مواد ڏانھن هلو

گئبرئيل گارشيا مارڪيز

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گئبريل گارشيا مارڪيز
Gabriel José García Márquez

مشهور ڪولمبين ناول نويس
ڄم 6 مارچ 1927(1927-03-06)
آراڪاٽاڪا، ڪولمبيا
وفات 17 اپريل 2014 (عمر 87 سال)
ميڪسيڪو
ٻولي اسپيني ٻولي
مادرِ علمي ڪولمبيا جي نيشنل يونيورسٽي
ڪارٽيجينا يونيورسٽي
صنف
  • ناول
  • مختصر ڪهاڻيون
ادبي ھلچل
  • لاطيني آمريڪي ادب
  • جادوئي حقيقت نگاري
مُکيه ڪم
ايوارڊ
جيون ساٿي مرسڊيس بارچا (ش. 1958)
ٻچا 3

دستخط

گئبريل گارشيا مارڪيز (انگريزي: Gabriel García Márquez) (6 مارچ 1927 – 17 اپريل 2014) هڪ مشهور ڪولمبين ناول نويس، ڪهاڻيڪار ۽ نوبل انعام يافتہ ليکڪ هو، جنهن جادوئي حقيقت نگاري (Magical Realism) جي صنف کي نئين اوچائين تي پهچايو. سندس شاهڪار ناول "اڪيلائي جا ھڪ سؤ سال" کيس عالمي شهرت ڏياري، ۽ کيس لاطيني آمريڪا جي ادبي نمائندي طور سڃاتو ويو.

ابتدائي زندگي

[سنواريو]

مارڪيز 6 مارچ 1927 تي آراڪاتاڪا، مگدالينا، ڪولمبيا ۾ پيدا ٿيو. سندس ننڍپڻ سندس ڏاڏي ۽ ڏاڏي وٽ گذريو. ڏاڏي کيس ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي، جڏهن ته سندس ڏاڏو فوجي ڪرنل هو، جنهن کيس "هزار ڏينهن جي جنگ" ۽ ٻين سياسي واقعن بابت آگاهي ڏني. انهن ڳالهين مارڪيز جي ادبي تخليق تي گهرو اثر ڇڏيو.

صحافت ۽ ادب

[سنواريو]

گارسيا مارڪيز پنهنجي ڪيريئر جي شروعات صحافت سان ڪئي. هو پاڻ چوندو هو ته هو بنيادي طور تي صحافي آهي ۽ افسانا ته رڳو اتفاق سان لکي وٺندو آهي. سندس صحافتي پس منظر سندس لکڻين ۾ به نمايان نظر اچي ٿو، جتي حقيقت ۽ تخيل جو سنگم ملي ٿو. سندس مقبول ڪتابن ۾ شامل آهن:

  • سو ورهين جي اڪيلائي (One Hundred Years of Solitude)
  • وبا جي زماني ۾ محبت (Love in the Time of Cholera)
  • اڳواٽ ٻُڌايل جي ڪھاڻي (Chronicle of a Death Foretold)
  • حاڪم جو خزانو (The Autumn of the Patriarch)
  • اغوا جي خبر (News of a Kidnapping)

نوبل انعام ۽ فڪري ورثو

[سنواريو]

گارسيا مارڪيز کي 1982ع ۾ ادب جي شعبي ۾ نوبل انعام سان نوازيو ويو. هن نوبل انعام جي تقريب دوران جيڪا تقرير ڪئي، ان ۾ لاطيني آمريڪا جي ماڻهن جي اڪيلائي، محرومي ۽ استحصال بابت ڳالهايو. سندس لاءِ لاطيني آمريڪا محض هڪ خطو نه پر هڪ وسيع قومي سڃاڻپ هئي. هو ڪولمبيا جو شهري هو، پر ميڪسيڪو سندس ٻيو گهر هو، جڏهن ته ڪيوبا ۾ به هو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي رهي سگهندو هو.

ادب جي ذريعي هن پنهنجي علائقي جي تاريخ، سياست، ظلم، ۽ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن کي اهڙي انداز ۾ پيش ڪيو، جو سندس لکڻيون "جادوئي حقيقت نگاري" جو هڪ لازوال مثال بڻجي ويون. سندس ناولن ۾ 1928ع ۾ يونائٽيڊ فروٽ ڪمپني جي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگارن جي قتل عام، ۽ 1948ع ۾ صدارتي اميدوار گئٽان جي قتل کانپوءِ ٿيل وڳوڙن جا حوالا مليا ٿي.

ذاتي زندگي ۽ وفات

[سنواريو]

مارڪيز مرسڊس بارچا سان شادي ڪئي، جنهن سان کيس ٻہ ٻار هئا. هو پنهنجي آخري ڏينهن ميڪسيڪو سٽيءَ ۾ گذاريائين، جتي هو 17 اپريل 2014ع تي وفات ڪري ويو. سندس وفات تي پوري دنيا ۾ ادبي دنيا سوڳوار ٿي ويئي.

ورثو

[سنواريو]

گارسيا مارڪيز جي لکڻين کي نه رڳو لاطيني آمريڪا پر پوري دنيا ۾ ساراهيو ويو. هن ادب جي دنيا ۾ نه وسارڻ جوڳو نقش ڇڏيو. سندس جادوئي حقيقت نگاري، انسان دوستي، ۽ سياسي شعور اڄ به پڙهندڙن لاءِ الهام جو ذريعو آهي.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]