گليمفيٽڪ سسٽم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سائنسدانن جو چوڻ آهي تہ انساني دماغ ۾ هڪ اهڙو اثرائتو نظام موجود هوندو آهي، جيڪو دماغ ۾ موجود غير ضروري مواد ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪم ڏيئي ٿو. سائنسدانن جو چوڻ آهي تہ دماغ ۾ رڳن ۽ نالين جو هڪ اهڙو نيٽ ورڪ موجود آهي، جيڪو دماغ ۾ موجود غير ضروري مواد ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ان نظام کي گليمفيٽڪ سسٽم چيو وڃي ٿو. جڏهن اسان سوچيندا آهيون تہ هيءَ نظام پنھنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جيڪا شيءَ اسان کي غير ضروري لڳندي آهي ان کي دماغ مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڪندو آهي، پر دماغ مان غير ضروري شيون ٻاهر نڪرڻ واري ڳالھ اڃان تائين پراسرار مامرو پڻ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]