مواد ڏانھن هلو

گجرات ڊويزن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گجرات ڊويزن
Gujrat Division

گجرات ڈویژن
ڊويزن
پنجاب، پاڪستان جي نقشي ۾ گجرات ڊويزن (ڳاڙهي رنگ ۾ ڏيکاريل)
پنجاب، پاڪستان جي نقشي ۾ گجرات ڊويزن (ڳاڙهي رنگ ۾ ڏيکاريل)
ملڪ پاڪستان
صوبوپنجاب
گادي جو هنڌگجرات شهر
قائم ٿيو17 آگسٽ، 2022ع
ضلعا
حڪومت
• طرزڊويزنل انتظاميه
• ڪمشنرخالي
• ميئرخالي
• ڊويزنل پوليس آفيسرمحمد اختر عباس
ايراضي
• ڊويزن9,438 چورس ڪلوميٽر (3,644 چورس ميل)
آبادي
 (2023ع)
• ڪل73,62,182
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
شهري
N/A
ٻهراڙي
N/A
خواندگي جي شرح (2023)
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت (PST))

گجرات ڊويزن (Gujrat Division) پنجاب، پاڪستان جو هڪ انتظامي ڊويزن آهي، جنهن ۾ گجرات، حافظ آباد، منڊي بهاؤالدين ۽ وزير آباد ضلعا شامل آهن.[2] هن جو صدر مقام گجرات شهر آهي. 73 لک کان مٿي جي آبادي سان، اهو صوبي جي ڏهن ڊويزنن مان سڀ کان گهٽ آبادي وارو علائقو آهي.

اهو سرڪاري طور تي پنجاب حڪومت پاران 17 آگسٽ، 2022ع تي، گوجرانوالا ڊويزن جي ورهاڱي سان، صوبي جي ڏهين ڊويزن طور قائم ڪيو ويو. شروعاتي طور تي گجرات، منڊي بهاؤالدين ۽ حافظ آباد ضلعن کي شامل ڪيو ويو،[3] نئون قائم ٿيل وزيرآباد ضلعو 14 آڪٽوبر، 2022ع تي شامل ڪيو ويو، ڊويزن ۾ ضلعن جو تعداد وڌائي 4 ٿي ويو. [4] پنجاب لينڊ روينيو ايڪٽ 1967ع ( Punjab Land Revenue Act 1967) جي سيڪشن 5 تحت بورڊ آف روينيو پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کانپوءِ اها تبديلي باضابطه ڪئي وئي.[5] هن ورهاڱي کان اڳ، گوجرانوالا ڊويزن صوبي جي سڀ کان وڏي ڊويزنن ۾ شامل هو، جنهن جي آبادي لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ 60 لک (16 ملين) هئي. احمد ڪمال مان ڊويزن جو پهريون ڪمشنر ۽ محمد اختر عباس ريجنل پوليس آفيسر (آر پي او) مقرر ڪيو ويو.[6][7]

ان دوران 15 فيبروري 2023ع تي پنجاب جي نگران حڪومت نئين قائم ٿيل ڊويزن گجرات، نئين ٺاهيل ضلعي وزيرآباد ۽ ڊويزن ۾ ٽن نئين تعلقن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. بورڊ آف روينيو پاران جاري ڪيل نئين نوٽيفڪيشن موجب، گجرات ڊويزن، وزيرآباد ضلعي، ٽن نئين تعلقن جلالپور جٽان ۽ گجرات ضلعي ۾ ڪنجاه ۽ وزيرآباد ضلعي جي علي پور چٺه (نئين ٺهيل) تعلقن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته، 21 فيبروري 2023ع تي لاهور هاءِ ڪورٽ نگران حڪومت جي حڪم کي معطل ڪندي گجرات کي ڊويزن طور بحال ڪري ڇڏيو.[8]

جاگرافي

[سنواريو]

گجرات ڊويزن پنجاب جي علائقي ۾ اتر پاڪستان ۾ اٽڪل 32.5 درجا اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 74.0 ڊگري ڊگھائي ڦاڪ تي واقع آهي. اهو پاڪستان نيشنل هاءِ وي N-5 تي اسلام آباد ۽ لاهور جي وچ ۾ اڌ رستي تي واقع آهي. گجرات ڊويزن پنجن ٻين ڊويزنن سان لڳل آهي جن ۾ راولپنڊي ڊويزن، سرگوڌا ڊويزن، فيصل آباد ڊويزن، لاهور ڊويزن ۽ گوجرانوالا ڊويزن شامل آهن. پنجاب جا ٻه نديون، چناب درياءَ ۽ جهلم درياهه، گجرات ڊويزن مان لنگهي ٿي.

ضلعن جي فهرست

[سنواريو]
ضلعث صدر مقام پکيڙ

(km²)[9]

آبادي

(2023)[9]

گھاٽاڻ

(ppl/km²)

(2023)[9]

Lit. rate

(2023)[10]

گجرات ضلعو گجرات 3,192 3,219,375 1,007.0 81.37%
منڊي بهاوالدين ضلعو منڊي بهاوالدين 2,673 1,829,486 683.1 70.27%
حافظ آباد ضلعو حافظ آباد 2,367 1,319,909 557.0 65.77%
وزير آباد ضلعو وزير آباد 1,206 993,412 820 77.39%
ڪل 9,438 7,362,182 ... ...

تعلقن جي فهرست

[سنواريو]
تحصيل پکيڙ

(km²)[9]

آبادي

(2023)[9]

گھاٽاڻ

(ppl/km²)

(2023)[9]

Lit. rate

(2023)[10]

ضلعا
تحصيل گجرات 1,463 1,746,173 1,193.56 82.48% گجرات ضلعو
تحصيل خاريان 1,154 1,174,935 1,018.14 79.69%
تحصيل سراء عالمگير 575 298,267 518.73 81.55
تحصيل جلال پور جٽان N/A N/A N/A N/A
تحصيل ڪنجاھ N/A N/A N/A N/A
تحصيل پنڊي ڀاٽيان 1,178 558,753 474.32 58.70% حافظ آباد ضلعو
تحصيل حافظ آباد 1,189 761,156 640.16 70.89%
تحصيل منڊي بھاول الدين 759 764,532 1,007.29 72.69% منڊي بھاول الدين ضلعو
تحصيل ملڪوال 759 429,303 565.62 66.28%
تحصيل ڦاليا 1,155 635,651 550.35 70.11%
تحصيل وزير آباد 1,196 993,412 830.61 77.39% وزير آباد ضلعو
تحصيل علي پور چٺا N/A N/A N/A N/A

قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪن جي فهرست

[سنواريو]
# صوبائي اسيمبلي تڪ قومي اسيمبلي تڪ ضلعو
1 پ.پ - 27 گجرات - I اين.اي - 62 گجرات- I گجرات ضلعو
2 پ.پ - 28 گجرات - II
3 پ.پ - 29 گجرات - III اين.اي - 63 گجرات- II
4 پ.پ - 30 گجرات - IV
5 پ.پ - 31 گجرات - V اين.اي - 64 گجرات- III
6 پ.پ - 32 گجرات - VI
7 پ.پ - 33 گجرات - VII اين.اي - 65 گجرات- IV
8 پ.پ - 34 گجرات - VIII
9 پ.پ - 35 وزير آباد- I اين.اي - 66 وزير آباد وزير آباد ضلعو
10 پ.پ - 36 وزير آباد- II
11 پ.پ - 37 حافظ آباد- I اين.اي - 67 حافظ آباد حافظ آباد ضلعو
12 پ.پ - 38 حافظ آباد- II
13 پ.پ - 39 حافظ آباد- III
14 پ.پ - 40 منڊي بھاول الدين- I اين.اي - 68 منڊي بھاول الدين- I منڊي بھاول الدين ضلعو
15 پ.پ - 41 منڊي بھاول الدين- II
16 پ.پ - 42 منڊي بھاول الدين- III اين.اي - 69 منڊي بھاول الدين- II
17 پ.پ - 43 منڊي بھاول الدين- IV

آبادي

[سنواريو]

پاڪستان جي سال 2023 جي مردم شماري مطابق گجرات ڊويزن جي آبادي 73 لک 62 هزار 182 هئي.[11]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Literacy rate, enrolments, and out-of-school population by sex and rural/urban, CENSUS-2023" (PDF).
  2. "Punjab govt upgrades Gujrat dist to division". The Nation (آمريڪي انگريزي ۾). 17 August 2022. 23 August 2022 تي حاصل ڪيل.
  3. Butt, Waseem Ashraf (18 August 2022). "Gujrat notified as 10th division of Punjab". Dawn (انگريزي ۾). 23 August 2022 تي حاصل ڪيل.
  4. "Punjab CM approves establishment of four new districts in province". Daily Times. 15 October 2022.
  5. "Gujrat made Division in Punjab". Business Recorder (انگريزي ۾). 18 August 2022. 23 August 2022 تي حاصل ڪيل.
  6. Butt, Waseem Ashraf (24 September 2022). "New Gujrat division gets commissioner". DAWN.COM (انگريزي ۾).
  7. Chaudhry, Asif (25 September 2022). "Gujrat gets first RPO". DAWN.COM (انگريزي ۾).
  8. Staff Report (22 February 2023). "LHC suspends government's notification to defer creation of Gujrat division, Wazirabad district". The Nation. 24 February 2023 تي حاصل ڪيل.
  9. 1 2 3 4 5 6 "TABLE 1 : AREA, POPULATION BY SEX, SEX RATIO, POPULATION DENSITY, URBAN POPULATION, HOUSEHOLD SIZE AND ANNUAL GROWTH RATE, CENSUS-2023, PUNJAB" (PDF).
  10. 1 2 "LITERACY RATE, ENROLMENT AND OUT OF SCHOOL POPULATION BY SEX AND RURAL/URBAN, CENSUS-2023" (PDF).
  11. https://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/population/2023/tables/punjab/pcr/table_1.pdf [bare URL PDF]