گنج شريف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گنج شريف (Ganj Sahreef) ٽالپرن جي اوائلي دؤر ۾ شاھ لطيف جي رسالي جو قديم ترين نسخو. هن پراڻي قلمي نسخي کي ”گنج شريف“ چيو ويندو آھي. سنڌيءَ ۾ گنج جي معنيٰ آھي ”جھجھو“. يعني اسان وٽ ضرورت کان ڪا بہ شيءِ وڌيڪ ھوندي ته چوندا آھيون ”الله سائينءَ جو گنج آھي.“ شاھ جي ڪلام جي لحاظ کان ”گنج شريف“ ۾ شاھ جي ڪلام سواءِ ان زماني يا اڳ جي ڪجهه ٻين شاعرن جو بہ ڪلام شامل آھي. گنج جو ڪاتب فقير عبدالعظيم عرف وڏل شاھ ھو. گنج 1792ع بمطابق 1207 ھجريءَ ۾ لکيو ويو ھو. ھن نسخي کي تمراڻي فقير ۽ سندن اولاد سنڀاليندا ھئا. سن 1995ع ۾ شاھ لطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز طرفان گنج، عڪسي ڇاپي جي صورت ۾ ممتاز مرزا، سھيڙي شايع ڪرايو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.