مواد ڏانھن هلو

ڪوپن موسمياتي درجه بندي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪوپن موسمي درجه بندي (Köppen climate classification) زمين جي موسمن کي پنجن مکيه موسمياتي گروپن ۾ ورهائي ٿي، هر گروپ کي موسمي ورن ۽ گرمي پد جي نمونن جي بنياد تي ورهايو ويو آهي. پنج مکيه گروپ A (اُڀرندو: Tropical)، B (خشڪ: Arid)، C (معتدل: temperate)، D (براعظمي: continental) ۽ E (قطبي: Polar) آهن. هر گروپ ۽ ذيلي گروپ جي نمائندگي هڪ اکر سان ڪئي وئي آهي. سڀني موسمن کي هڪ، پهرين اکر جي ذريعي مکيه گروپ ڏنو ويو آهي. E گروپ کانسواء، سڀني موسمن کي هڪ ٻئين اکر ذريعي موسمي ورن جو ذيلي گروپ ڏنو ويو آهي. مثال طور، Af هڪ ٽراپيڪل برساتي ٻيلي واري آبهوا (Tropical rainforest climate) جي نشاندهي ڪري ٿو. اها نظام، A گروپ ۾ شامل سڀني ذيلي گروپن کان سواءِ، ٻين سڀني گروپن جي ذيلي گروپن لاءِ گرمي پد جي بنياد تي هڪ ذيلي گروپ مقرر ڪري ٿو، جيڪو B، C، D ۾ موسمن لاءِ ٽئين اکر ۽ E گروپ واري موسمن جي گروپ لاءِ ٻئي اکر سان ظاهر ٿئي ٿو. مثال طور Cfb گرم اونهاري سان گڏ هڪ سامونڊي آبهوا جي نشاندهي ڪري ٿو جيئن آخر ۾ b پاران اشارو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته Dwb هڪ نيم مون سون واري براعظمي آبهوا جي، گرم اونهاري سان گڏ، نشاندهي ڪري ٿو. موسمن کي، هر موسم جي قسم لاءِ منفرد مخصوص معيار جي بنياد تي درجه بندي ڪيو ويو آهي.[1]

ڪوپن موسمياتي درجه بندي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ موسمياتي درجه بندي اسڪيم آهي.[2] ها پهرين ڀيرا جرمن-روسي موسمياتي ماهر ولاديمير ڪوپن (1846-1940) پاران 1884 ۾ شايع ڪيو ويو، [3] [4] هن کان پوء ڪوپن پاران ڪيتريون ئي تبديليون، خاص طور تي 1918ع ۽ 1936ع ۾، ڪيون ويون. [5] [6] پوء، جرمن موسمياتي ماهر، روڊولف گائيگر (1894ع - 1981ع) سال 1954ع ۽ 1961ع ۾ درجه بندي جي نظام ۾ ڪجهه تبديليون متعارف ڪرايون، جن ڪري، هن کي ڪڏهن ڪڏهن ڪوپن-گيگر موسمياتي درجه بندي سڏيو ويندو آهي.[7][8]

ڪوپن هن نظام کي هڪ نباتات جي ماهر جي حيثيت سان پنهنجي تجربي جي بنياد تي ٺاهيو، سندس مکيه موسمي گروپ نباتات جي قسم جي لحاظ کان درجه بندي جي نمائندگي ڪن ٿا. موسمن جي سڃاڻپ ڪرڻ کانسواء نظام کي ماحوليات جي حالتن جو تجزيو ڪرڻ لاءِ ۽ موسمن اندر نباتات جي مکيه قسمن جي سڃاڻپ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. ڏنل علائقي جي ٻوٽن جي زندگي سان ان جي وابستگي جي ڪري، نظام ان علائقي اندر نباتات جي زندگي جي مستقبل ۾ تبديلين جي اڳڪٿي ڪرڻ ۾ ڪارآمد آهي.[9]

ڪوپن موسمي درجه بندي نظام کي سال 1966ع ۾ ٽريوارٿا موسمي درجه بندي نظام جي ذريعي وڌيڪ بهتر ڪيو ويو ۽ سال 1980ع ۾ هن تي نظرثاني ڪئي وئي. ٽريورٿا نظام هڪ وڌيڪ بهتر وچولو ويڪرائي آبهوا زون، جيڪو ڪوپن نظام ۾ عام طور تي گروپ C ۾ هڪ وڏي خامي (drawback) هئي، ٺاهڻ جي ڪوشش هئي. [10]

