ڪويتا ڪرشنن
ڪويتا ڪريشنن | |
|---|---|
| آل انڊيا پروگريسو وومينز ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري | |
| عهدي ۾ 2017–2022 | |
| پوليٽ بيورو جي ميمبر، CPIML لبريشن | |
| عهدي ۾ 2016–2022 | |
| ذاتي تفصيل | |
| ڄائو | ڪويتا ڪريشنن 1973 (عمر 52–53)[1] ڪونور، تمل ناڊو[1] |
| سياسي پارٽي | ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مارڪسسٽ-ليننسٽ) لبريشن |
| تعليم | ممبئي يونيورسٽي جواهر لال نهرو يونيورسٽي |
| پيشو | سياستدان انساني حقن جو ڪارڪن |
ڪويتا ڪريشنن هڪ عورتن جي حقن جي ڪارڪن آهي، جنهن 2012 ۾ دهلي ۾ نربھيا سان ٿيل اجتماعي زيادتي کانپوءِ عورتن خلاف تشدد جي مسئلي کي اجاگر ڪيو آهي۔[2]
ڪريشنن ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مارڪسسٽ-ليننسٽ) لبريشن جي پوليٽ بيورو جي ميمبر پڻ رهي چڪي آهي ۽ ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ ان جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر رهي آهي۔ هوءَ CPI (M-L) لبريشن جي ماهوار اشاعت لبريشن جي ايڊيٽر پڻ رهي ۽ AIPWA جي سيڪريٽري پڻ هئي۔[3][4]
شروعاتي پس منظر ۽ ذاتي زندگي
[سنواريو]ڪويتا ڪريشنن تمل والدين جي گهر ڪونور، تمل ناڊو ۾ ڄائي۔ هوءَ ڀلايي، ڇتيس ڳڙهه ۾ وڏي ٿي۔ سندس والد اسٽيل پلانٽ ۾ انجنيئر طور ڪم ڪندو هو، جڏهن ته سندس ماءُ انگريزي جي استاد هئي۔ هن سينٽ زيوريرس ڪاليج، ممبئي مان بي اي مڪمل ڪئي۔ بعد ۾، جواهر لال نهرو يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾ ايم فل حاصل ڪئي۔
ابتدائي سرگرمي
[سنواريو]ڪويتا ڪريشنن سينٽ زيوريرس ڪاليج، ممبئي (جيڪو ممبئي يونيورسٽي سان لاڳاپيل آهي) ۾ ارون فيريرا جي قيادت هيٺ ڪم ڪندڙ هڪ ٿيئٽر گروپ جو حصو بڻي، جتي هوءَ اسٽريٽ ڊرامن ۽ احتجاجن ۾ شرڪت ڪندي هئي۔ سندس سياسي جدوجهد جو اصل سفر جواهر لال نهرو يونيورسٽي (JNU) ۾ شروع ٿيو، جتي هن ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ 1995 ۾ اسٽوڊنٽس يونين جي جوائنٽ سيڪريٽري طور چونڊجي آئي۔ هوءَ JNU ۾ تعليم دوران آل انڊيا اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن (AISA) جي ميمبر پڻ رهي۔
هوءَ ان وقت سياسي سرگرمين ۾ گهڻو شامل ٿي، جڏهن هن چندرشېڪر پرساد سان ملاقات ڪئي، جيڪو JNU[5] جو شاگرد ۽ AISA جو ميمبر هو۔ چندو نالي سان مشهور، چندرشېڪر کي 31 مارچ 1997 تي سيوان، بہار ۾ CPI(ML) جي اڳواڻ شيام نارائن يادو سان گڏ قتل ڪيو ويو، جڏهن هو هڪ اسٽريٽ ميٽنگ کي خطاب ڪري رهيو هو۔ هن واقعي ڪويتا ڪريشنن جي جدوجهد واري زندگي ۾ نئون رخ پيدا ڪيو۔ چندرشېڪر، جيڪو JNU اسٽوڊنٽ يونين جو صدر به رهيو هو، ئي پهريون شخص هو جنهن کيس مڪمل وقت عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪرڻ جي صلاح ڏني۔
چندو جي قتل کان پوءِ JNU جي هزارين شاگردن راشٽريه جنتا دل جي اڳوڻي ايم پي محمد شاهاب الدين خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا، جن تي الزام هو ته قتل سندس ماڻهن ڪيو[6]۔ ڪويتا ڪريشنن دهلي ۾ مظاهرن جو حصو بڻي، جتي احتجاج ڪندڙ شاگردن تي لالو پرساد يادو جي حامين طرفان بہار ڀون تي حملو ڪيو ويو۔ احتجاج ۾ شموليت سبب هوءَ اٺ ڏينهن جيل ۾ به رهي۔[7][8]
نرڀيا احتجاج ۾ ڪردار
[سنواريو]2012 ۾ دهلي ۾ 23 ورهين جي ناري سان ٿيل زيادتي ۽ قتل کانپوءِ ٿيندڙ وڏن احتجاجن دوران،[9] ڪويتا ڪريشنن سڀ کان اثرائتي ڪارڪنن مان هڪ طور سامهون آئي۔ هن هن تحريڪ جي بحث کي نئين رخ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ دهلي جي وزيراعليٰ شيلا ڏڪشت جي گهر آڏو سندس ڪيل تقرير تيزيءَ سان يوٽيوب تي وائرل ٿي وئي، جيڪا هاڻي تائين 60,000 کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺي وئي آهي۔[10]
