ڪيلڪيوليٽر


ڳڻپيوڪر (calculator) عام طور تي هڪ ننڍو اليڪٽرانڪ آلو (device) آهي، جيڪا بنيادي رياضي کان وٺي پيچيده رياضي تائين حساب ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
پهريون سالڊ اسٽيٽ اليڪٽرانڪ ڪيلڪيوليٽر سال 1960ع جي شروعات ۾ ٺاهيو ويو. 1970ع جي ڏهاڪي ۾، خاص طور تي انٽيل 4004، انٽيل پاران جاپاني ڪمپني بسيڪام لاءِ تيار ڪيل پهرين مائڪرو پروسيسر کانپوءِ، پاڪٽ سائز جا ڪيلڪيوليٽر دستياب ٿيا. جديد اليڪٽرانڪ ڪيلڪيوليٽر سستا، تحفي طور ڏيڻ وارا، ڪريڊٽ ڪارڊ جي سائيز جي ماڊلن کان وٺي بلٽ ان پرنٽر سان مضبوط ڊيسڪ ٽاپ ماڊل تائين مختلف آهن. ڇاڪاڻ ته انٽيگريٽڊ سرڪٽس (IC) جي شموليت سان انهن سائيز ۽ قيمت ۾ گهٽجي ويا، اها 1970ع جي وچ ڌاري مشهور ٿيا. انهيءَ ڏهاڪي جي آخر تائين، قيمتون ان حد تائين گهٽجي ويون هيون جتي هڪ بنيادي ڪيلڪيوليٽر گهڻن لاءِ سستو هو ۽ اهي اسڪولن ۾ عام ٿي ويا.
عام مقصد واري ڪيلڪيوليٽرن کانسواء، اهڙا ڪيلڪيوليٽر به آهن جيڪا مخصوص شعبن لاءِ ٺهيل آهن. مثال طور، سائنسي حساب ڪتاب جا ڪيلڪيوليٽر، جنهن ۾ ٽريگونوميٽرڪ ۽ شمارياتي حساب جا فنڪشن شامل آهن. ڪجھ ڪيلڪيوليٽر ڪمپيوٽر جي الجبرا ڪرڻ جي صلاحيت به رکن ٿا. گرافنگ ڪيلڪيوليٽر کي حقيقي لڪير، يا اعليٰ طول و عرض واري اقليدسي سطح تي بيان ڪيل ڪمن کي گراف ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. سال 2016ع تائين، بنيادي ڪمن وارا ڪيلڪيوليٽر ڪافي سستا هئا، پر سائنسي ۽ گرافيڪل ڪيلڪيوليٽر مهانگا هئا.
ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم، جيئن ته شروعاتي يونڪس آپريٽنگ سسٽم ۾ انٽرايڪٽو ڪيلڪيوليٽر پروگرام شامل هئا جهڙوڪ ڊي سي ۽ هاڪ ۽ انٽرايڪٽو بيسڪ (BASIC) پروگرامنگ کي 1970 ۽ 1980ع جي ڏهاڪن جي گهڻن ننڍي ڪمپيوٽرن تي حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا. ڪيلڪيوليٽر جا فنڪشن هاڻي گھڻن اسمارٽ فونز، ٽيبليٽس ۽ پرسنل ڊجيٽل اسسٽنٽ (PDA) قسم جي ڊوائيسن ۾ شامل آهن. اسمارٽ فونز ۽ ان جهڙين شين جي تمام گهڻي دستيابي سان، وقف ٿيل هارڊويئر ڪيلڪيوليٽر، جڏهن ته اڃا تائين وڏي پيماني تي استعمال ٿين ٿا، اڳي کان گهٽ عام آهن. سال 1986ع ۾، اها اڃا تائين دنيا جي عام مقصد جي هارڊويئر جي صلاحيتن جي لڳ ڀڳ %41 جي نمائندگي ڪندا هئا ته جيئن معلومات (data) کي ڳڻيو وڃي. سال 2007ع تائين، اها گهٽجي %0.05 کان گهٽ ٿي ويا. [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Martin Hilbert; Priscila López (1 April 2011). "The World's Technological Capacity to Store, Communicate, and Compute Information". Science 332 (6025): 60–65. doi:. PMID 21310967. Bibcode: 2011Sci...332...60H. http://www.uvm.edu/~pdodds/files/papers/others/2011/hilbert2011a.pdf.