مواد ڏانھن هلو

ڪونڍير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪونڍيِر(انگريزي: Koondher)ٿر ۾ برسات پوڻ تي جهنگ ۾ ترت ئي ’پپون‘ ۽ ’ڪونڍير‘ اُڀرندا آهن، اهي سنڌ جي ٻئي حصي ۾ ڪو نه ٿيندا آهن، جنهنڪري کين ’ٿر جا ميوا‘ سڏيندا آهن. ’ڪونڍير‘ جي ول جو نالو ’ڦڙسي‘ چئبو آهي، ان جي پاڙ ۾ پٽاٽي وانگر ڪونڍير ٿيندو آهي. مجازي طرح، سُهڻن ۽ اڀريل ڳلن واري ٻار کي ’ڪونڍير‘ چئبو آهي.[1] اُن جي ڳنڍ (ڪونڍير) پٽاٽي وانگر زمين جي اندر ٿيندي آهي. مٿان ول ٿيندي آهي، جنهن جي ڏانڊيءَ ۾ ڄار جا پن ٿيندا آهن، جن هن جي ڪري پاڙ ڳولي زمين مان ڪونڍير کوٽي ڪڍبو آهي. هيءَ ول مُرٽن، ڄارين، موراڙين، ڦوڳن، ڪرڙن ۽ ۽ ٻين وڻن ۾ اُڀري ۽ وڻ تي چڙهندي ويندي آهي. ڪونڍير مٿان نرم هلڪي ڀوري رنگ جي کل ٿيندي آهي، ۽ هوبهو پٽاٽي جهڙو پيو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اندر اڇي رنگ جو ڳڀ ٿيندو آهي. ٿورو ڪپڙي سان گَهِبو ته کل لهي ويندي ۽ ڳڀ ظاهر ٿي پوندو آهي. ٿري ماڻهو، خاص ڪري ٻار، ڪونڍير ۽ ول جا پن شوق سان کائيندا آهن. ڏينهن جو ٻار مال سان پَهري ويندا آهن، شام جو پنج – ست ڪونڍير ضرور آڻيندا آهن، جي پنهنجن ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڏيندا آهن. هنن جي ڀاڄي ڪا نه ڪبي آهي. اُن جا پن اُٺ ٻڪريون ۽ رڍون وغيره به کائيندا آهن. ڪونڍير هڪ هنڌان پٽي ٻئي هنڌ آلي واريءَ ۾ لڳائبو ته اُتي اُڀري پوندو آهي. ڪي ٻار جهنگ مان ڪونڍير آڻي پنهنجن گهرن جي لوڙن جي ڀرسان پوکيندا آهن[2].

حوالا

[سنواريو]
  1. {ڪھاڻي: ڪونڍير، تعارفي نوٽ، محمد عثمان ڏيپلائي}
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو