ڪيٽين جو ڪوٽ
ڪيٽين جو ڪوٽ(انگريزي: Katean Jo kot ) جهوني پراڻ درياء سان لاڳاپيل ۽ ماڻڪاڻي ميرن جو پهريون تخت گاهه هو، انهيءَ کان پوءِ ماڻڪاڻي ميرن ميرپورخاص کي پنهنجي رهائش لاءِ چونڊيو ۽ ڪيٽين جو ڪوٽ آهستي آهستي ٿي پراڻ جي ٻين شهرن وانگر تباهه ۽ برباد ٿي ويو. ڪيٽين جو ڪوٽ ”ونگي“ جي شهر جي زور ڍري ٿيڻ کان پوءِ، وجود ۾ آيو. ”ونگو“ شهر پراڻ کان اُڀرندي طرف آباد هو. ڪيٽين جي ڪوٽ کان اُهو شهر ميل ڏيڍ اوڀر طرف هو. ونگي ۾ نهڙيا، ميمڻ، لوهاڻا ۽ ٻيون ذاتيون رهنديون هيون. ”ونگو“ شهر پراڻ جي ڪنڌيءَ تي آباد پراڻن شهرن مان هو. انهيءَ شهر جو همعصر ٻيو شهر ”ولاسو“ هو، جو پراڻ جي پوڇڙيءَ ۾ واقع هو. اسان کي پراڻن تاريخي ڪتابن ۽ دستاويزن ۾ ”ونگو ۽ ولاسو“ گڏ نالا ملن ٿا، اهي شهر لاڙ جا مشهور شهر هئا ۽ هڪٻئي کان گهڻو پري هئا. ونگو شهر پنهنجي طاقت تڏهن بنهه وڃائي ويٺو، جڏهن ڪيٽين کي ماڻڪاڻي ميرن مان مير ٺاري خان تخت گاهه لاءِ چونڊيو[1].
تخت گاهه لاء چونڊ جا سبب
[سنواريو]مير ٺاري خان، ڪيٽين کي پنهنجي لاءِ هيٺين سببن ڪري چونڊيو هو.[1]:
1. ڪيٽين کي چؤطرف ڍوري پراڻ جو گهيرو هو. ڍورو پراڻ، اُن وقت هميشه پاڻيءَ سان ڀرجيو وهندو هو. انهيءَ ڪري ڪيٽين جي ڪوٽ لاءِ ڍورو پراڻ قدرتي بچاءَ واري خندق هو. ڪوبه دشمن جيڪڏهن ڪيٽين تي حملي لاءِ اچي ها، ته پهرين هن کي ڪٿان به ڍورو پراڻ اُڪرڻو پئي ها، پوءِ هـُـو پراڻ جي ڪيٽيءَ ۾ گهڙي سگهي ها ۽ يقيناً مير کيس ائين ڪرڻ نه ڏين ها. ٻيڙين تي بندوقن ۽ توبن جا وسڪارا ڪري، هنن کي ختم ڪري ڇڏين ها. فوجي لحاظ کان اِهو هنڌ تخت گاهه لاءِ موزون هو.[1].
