مواد ڏانھن هلو

گانگھيٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گانگھيٽي (انگريزي: Gangheti plant ) هي ٿر جي ڀٽن جي چوٽين، سلامي وارن لاهن، ننڍن دڙن ۽ مٿاهن هنڌن تي ايڪڙ ٻيڪڙ ٿئي پر پارڪر ۾ ڪارونجهر ٽڪريءَ تي جام ٿئي. ڏهرن جي سنئين زمين ۾ اصل ڪونه اُڀري. سنڌي اُن کي ڳاڱيون چون. ڊيگهه ڏهاڪو کن فوٽ ٿئي. هن جو ٿڙ يڪو نه هوندو آهي مگر زمين مان شاخون ٿي نڪرندو آهي، جي گڏجي جهڳٽو ٿي بيهنديون آهن. اونهاري جو منجهس پن ورلي هوندا آهن. برسات پوڻ تي سرسبز سائو ٿي پوندو آهي. پهريائين منجهس اڇا ننڍا گل ٿيندا آهن جن ۾ پوءِ ڦَل ٿئي جو سائي رنگ جو هوندو آهي، ان کي ”گانگهيٽا“ چون، ۽ سنڌيءَ ۾ ”ڳاڱا“ چون. هي ننڍا چيڻوٺي جيڏا ٿين، پچڻ بعد اهي ڳاڙهي رنگ جا ٿين. منجهن ڪو خاص سواد ڪونه آهي، لعابدار ۽ ڦڪا ٿين، پر تنهن هوندي به ٿري ٻار گانگهيٽا چونڊي وڏي شوق سان کائيندا آهن. هن جون ڪاٺيون ٿلهيون ڪونه ٿين، پر ڪامون ٿينديون آهن، جي سخت هونديون آهن، جن ۾ سنهيون سنهيون ٽاريون ۽ پن ٿين. سنئيون ڪامون سُڪائي، ڇوڏا لاهي، ڪپهه سَٽڻ جي ڪم آڻبيون آهن. ڍنگهر وڍي ڏُپَ ڏيئي سُڪائي گهرن جي لوڙهن لاءِ ڪم آڻبا آهن. هي جڏهين سائو هوندو آهي، تڏهين اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون کائينديون آهن[1].

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو