مواد ڏانھن هلو

ڪوشان سلطنت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪوشان سلطنت

कुषाणसाम्राज्यम् (سنسڪرت)
Κοϸανο (باختري)
Βασιλεία Κοσσανῶν (يوناني)
30ع–375ع
ٻي صدي عيسوي ۾ هندستان جو نقشو، جنهن ۾ ڪنشڪ اعظم جي دور ۾ ڪوشان سلطنت جي حدن کي ڏيکاريو ويو آهي  جو مقام
ٻي صدي عيسوي ۾ هندستان جو نقشو، جنهن ۾ ڪنشڪ اعظم جي دور ۾ ڪوشان سلطنت جي حدن کي ڏيکاريو ويو آهي
گاديءَ جو شهر پهرين صدي ق.م: ڪپيسي/پشڪلاوتي
پهرين صدي عيسوي کان: پروشپور/مٿورا
ٽين ۽ چوٿين صدي عيسوي: ٽيڪسلا
عام ٻوليون يوناني (ت.127 تائين سرڪاري)؛
باختري (ت.127 کان سرڪاري)؛
گنڌاري پراڪرت؛
ٻُڌ مت سان لاڳاپيل سنسڪرت
مذهب
هندومت؛
ٻڌمت؛
زردشتي مذهب
قوميت (demonym) ڪوشان (يوئه‌ژي)
حڪومت بادشاهت
تاريخي دور قديم ڪلاسيڪي دور
 ڪجولا ڪدفيسس طرفان يوئه‌ژي قبيلن کي گڏ ڪري اتحاد قائم ڪرڻ
30ع
 ساساني سلطنت، گپتا سلطنت ۽ هيفٿلائي جي هٿن زوال[1]
375ع

ڪوشان سلطنت (ت.30ت.375 عيسوي) هڪ مذهبي، ثقافتي ۽ تهذيبي لحاظ کان گڏيل (syncretic) سلطنت هئي، جيڪا "يوئاژي" قوم پاران پهرين صدي عيسوي جي شروعات ۾ باختر (Bactria) جي علائقن ۾ قائم ڪئي وئي. هي سلطنت آهستي آهستي ڦهلجي، موجوده افغانستان، پاڪستان، ڀارت، اولھه نيپال، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي وڏن حصن تي پکڙجي وئي.[2] ڀارت اندر، ڪوشان سلطنت جون حدون گهٽ ۾ گهٽ ساڪيت ۽ سارناٿ تائين پهتل هيون، جيڪي اڄ ضلع وارانسي جي ويجهو آهن، جتي ڪوشان شهنشاهه ڪنشڪا اعظم جي دور سان لاڳاپيل لکتون مليون آهن.

ڪوشانن جو تعلق غالباً يوئاژي اتحاد جي پنج شاخن مان هڪ سان هو، جيڪي هڪ هند-يورپي نسل جي خانہ بدوش قوم هئا، جن جو امڪاني تعلق ٽوچاري نسل سان ٻڌايو وڃي ٿو. اهي قومون اتر-اولهه چين (سنڪيانگ ۽ گانسو) مان لڏي، قديم باختر ۾ آباد ٿيون. ڪشان خاندان جو باني ڪجولا ڪدفيسس هو، جنهن يوناني ۽ ايراني ثقافتي عنصر اختيار ڪيا ۽ شيومت سان لاڳاپيل هو. ان کان پوءِ ايندڙ ڪيترائي ڪوشان بادشاهه پڻ هندومت جا سرپرست رهيا، ۽ گڏوگڏ ڪشان سلطنت ٻُڌ مت جي وڏي سرپرست رهي، خاص طور شهنشاهه ڪنشڪ اعظم (Kanishka the Great) جي دور ۾. ڪشانن جو هڪ وڏو تاريخي ڪردار وچ ايشيا ۽ چين ڏانهن مهايانا ٻُڌ مت جي ڦهلاءُ ۾ رهيو ۽ تقريباً ٻه سئو سال جاري رهندڙ امن واري دور کي مؤرخن طرفان ڪڏهن ڪڏهن "پيڪس ڪشان" (Pax Kushana) پڻ سڏيو وڃي ٿو.