2. ڪيٽين ۾ جهنگ ۽ وڏا ٻيلا هئا، جيڪي اڃا به آهن. اُهو جهنگ ميرن کي به ڪم ڏيندو هو. (الف) شڪار لاءِ (ب) جاچ جوچ لاءِ اهو ٻيلو ڪارائتو هو. جهنگ ۾ ڪافي جهنگلي جانور رهندا هئا. مير صاحب انهن جو شڪار ڪندا هئا. انهيءَ ڪري هنن کي گهر ويٺي شڪار ملي ويندو هو ۽ ان ريت هو شڪار جو شوق ڪيٽين جي رک وارن جانورن تي پورو ڪندا هئا. هونئن به ميرن کي شڪار جو شوق حد کان وڌيڪ رهندو هو. گهڻو ڪري هو پنهنجي شڪار لاءِ ٻيلا ۽ ڪيٽيون رکرائيندا هئا. هيءَ ڪيٽي ته انهيءَ شوق لاءِ سون تي سهاڳي جو ڪم ڏيندي هئي. ٻيءَ طرح سان هن جهنگ مان سندن خاص جاچ ڪندڙ ماڻهو پراڻ کان هـُـن پاسي جي ماڻهن جي چـُـرپـُـر تي وڻن پٺيان لڪي اک پيا رکندا هئا. ڪابه شڪ جهڙي ڳالهه پيدا ٿيندي هئي، ته مخصوص نمونن ۾ انهيءَ ساعت ميرن کي مطلع ڪيو ويندو هو ۽ دشمن کي صفحه هستيءَ تان مٽايو ويندو هو. ٻي هنڌ اهڙي مخصوص جاءِ ميرن کي مهيا ٿي نٿي سگهي، انهيءَ لاءِ ڪيٽيون ئي مناسب جاءِ هـُـئي، جيڪا ميرن جي گهرن کان سواءِ هڪ ٻيلي جي به حيثيت رکندڙ هئي..[1]
3. ٽيون سبب هي پڻ هو ته ماڻڪاڻي ميرن جو لاڙ ۾ ڪافي اثر رسوخ هو. لاڙ جو ٻهڊمي، سيراڻيءَ کان ويندي، بٺورو، شاهه بندر، ڪيٽي بندر، بلڪ گهوڙا ٻاريءَ تائين سندن ملڪ هو. ٿر وارن ماڻهن سان به هنن جو لڳ لاڳاپو هو. ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ فوجي نگران جي حيثيت ۾، هو پنهنجي ڇانوڻيءَ سان گڏ لاڙ ۾ گهاريندا هئا، انهيءَ ڪري لاڙ ۽ ٿر جا ماڻهو هنن کي ڪافي چاهيندا هئا، جنهن ڪري هنن ڪيٽين کي پنهنجو تخت گاهه بنايو. ڇوته اِها جاءِ ٿر ۽ لاڙ جي وچ ۾ واقع هئي ۽ هو پنهنجي رعيت کي بنهه ويجهو ٿـِـي ٿي رهيا. راجا جيترو رعيت کي ويجهو هوندو، اوترو ئي رعيت هن سان پنهنجا ڏک سور اوري سگهندي ۽ هـُـو پڻ رعيت جي جذبن کان آگاهه ٿي سگهندو. انهيءَ لحاظ کان به ڪيٽيون ماڻڪاڻي ميرن جو مناسب تخت گاهه هو.[1].
4. ڍوري پراڻ جي اُلهندي تان اڳي رڳو ميدان ئي ميدان هو. ميرن ڏاهپ ڪري ڪوٽ جا مورچا بنهه مٿي کڻايا هئا. انهن مورچن تي هر وقت نگاهه رکندڙ نگهبان رهندا هئا. اولهه کان ڪابه فوج يا لشڪر ايندو هو، ته ڪوهن کان نظر ايندو هو ۽ انهيءَ لشڪر يا فوج جو واٽ ۾ ئي صفايو ڪيو ويندو هو. اوڀر طرف کان جيتوڻيڪ ڪافي وڻڪار هئي، پر انهيءَ وڻڪار ۾ جونجهار جوان رهندا هئا، اُهي ته اهڙا وجهه پيا ڳوليندا هئا، ڪوبه دشمن جهنگ ۾ گهڙيو نه آهي ۽ ختم ٿيو نه آهي. انهيءَ لحاظ کان به ماڻڪاڻي ميرن جو هيءُ تخت گاهه ڪارائتو هو.[1].
5. ڪيٽين جي ڪوٽ کان سڌو سامونڊي رستو ڪڇ ڏانهن ٿي ويو. اُن کان سواءِ ڪيٽين کي ڪڇ ويجهو هو. انهيءَ ويجهڙائي سبب ميرن ڪڇ جي راجا سان برادريءَ وارا ناتا قائم ڪيا هئا. ڪڇ جو راجا ماڻڪاڻي ميرن سان برادريءَ جهڙا ناتا رکندو هو. ڪڇ کي ويجهي هئڻ ڪري، ماڻڪاڻي ميرن کي اِهو قرب ۽ محبت جو ناتو شهداداڻين کان وڌيڪ فائدي وارو هو. شهداداڻين وٽ ڪڇ جا سفير ايندا ويندا هئا، پر ڪڇ جي راجا جو جيڪو برادراڻو تعلق ماڻڪاڻي ميرن سان هو، سو آخر تائين قائم رهيو. اهي سبب هئا، جنهن ڪري مير ٺاري، پنهنجو تخت گاهه ڪيٽين کي بنايو ۽ موصوف پنهنجن عزيزن قريبن سان اُتي رهڻ لڳو. [1].