هن تقرير ۾، هن تحريڪ جو هڪ نئون منشور پيش ڪيو، جيڪو ان وقت جي تحفظاتي ۽ سيڪيورٽي تي زور ڏيندڙ نظريي کان بلڪل مختلف هو۔ هن جو بنيادي مطالبو عورتن جي بي خوف آزادي هو۔
ڪويتا ڪريشنن واضح طور تي ان راءِ جي مخالفت ڪئي ته موت جي سزا زيادتي جي حل طور ڪارگر ثابت ٿيندي۔ هن نشاندهي ڪئي ته ڀارت ۾ زيادتي جي سزا جو شرح تمام گهٽ آهي، ان ڪري ڪيميائي خصي ڪرڻ (chemical castration) يا موت جي سزا اصل مسئلي جو حل نه آهن۔[11][12]
هن عورتن جي "بي قيد آزادي" ۽ "بغير خوف جي آزادي" جي حق ۾ سخت موقف اختيار ڪيو، جيڪو 16 ڊسمبر کانپوءِ جي تحريڪ جو مرڪزي نعرو بڻجي ويو[13][14][15]۔ سندس نظريا وڏي پيماني تي شايع ٿيا ۽ "Freedom Without Fear" تحريڪ لاءِ هڪ مرڪزي نقطو بڻجي ويو۔[16][17][18][19][20]
سری لنڪا جی ایسٽر بم ڌماڪن تی بیان
[سنواريو]2019 ۾ سري لنڪا جي ايسٽر بم ڌماڪن تي، ڪويتا ڪريشنن ٽوئيٽر تي جلدبازيءَ سان دعويٰ ڪئي ته هي حملو مذهبن جي اقليتن خلاف اڪثريتي دهشتگردي جو عمل هو[21] The Quint جي صحافي کمتا ايچ جوس لکي ٿو، "ڪويتا ڪريشنن، جيڪا ڀارت جي کاٻي ڌُر جي هڪ اهم شخصيت آهي، بنا ڪنهن جاچ جي کولمبو بم ڌماڪن جو الزام سري لنڪا جي اڪثريتي (سنہالي) آباديءَ تي لڳايو—هيءَ کاٻي ڌُر جي انهيءَ روين جو هڪ ننڍڙو مثال آهي ته هو انتهاپسنديءَ يا دهشتگرديءَ کي ڪهڙي طرح ڏسن ٿا، ان ڳالهه تي دارومدار رکندي ته ڪير ان جو مرتڪب آهي۔"[22]
ايذاءُ
[سنواريو]هن صحافين کي ٻڌايو ته،
"هي ٽرول ... اهي منهنجي چمڙي جي رنگ، منهنجي نظر لاءِ باقاعدي طور تي، معمول مطابق منهنجي پٺيان پيا آهن، مون کي ٻڌائي رهيا آهن ته مان ريپ جي لائق نه آهيان، مون کي ڪهڙي قسم جي تشدد ۽ ريپ جو نشانو بڻايو وڃي، مون کي ٻڌائي رهيا آهن ته مون کي ڪهڙي قسم جي مردن سان سمهڻ گهرجي ... ۽ وڌيڪ ۽ وڌيڪ." [23]
سڃاڻپ
[سنواريو]هوء 2014 جي بي بي سي جي 100 عورتن مان هڪ طور سڃاتو ويو.[24]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "The Mass Mobiliser". 30 نومبر 1999. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 12 ڊسمبر 2015 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ Kumar, Sanjay. "Interview with Kavita Krishnan". The Diplomat. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 23 مَئي 2014 تي محفوظ ڪيل. 30 مَئي 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "AIPWA blog". AIPWA. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 31 مَئي 2014 تي محفوظ ڪيل. 30 مَئي 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "CPI (ML) Liberation | Links International Journal of Socialist Renewal". links.org.au. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 3 مارچ 2016 تي محفوظ ڪيل. 22 فيبروري 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Iqbal, Naveed. "The making of an activist". The Indian Express. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2 جُولاءِ 2015 تي محفوظ ڪيل. 25 مارچ 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Staff Reporter (24 مارچ 2012). "Three sentenced to life in Chandrasekhar murder case". The Hindu. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 27 فيبروري 2014 تي محفوظ ڪيل. 25 مارچ 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Krishnan, Kavita. "Tongueless in Tihar". Tehelka. اصل نسخو مان 2 اپريل 2015 تي محفوظ ڪيل. 25 مارچ 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "INDIA: Student leader arrested for 1997 protest". Green Left Weekly. 5 سيپٽمبر 2016. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 23 آڪٽوبر 2015 تي محفوظ ڪيل. 25 مارچ 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Ray, Tinku. "NPR Blogs". NPR. