مواد ڏانھن هلو

ڪيڊميئم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪيڊميئم (Cadmium) هڪ ڪيميائي عنصر آهي؛ ان جو نشان Cd ۽ ايٽمي نمبر 48 آهي. هي نرم، چانديءَ جهڙو اڇو ڌاتو ڪيميائي طور تي گروپ 12 ۾ ٻن ٻين مستحڪم ڌاتن، زنڪ ۽ پاري سان ملندڙ جلندڙ آهي. زنڪ وانگر، اهو پنهنجي گھڻن مرڪبن ۾ آڪسيڊيشن حالت +2 ڏيکاري ٿو، ۽ پاري وانگر، ان جو پگهرڻ وارو نقطو گروپ 3 کان 11 واري منتقلي ڌاتن کان گهٽ آهي. گروپ 12 ۾ ڪيڊميئم ۽ ان جا اڪثر هيٺيان وارا عنصر منتقلي ڌاتو نه سمجهيا ويندا آهن، انهي ڪري ته انهن ۾ عنصري يا عام آڪسيڊيشن حالتن ۾ جزوي طور تي ڀريل (Partially filled) "d" يا "f" اليڪٽراني مدار (shell) نه هوندا آهن. ڌرتيءَ جي ڪرسٽ ۾ ڪيڊميئم جي ايٽمن جي سراسري موجودگي 0.1 ۽ 0.5 ذرڙا في 10 لک (ppm) جي وچ ۾ آهي. اهو 1817ع ۾ ٻن جرمن سائنسدان، اسٽروميئر ۽ هرمن پاران هڪ ئي وقت ۾، زنڪ ڪاربونيٽ ۾ نجاست جي طور تي دريافت ڪيو ويو.

تفصيل

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]