ڪوپن-گيگر موسمياتي نقشو 1991–2020[11]
  Af
  Am
  Aw
  As
  BWh
  BWk
  BSh
  BSk
  Csa
  Csb
  Csc
  Cwa
  Cwb
  Cwc
  Cfa
  Cfb
  Cfc
  Dsa
  Dsb
  Dsc
  Dsd
  Dwa
  Dwb
  Dwc
  Dwd
  Dfa
  Dfb
  Dfc
  Dfd
  ET
  EF


حوالا

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]
  1. Kottek, Markus; Grieser, Jürgen; Beck, Christoph; Rudolf, Bruno; Rubel, Franz (2006). "World Map of the Köppen-Geiger climate classification updated". Meteorologische Zeitschrift 15 (3): 259–263. doi:10.1127/0941-2948/2006/0130. Bibcode: 2006MetZe..15..259K. https://opus.bibliothek.uni-augsburg.de/opus4/files/40083/metz_Vol_15_No_3_p259-263_World_Map_of_the_Koppen_Geiger_climate_classification_updated_55034.pdf.
  2. "EnergyPlus™ Version 24.2.0 Documentation: Auxiliary Programs", EnergyPlus, 4 October 2024, ص: 52, حاصل ڪيل 22 January 2025۔
  3. Köppen, Wladimir (1884). "Die Wärmezonen der Erde, nach der Dauer der heissen, gemässigten und kalten Zeit und nach der Wirkung der Wärme auf die organische Welt betrachtet". Meteorologische Zeitschrift 20 (3): 351–360. 2011. doi:10.1127/0941-2948/2011/105. Bibcode: 2011MetZe..20..351K. http://koeppen-geiger.vu-wien.ac.at/koeppen.htm. Retrieved 2 September 2016.
  4. Rubel, F.; Kottek, M (2011). "Comments on: 'The thermal zones of the Earth' by Wladimir Köppen (1884)". Meteorologische Zeitschrift 20 (3): 361–365. doi:10.1127/0941-2948/2011/0285. Bibcode: 2011MetZe..20..361R.
  5. Köppen, Wladimir (1918), "Klassification der Klimate nach Temperatur, Niederschlag and Jahreslauf", Petermanns Geographische Mitteilungen 64, صص: 193–203, 243–248 ذريعي وٽان koeppen-geiger.Vu-Wien.ac.at/Koeppen.htm۔
  6. Köppen, Wladimir (1936), "C", ۾ Köppen, Wladimir; Geiger (publisher), Rudolf, Das geographische System der Klimate [The geographic system of climates] 1, Berlin: Borntraeger, اصل کان 4 March 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2 September 2016۔
  7. Geiger, Rudolf (1954), "Klassifikation der Klimate nach W. Köppen" [Classification of climates after W. Köppen], Landolt-Börnstein – Zahlenwerte und Funktionen aus Physik, Chemie, Astronomie, Geophysik und Technik, alte Serie (Berlin: Springer) 3: 603–607۔
  8. Geiger, Rudolf (1961), Überarbeitete Neuausgabe von Geiger, R.: Köppen-Geiger / Klima der Erde۔ (Wandkarte 1:16 Mill.) – Klett-Perthes, Gotha.
  9. Beck, Hylke E.; Zimmermann, Niklaus E.; McVicar, Tim R.; Vergopolan, Noemi; Berg, Alexis; Wood, Eric F. (30 October 2018). "Present and future Köppen-Geiger climate classification maps at 1-km resolution". Scientific Data 5. doi:10.1038/sdata.2018.214. ISSN 2052-4463. PMID 30375988. Bibcode: 2018NatSD...580214B.
  10. McKnight, Tom L; Hess, Darrel (2000). "Climate Zones and Types". Physical Geography: A Landscape Appreciation. Upper Saddle River, NJ: Prentice Hall. ISBN 978-0-13-020263-5. https://www.seaclean.no.
  11. Beck, Hylke E.; Zimmermann, Niklaus E.; McVicar, Tim R.; Vergopolan, Noemi; Berg, Alexis; Wood, Eric F. (30 October 2018). "Present and future Köppen-Geiger climate classification maps at 1-km resolution". Scientific Data 5. doi:10.1038/sdata.2018.214. ISSN 2052-4463. PMID 30375988. Bibcode: 2018NatSD...580214B.