ڪيڏارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪيڏارو __(Kedaro):

ڪيڏارو معنى ”جنگ جو ميدان“ ۽ برصغير ۾ ڪيڏارو/ڪيڏار هڪ راڳڻي جو نالو آهي، جيڪا موسيقيءَ جي چند ڄاڻن چواڻِي ڪلياڻ ٺاٺ ۾ شمار ٿئي ٿي. هن سر ۾ ميداني جنگ ۽ اتان جي حالات واقعن جو بيان اهڙي ته انداز سان ڪيو ويندو آهي، جهڙوڪر اکين اڳيان ٿيندو هجي؛ ظاهر آهي ته منظرنگاري هن جو خاص جز آهي .ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ موجب: ”ڪيڏارو سنسڪرت لفظ ’ڪيدار‘ جي بگڙيل صورت آهي، جنهنجي معنى آهي ’جنگ جو ميدان‘. هندستاني گوئين موجب ’ڪيداري‘ هڪ راڳڻي جو نالو آهي، جا ديپڪ راڳ جي پنجن ڀاريائن (زالن) مان هڪ آهي. شاهه لطيف جي سر ڪيڏاري جو شمار رزميه شاعريءَ ۾ ڪري سگھجي ٿو، هن سر ۾ شاهه لطيف ڪربلا جي شهيدن جي همٿ، شجاعت ۽ بهادريءَ کي بيان ڪيو آهي. سنڌي ادب ۾ سُر ڪيڏارو ٻن ٽن خاص حوالن سان چيو ويو آهي، هڪ: ڪربلا جو واقعو؛ ٻيو: کرڙيءَ جي جنگ جو احوال، ٽيون شاهه عنات جهوڪ واري جي شهادت جو واقعو. ’کرڙيءَ جي جنگ‘ ميرن ۽ شاهه شجاع الملڪ جي وچ ۾ سکر جي ڀر ۾ کرڙيءَ جي ميدان تي لڳي، جنهن ۾ سنڌ جا جوڌا پنهنجون چيلهون هڪٻئي سان ٻڌي پنهنجي ڌرتيءَ جي تحفظ لاءِ لڙيا ۽ ڪافي شهيد ٿي ويا؛ جن جي جوانمردي ۽ شهادت جو احوال خليفي نبي بخش لغاريءَ پنهنجي ڪلام ۾ سُر ڪيڏاري جي نالي سان ڪيو آهي. باقي سنڌ جي اڪثر شاعرن جي سر ڪيڏاري ۾ ڪربلا جي حوالي سان شاعري ڪئي آهي. صوفي صادق فقير ۽ شاهه عنات شهيد سلسلي جي شاعرن ’جهوڪ واري واقعي/ميرانپور جي معرڪي‘ تي به ڪيڏارو چيو آهي. جديد شاعرن ۾ استاد بخاري، راشد مورائي ۽ خاڪي جويي وغيره سنڌ جي سورهين ۽ قومي واقعن تي ”جديد ڪيڏارا“ لکيا آهن. [1].ڪيڏارو : راڳ ” ڪيڏارو“ به سنڌ جي پيداوار آهي، ڪن جو خيال آهي ته راڳداريءَ جو ”ڪدارو“ ۽ ”ڪيڏارو“ هڪڙو ئي نالو آهي، پر نه. راڳداريءَ جو ڪدارو يا ڪداري جا قسم هن راڳ کان بلڪل جدا آهن. هي راڳ عام ورتاءَ جو راڳ نه آهي، پر هي راڳ مخصوص آهي، محرم جي ڏينهن لاءِ. ”نغارن“، ”تعزين“، ”گهوڙن“، يا ”سيجن“، سان مڱڻهار فقير شرناءِ تي ڪيڏارو و‎ڄائين. محرم کان سواءِ ٻئي ڪنهن به محفل يا شاديءَ ۾ ڪيڏار نه وڄايو ويندو آهي. هي راڳ به شاه لطيف ﷥ جي ڏينهن کان وجود ۾ آيل آهي، ۽ اڄ تائين هلندو اچي ”ڪيڏارو راڳ ڪافي ٺاٺ جو راڳ آهي ۽ ”کاڊو سمپورن“ آهي، يعني هن راڳ ۾ ويندي صرف ڇهه سر لڳن ۽ ايندي ست ئي سر لڳن. هن راڳ جي آروهي هي آهي: روهي: سارکب تيور، مڌم شڌ، پنچم اچل، نکاد تبور ، سا. امروهي: سا، نکار تيور، ڌيوت تيور، پنجم، اچل، مڌم شد، گنڌار ڪومل، رکب تيور، سا. هن راڳ جي ”سا“ وادي ۽ پنجم سوادي ليکي ويندي آهي، هن راڳ کي سندس هم جنس راڳن جهڙوڪ ”ديسي“ يا ”سنڌورا“ کان جدا ڪرڻ لاءِ آروهيءَ ۾ ”گنڌار“ جو ڪمن به لڳائين ۽ ”نکاد“ ظاهر به ڪن ته هن راڳ جي شڪ ٻين راڳن کان جدا ٿيو وڃي. رسالي جو ڪيڏارو ۽ راڳ ڪيڏارو، ٻيئ شاهه لطيف ﷥ ايجاد ڪيا. هي دليل آهي ته جي ٻيو ڪو ڪيڏاري جا بيت لکي ها، ته سر نه ٺاهي سگهي ها، مگر اهو شاهه لطيف ﷥ ئي هو، جيڪو بيت به ٺاهيندو هو ته انهن جا سر به تيار ڪندو هو..[2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page11.html.  Missing or empty |title= (مدد)}