ڪوڏ ۽ ڪوڏِي
ڏيک
ڪوڏ، ڪوڏيءَ کان جسامت ۾ وڏيڙو ٿتندو آھي. گھڻو ڪري اوٺار اٺن جي پاکڙن جي سجاوٽ ۾ استعمال ڪندا ھيا. ڪوڏِي، ڪنھن زماني ۾ سِڪي جي طور تي پڻ رھي ڪتب ايندي رھي آھي ۽ ڪوڏ پڻ. ان حساب سان ڪوڏ، پڻ قيمتي، ڪارائتو، ڪمائتو ۽ ڪشش رکڻ سبب ڪُڏائجندو رھيو آھي. ڪُڏڻ، کيڏڻ يا نچڻ جي معنيا رکڻ ۾ پڻ استعمال ٿيندو رھيو آھي جو چوندا آھن؛ ”فلاڻي جو ته لڻ به ڪُڏڻو آھي.“ يا فلاڻو ته ڪُڏَ کائيندو ٿو اچي. ورجيسي طور تي ڪُڏ، خوشيءَ جي معنيٰ ۾ پڻ استعمال ھيٺ رھيو آھي. [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ محقق؛ عبدلوھاب سھتو