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 21 مارچ 2015 تي محفوظ ڪيل. 25 مارچ 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Kavita Krishnan, Secretary of the All India Progressive Women's Association (AIPWA)". YouTube. 19 ڊسمبر 2012. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 28 مارچ 2015 تي محفوظ ڪيل. 26 مارچ 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Freedom Without Fear Is What We Need To Protect, To Guard And Respect". Tehelka. اصل نسخو مان 8 May 2015 تي محفوظ ڪيل. 26 March 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "View Point: Kavitha Krishnan, Sheila Dixit and this rape culture". The Alternative. اصل نسخو مان 2 اپريل 2015 تي محفوظ ڪيل. 25 مارچ 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Jha, Nishita. "An Interview With Kavita Krishnan". Tehelka. اصل نسخو مان 17 October 2013 تي محفوظ ڪيل. 25 March 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "'On the death penalty for rape' Kavita Krishnan". Death Penalty Research Project, NLU. اصل نسخو مان 2 اپريل 2015 تي محفوظ ڪيل. 26 مارچ 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Sandhu, Veenu (29 ڊسمبر 2012). "Interview with Kavita Krishnan". Business Standard India. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2 اپريل 2015 تي محفوظ ڪيل. 26 مارچ 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Gupta, Rahila. "Women demand freedom, not surveillance - An Interview With Kavita Krishnan". Open Democracy. اصل نسخو مان 17 October 2013 تي محفوظ ڪيل. 26 March 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Rao, Dipanjali (9 جُولاءِ 2014). "Freedom without fear". Indian Link. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2 اپريل 2015 تي محفوظ ڪيل. 26 مارچ 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Rapists fear women's freedom; convene Parliament to pass bills on sexual violence: protester Kavita Krishnan". IBN Live. 26 March 2015 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: CS1 maint: deprecated archival service (ڳنڍڻو) - ↑ Banerjee, Poulomi (8 مارچ 2015). "Our right to pleasure is always ignored: Kavita Krishnan". IBN Live. اصل نسخو مان 26 مارچ 2015 تي محفوظ ڪيل. 26 مارچ 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Krishnan, Kavita. "Patriarchy, Women's Freedom and Capitalism: Kavita Krishnan". IBN Live. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 21 مارچ 2015 تي محفوظ ڪيل. 26 مارچ 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ سانچو:Cite tweet
- ↑ Jose, Khemta H (11 July 2019). "Liberals' Denial of Islamist Terror Lets Bigots Act Like Good Guys". The Quint. 4 February 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Godin, Melissa. "From Threats of Gang Rape to Islamophobic Badgering, Indian Women Politicians Face High Levels of Online Abuse, Says Repor". Time Magazine. اصل نسخو مان 23 January 2020 تي محفوظ ڪيل. 24 January 2020 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|accessdate=and|access-date=specified (مدد); More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد); Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Who are the 100 Women 2014?". BBC News (برطانوي انگريزي ۾). 2014-10-26. 2022-12-18 تي حاصل ڪيل.