مواد ڏانھن هلو

ڪٽارا ثقافتي ڳوٺ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪٽارا مسجد
سينٽرل پلازا

ڪٽارا ثقافتي ڳوٺ (عربي: الحي الثقافي کتارا)، جنهن کي صرف ڪٽارا (عربي: کتارا) جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، قطر جي شهر دوحا ۾ هڪ ثقافتي ۽ واپاري ڪمپليڪس آهي، جيڪو ويسٽ بي ۽ پرل جي وچ ۾ اوڀر ڪناري تي موجود آهي.

ھن کي آڪٽوبر 2010 ۾ دوحہ ٽرِبيڪا فِلم فيسٽيول جي دوران پريويو لاءِ کوليو ويو ھيو. [1]

جائزو

[سنواريو]
ڪٽارا ٽڪرين ۾ پيادل رستو

ڪٽارا ڪلچرل وليج 2010 ۾ ثقافت ۽ ڪلا جي فھلاءُ ۽ ڏي-وٺ لاءِ ٺاھيو ويو ھيو. اھو دوحا جي ڪناري سان لگهندڙ ٻِيھر حاصل ڪيل زمين(ريڪليمڊ لينڊ) تي ٺھيل آھي. اھو ھڪ پارمپرڪ(روايتي) قطري ڳوٺ وانگر ٺھيل آھي جھن ۾ ننڍيون ريتي رنگ جو عمارتون، چپٽيون ڇتيون، ڇاني ياريون گھٽيون، ۽ گڏو گڏ آڌونڪ سوڌائون بہ آھن. ويسٽ بي ۽ پرل جي وچ ۾ ھئڻ سبب، اھو دوحا جي ڪناري تي موجود خاس جڳھين مان ھڪ آھي. [2]

ڪمپليڪس ۾ مختلف جڳھون شامل آهن جن ۾ آرٽ گيلريون، ٿيٽر، ڪنسرٽ هال، ڪتابگھر، هڪ عام ساماجي ھال، ۽ هڪ گهڻ مقصدي ڪانفرنس هال شامل آهن، جتي الڳ الڳ ڪاريڪرم ۽ ڏڻ ٿيندا رھندا آھن. ٻاهرين خاصيتن ۾ 1.5 km[convert: unknown unit] ڪٽارا بيچ آھي جتي تيراڪي، پيڊل بوٽنگ، ٻيڙيءَ جي سواري، ڪاياڪنگ جھڙيون شيون ٿينديون آھن. ھن جي علاوا گھڻيون اي ڪلاڪاريون پڻ ڪناري تي ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون [2] ڪٽارا ۾ ٻه پارڪ آهن: نارٿ هِلز پارڪ ۽ سائوٿ هِلز پارڪ، ٻئي ڪٽارا هِلز تي آهن، جيڪا ھڪ بناوتي ٽڪري آھي جنهن ۾ سرسبز ٻوٽا، پاڻي جو وهڪرو ۽ پيدل سفر جا رستا آهن. [3]


ڪٽارا جي خاس نشانين ۾ 3,275 چورس ميٽر جو سنگ مرمر جو ايمفي ٿيٽر شامل آهي، جيڪو قديم يوناني(گريڪ) ۽ روايتي عربي ڊيزائن جي تتن کي ملائي ٺاھيل آھي، جيڪو 5,000 ڏسندڙن کي ويهاري سگهي ٿو. ڪامپليڪس ۾ عثماني طرز جي گولڊن مسجد پڻ آهي، جيڪا سون جي ٽائلس سان سينگاريل آهي، ۽ ڪٽارا مسجد ، جيڪا ترڪي جي اڏاوت جي ماھر زينب فاديل اوگلو پاران ڊزائين ڪئي وئي آهي ۽ فيروزي ۽ جامني ڄڙائو ڪم سان سينگاريل آهي. ھڪ ٻئي خاصيت آھي ھتان جا روايتي ڪبوتر ٽاور جي سرن ۽ مٽيءَ مان ٺھيل آھن ۽ اٽڪل 15 ميٽر اونچا آھن. ڪٽارا جو اوپيرا ھائوز قطر جو اڪلوتو اوپيرا ھائوز آھي. ھن ۾ 550 ماڻھون ھڪ معل ويھي سگھن ٿا ۽ ھتي طرح طرح جا ڪانسرٽ ۽ ڪاريڪرم ٿين ٿا.

  1. "Katara set for soft opening". Gulf Times. 2010-10-16. اصل نسخو مان 16 September 2012 تي محفوظ ڪيل.
  2. 1 2 Sideridis, Dimitris (26 February 2018). "Katara: The center of Qatar's creative scene". CNN Travel. 11 August 2025 تي حاصل ڪيل. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name "cnn1" defined multiple times with different content
  3. Alabanza, Marivie (27 December 2023). "Qatar winter stories: Families share experiences from Katara Hills". The Peninsula Qatar. 11 August 2025 تي حاصل ڪيل.