ڪڪل
ڏيک
ڪڪل: نالا: عربي - حمص الاخضر، فارسي - نخود سبز، انگريزي- بنگال گرئم فريش، (Bengal Gramfresh). سڃاڻپ: سادن چڻن جي ڦوٽن مان نڪرندڙ ڪچا چڻا آهن، ذائقي ۾ مزيدار ۽ ڦڪا ٿين ٿا.
طب
[سنواريو]خاصيت: هنن جي کائڻ سان بلغم، خون ۽ صفرا ۾ واڌارو ٿئي ٿو، ممسڪ (Avoricious ايوري شس) ۽ بدن ۽ قوت باهه کي زياده ڪندڙ آهن. وات جي بدبوءِ هٽائڻ لاءِ ڪارآمد ٿين ٿا. ميسور ۽ بينگلور ۾ هنن جو سرڪو مشهور آهي. حقيقت ۾ هي سرڪو نه پر چڻن جي ماڪ آهي جنهن کي ڪپڙي ذريعي صبح جو حاصل ڪيو وڃي ٿو هنن ۾ آگزيلڪ ايسڊ ڪافي مقدار ۾ ٿئي ٿي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو