ڪُنڀ ميلو
ڏيک
ھندو ڏند ڪٿائن موجب شو ڀڳوان ۽ پاروتي ماتا جي شاديءَ جو ڏاج رڳو ھڪ مٽيءَ جو ٿانءُ ڪُنڀ (چاڏي) ھُئي. مٽيءَ جي ٺھيل ان ٿانوَ کي سنسڪرت ۾ ڪُنڀ، سنڌيءَ ۾ چاڏي ۽ انگريزيءَ ۾ POT چيو وڃين ٿو.
اھا ڪُنڀ پرجا پتي وشوا ڪرما (ھندو تريمورتيءَ جو ٽيون ڪردار) پنھنجي ھٿن سان ٺاھي تنھنڪري ھندو ڌرم ۾ مٽيءَ جي ٿانون کي احترام ڏنو وڃين ٿو، وشوا ڪرما پاڻ کي ڪُنڀار بہ چيو آھي.
ھزارين سالن کان ڪروڙين ھندو گنگا ۾ اسنان ڪري تيرٿ (گنگا نديءَ جي ڪناري تي ٺھيل شھرن (پرياگراج، ھري دُوار، ناشڪ ۽ اُجين) ۾ مٽيءَ جون مٽڪيون کڻي پوڄا پاٺ ڪن ٿا ۽ گنگا ۾ اسنان ڪن ٿا، جنھن کي ڪُنڀ ميلو به سڏيو ويندو آھي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ محقق؛ ڊاڪٽر برڪت نوناري