گرگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هن مان مراد ايران، ڪئناڊا ۽ نارٿ پول وارن برفاني علائقن جا بگهڙَ (Wolf) آهن. گهڻي برفباري سببان شڪار نه ملڻ ڪري بگهڙ بکن ۾ پاهه ٿي نٻل ٿي ويندا آهن. تنهنڪري رات جي وقت برف تي گول دائرو ٺاهي هڪ ٻئي کي غور سان خونخوار نظرن سان گهوريندا رهندا آهن. جيئن ئي بک ۽ ڪمزوري سببان گول دائري ۾ ويٺل بگهڙن مان ڪو بگهڙ غافل ٿي، ننڊ جو جهوٽو کائيندو آهي ته باقي بگھڙ ان تي حملو ڪري پنهنجي ئي نسل جي ان بگهڙ جون ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري کائي ڇڏيندا آهن. بگهڙن جي ان عمل کي گرگ آشتي به چيو وڃي ٿو.

تنهنڪري سنڌي ٻولي ۾ محاوري طور چيو ويندو آهي ته فلاڻو وڏو گرگ آهي. معنا ته ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندو يا نقصان پهچائيندي دير نه ڪندو، يا اهڙو بي رحم ۽ چالاڪ شخص جنهن جو ڪو دين ايمان ئي نه هجي ۽ پنهنجو مفاد ماڻڻ لاءِ ڪنهن به غريب غربي تي به رحم نه کائي.

چوندا آهن ته پنج ئي آڱريون برابر ڪو نه آهن. سٺا ۽ خراب ماڻهو هر هنڌ آهن. ساڳي نموني هر ملڪ، قوم ۽ سماج ۾ اهڙا ڪيترائي گرگ به موجود هوندا آهن. تنهنڪري غافل ٿيڻ جي بدرآن احتياط طور سدائين اک کليل رکڻ گهرجي ۽ خبر پوڻ کان پوءِ اهڙن ماڻهن کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن پهنجو پاڻ کي اهڙن گرگن کان بچائي سگهجي.[1]