھن ناچ ۾شامل ٿيڻ جي اجازت نہ هئي. گهومر راجپوت بادشاهن جي دور ۾ هندستان جي رياست راجسٿان ۾ مشهور ٿيو، ۽ عام طور تي عورتون طرفان خوشيءَ جي موقعن تي پيش ڪيو ويندو آهي. [1] عورتون پنهنجي مٿي تي گهونگھٽ رکي منهن ڍڪي گهومر پيش ڪنديون آهن. ناچ جي شڪل راجسٿان جي الڳ الڳ علائقن سان الڳ انداز ۽ لباس ۾ ٿوري گھڻي ڦري ٿي. گهومر گجرات جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز ڌڙڪن سان پيش ڪيو ويندو آهي، جيڪي گربا انداز سان ملندڙ جلندڙ آهن، جڏهن تہ ڌولپور، ڪرولي برج ڪشتر ۾ سست ڌڙڪن، ساڳئي طرح لباس ۽ ناچ جي انداز ۾ فرق اُڏي پور، ڪوٽا، بوندي وغيره ۾ ڏسي سگهجي ٿو. گجرات جي آسپاس صاتن علائقن ۾ اھو ناچ تيز رفتار واري تال تي گربي جي انداز وانگر پيش ڪيو ويندو آھي ۽ ڌولپر ڪرولي برج ڪشيتر ۾ سست رفتار واري تيل تي. اُديپر، ڪوٽا، بنڊي وغيرہ ۾ ناچ جي انداز ۽ لباس ۾ فرق نظر اچي ٿو[9]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 "Ghoomar or Ghumar was basically developed by the Bhil tribe and was adopted by other Rajasthani communities".
- 1 2 Upadhyay, Lipi (26 October 2017). "You've been going crazy over Deepika Padukone's Ghoomar. Do you even know what a ghoomar is?". India Today. 17 May 2022 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "Ghoomar, a traditional Bhil tribe folk dance".
- 1 2 Kumar, Ashok Kiran (2014). Inquisitive Social Sciences. India: S. Chand Publishing. ص. 93. ISBN 9789352831098.
- 1 2 Danver, Steven L. (28 June 2014). Native People of The World. United States: Routledge. ص. 522. ISBN 978-0765682949.
- ↑ "Ghoomar Dance, Rajasthan". اصل نسخو مان 2012-05-18 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ "Ghoomar Dance - Rajasthan". rajasthanvisit.com. اصل نسخو مان 29 March 2019 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ "Ghoomar in India". 2 December 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "ZEE5". comingsoon.zee5.com. اصل نسخو مان 31 March 2020 تي محفوظ ڪيل. 2021-05-14 تي حاصل ڪيل.