مواد ڏانھن هلو

ڪيبي رياست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪيبي رياست
رياست
Kebbi State
ارگنگو ۾ ٿيڻ واري سالياني "ارگنگو ماھي گيري تهوار" جي تصوير
ارگنگو ۾ ٿيڻ واري سالياني "ارگنگو ماھي گيري تهوار" جي تصوير
Seal of Kebbi State
مہر
عرفیت: "برابري جي سر زمين"
نائيجيريا جي نقشي ۾ هائي لائٽ ٿيل ڪيبي رياست
نائيجيريا جي نقشي ۾ هائي لائٽ ٿيل ڪيبي رياست
متناسقات: 11°30′N 4°00′E / 11.500°N 4.000°E / 11.500; 4.000
ملڪ  نائجيريا
قائم ٿي 27 آگسٽ، 1991ع
راڄڌاني برنن ڪيبي
حڪومت
  مجلس ڪيبي رياست جي گورنمينٽ
  گورنر ناصر ادريس (APC)
  ڊپٽي گورنر ابوبڪر عمر ارگنگو (APC)
  قانون ساز ڪيبي جي رياستي اسيمبلي
  سينيٽر ادامو عليئو (PDP)

يحيي عبدالله(PDP)

موسي مئدوڪي (PDP)
  قومي اسيمبلي ۾ نمائندا فهرست
پکيڙ
  ڪل 36,800 ڪ.م2 (14,200 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو 10هون
آبادي (2006ع جي آدمشماري)
  ڪل 3,256,541[1]
  تخمينو  (2022ع) 5,563,900[2]

ڪيبي رياست (هائوسا: جهر ڪيبي؛ فولا: 𞤤𞤫𞤴𞤣𞤭 𞤳𞤫𞤦𞥆𞤭، لئيدي ڪيبي) اتر اولهه نائيجيريا ۾ هڪ رياست آهي، جنهن جي اوڀر ۾ سوڪوٽو رياست ۽ اتر ۾ زمفارا رياست ۽ ڏکڻ ۾ نائجر رياست آهي جڏهن ته ان جي اولهه سرحد بينن جمهوريه ۽ نائجر سان قومي سرحدن جو حصو بڻجي ٿي. رياست جو نالو برنين ڪيبي شهر؛ رياست جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏي شهر، تي رکيو ويو آهي. ڪيبي رياست 27 آگسٽ 1991ع تي سوڪوٽو رياست جي هڪ حصي مان ٺهي هئي.[3] علائقي ۾ نائيجيريا جي 36 رياستن مان، ڪيبي ڏهين نمبر تي وڏي ۽ ابادي ۾ سال 2023ع تائين اندازاً 60 لک آبادي سان 17هين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري رياست آهي.

جاگرافيائي طور تي، رياست ٽراپيڪل اولهه سوڊاني سوانا ايڪو ريجن ۾ آهي. اهم جاگرافيائي خاصيتن ۾ سوڪوٽو درياء شامل آهي جيڪو ڪيبي مان وهندو آهي نائجر ندي ۾، جيڪو ڪينجي ڍنڍ تائين پهچڻ کان اڳ ڏکڻ ڏانهن جاري رهي ٿو. رياست جي حياتي دائري ۾ وڏي تعداد ۾ مڇين جي نسلون، جيڪي وڏي پئماني تي ارگنگو مڇي مارڻ واري فيسٽيول دوران نمائش لاء رکي وينديون آهن، سان گڏ هپوپوٽيمس، ويسٽ آفريڪي مانٽي ۽ آفريقي بش هاٿين جي عارضي آبادي شامل آهن.[4]

نسلي طور تي، ڪيبي مختلف نسلي گروهن سان آباد آهي، جن ۾ فولاني، هائوسا ۽ زرما ماڻهو سڄي رياست ۾، جڏهن ته اچیپا، بوڪوبالا، ڊينڊي، ڊوڪاوا، ڪمباري، ڪموڪو، ليلا، پوڪو ۽ شانگا ماڻهو رياست جي متنوع مغربي ۽ ڏکڻ سرحدن تي رهن ٿا. مذهبي طور تي، رياست جي آبادي جي اڪثريت (%84 کان وڌيڪ) مسلمان آهن جڏهن ته باقي عيسائيت ۽ روايتي مذهبن جهڙوڪ بوري جا پيروڪار آهن.[5]

نوآبادياتي دور کان اڳ، اهو علائقو جيڪو هاڻي ڪيبي رياست آهي، بنيادي طور تي ڪيبي بادشاهت جي ڪنٽرول ۾ هو، هڪ هائوسا بنزا بڪوائي رياست، سال 1800ع جي شروعات تائين، جڏهن فولاني علائقي جو هڪ حصو قبضو ڪيو ۽ ان کي سوڪوٽو رياست جي تحت گوانڊو امارت ۾ شامل ڪيو. ايندڙ صدي دوران، ڪيبي جا حڪمران 1900ع ۽ 1910ع جي ڏهاڪي تائين، جڏهن برطانيه نائيجيريا جي ڪل علائقي کي پنهنجي نو آبادياتي قبضي هيٺ ڪيو، سوڪوٽو رياست سان وڙهندا رهيا. برطانوي ڪيبي کي پنهنجي اتر نائيجيريا پروٽيڪٽوريٽ جو حصو بڻايو، جيڪو بعد ۾ سال 1960ع ۾ نائيجيريا جي طور تي آزاد ٿيڻ کان اڳ برطانوي نائيجيريا ۾ ضم ٿي ويو.[6] اصل ۾، جديد دور جي ڪيبي رياست، نائيجيريا جي ازادي کان پوء، سال 1967ع تائين اترين علائقي جو حصو هئي، جڏهن هي علائقو ورهايو ويو، ڪيبي اتر-اولهه رياست جو حصو بڻجي ويو. اتر-اوڀر رياست جي ورهائڻ کان پوءِ، سوڪوٽو رياست 1976ع ۾ ڏهه ٻين رياستن سان گڏ ٺاهي وئي. ويهن سالن کان پوءِ، سوڪوٽو رياست جي اولهه ۽ ڏکڻ ۾ ڪجهه علائقن جو هڪ گروپ ٽوڙي نئين ڪيبي رياست ٺاهي وئي.

معاشي طور تي، ڪيبي رياست وڏي پيماني تي مڇي مارڻ ۽ زراعت، خاص طور تي سورگم، مونگ ڦلي، باجري، پياز ۽ چانورن جي فصلن تي، تي ٻڌل آهي.[7] معيشت جا ٻيئن اهم شعبن ۾ واپار، خاص طور تي برنن ڪيبي شهر ۾ ۽ اُٺن، ڍورن، ٻڪرين ۽ رڍن جي مال چارڻ آهن. ڪيبي ۾ انساني ترقي جو اشاريو سڀ کان گهٽ آهي ۽ هن جي جي ڊي پي ملڪ ۾ ڇهين نمبر تي گهٽ آهي.[8]

حوالا

[سنواريو]
  1. "2006 PHC Priority Tables – NATIONAL POPULATION COMMISSION", population.gov.ng (ٻولي ۾ en-US), اصل کان 10 آڪٽوبر 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 آڪٽوبر 2017۔
  2. "Kebbi State: Subdivision", www.citypopulation.de, حاصل ڪيل 05 فيبروري 2024۔
  3. "This is how the 36 states were created", Pulse.ng, حاصل ڪيل 22 December 2021۔
  4. Ojo, Demola, "Family of Elephants Make Kebbi Their Home", ThisDay, حاصل ڪيل 25 December 2021۔
  5. Okpanachi, Eyene (2011). "Between Conflict and Compromise: Lessons on Sharia and Pluralism from Nigeria Kaduna and Kebbi States". Emory International Review 25 (2): 900. https://scholarlycommons.law.emory.edu/eilr/vol25/iss2/7.
  6. George Steinmetz (1999). State/culture: state-formation after the cultural turn. Cornell University Press. p. 231. ISBN 0-8014-8533-9. https://books.google.com/books?id=3B-WGiysQGMC&pg=PA231. Retrieved 25 December 2021.
  7. "U.S. Ambassador Joins Kebbi Governor to Launch New Partnership with WACOT Rice to Improve Food Security", USAID, 20 May 2021, اصل کان 20 May 2022 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 25 December 2021۔
  8. "Human Development Indices", Global Data Lab, حاصل ڪيل 15 December 2021۔