آغاز

[سنواريو]
يوئاژي امير ۽ باهه جي قربانگاهه وٽ پجاري. نوئين-اولا.[3][4]

چيني ذريعا Guìshuāng (貴霜), يعني ڪوشانن، کي يوئاژي اتحاد جي پنج اعليٰ (ارستقراطي) قبيلن مان هڪ طور بيان ڪن ٿا.[5] ڪيترائي عالم سمجهن ٿا ته يوئازي قوم جو تعلق هند-يورپي )(Proto-Indian European) نسل سان هو.[6][7] يوئازيءَ جي خاص طور ٽوچاري اصلت گهڻو ڪري تجويز ڪئي وڃي ٿي.[6][8][9][10][11][12] ڪجهه عالمن طرفان يوئه‌ژيءَ لاءِ ايراني، خاص طور سڪا (Saka) اصلت پڻ پيش ڪئي وئي آهي.[13]

يوئاژيءَ کي ريڪارڊس آف دي گريٽ هسٽورين ۽ بڪ آف هان ۾ اهڙي قوم طور بيان ڪيو ويو آهي، جيڪا اوڀر سنڪيانگ ۽ جديد چين جي اتر-اولهه گانسو (Gansu) جي گاھ وارن ميدانن ۾ رهندي هئي، جيستائين انهن جي بادشاهه کي ژيونگ نو (Xiongnu) هٿان قتل (سِر قلم) ڪيو ويو، جيڪي چين سان پڻ جنگ ۾ هئا. ان واقعي کان پوءِ يوئه‌ژيءَ کي مجبوراً 176–160 ق.م. جي دوران اولهه طرف هجرت ڪرڻي پئي.[14] يوئاژيءَ جي پنج قبيلن کي چيني تاريخ ۾ Xiūmì (休密)، Guìshuāng (貴霜)، Shuāngmǐ (雙靡)، Xìdùn (肸頓)، ۽ Dūmì (都密) طور سڃاتو وڃي ٿو.

نسلي نالو (ethnonym) "KOϷϷANO" (Koshshano، "Kushan") يوناني الف-بي ۾ (۽ اضافي حرف Ϸ، "Sh" سان) پهرين ڄاتل ڪوشان حڪمران هيرايوس (پهرين صدي عيسوي) جي سڪن تي.

يوئه‌ژيءَ لڳ ڀڳ 135 ق.م. جي قريب اتر افغانستان ۽ ازبڪستان جي علائقي ۾ موجود يوناني (هلينڪ) سلطنت يوناني-بڪٽريا تائين پهتا. جن يوناني حڪمران خاندانن کي هتان کان هٽايو ويو، اهي پوءِ ڏکڻ-اوڀر طرف هندوڪُش (اڄوڪي افغانستان ۽ پاڪستان) ۽ سنڌو درياھ جي وادي (اڄوڪي پاڪستان ۽ ڀارت) ۾ لڏي ويا، ۽ اتي هند-يوناني سلطنت جي اولهه حصي تي قابض رهيا.[حوالو گهربل]

ڏکڻ ايشيا ۾، ڪوشان شهنشاھ پنهنجن سڪن تي باقاعدگي سان خانداني نالو ΚΟϷΑΝΟ ("ڪوشانو") استعمال ڪندا هئا.[15] جڏهن ته سنسڪرت جون ڪيتريون ئي لکتون براهمي لِپي ۾، جهڙوڪ مٿرا ۾ وِما ڪدفيسس جي مورتيءَ واري لکت، ڪوشان شهنشاھ کي ، Ku-ṣā-ṇa ("Kushana") طور بيان ڪن ٿيون.[15][16] بعد وارن ڀارتي ادبي ذريعن ۾ ڪوشانن کي تروشڪا پڻ چيو ويو آهي، جيڪو بعد جي سنسڪرت متنن ۾[note 1] Tترڪ سان ڳنڍجي ويو، "شايد انهيءَ ڪري جو توخاريستان ستين صديءَ ۾ اولھ ترڪ خاقانيت جي هٿ ۾ هليو ويو."[17][18] جان ايم روزن فيلڊ موجب، Turushka، توخرا يا توخارہ ڀارتي تحريرن ۾ لفظ توخاري جون ئي مختلف صورتون آهن.[19] تنهن هوندي به، وينڪ موجب: "اڄڪلهه ڪوبه مؤرخ انهن کي ترڪي-منگولائيڊ يا 'هون' نه ٿو سمجهي، جيتوڻيڪ انهن جي مرڪزي ايشيائي اصلت بابت ڪو شڪ ناهي."[17]

اوائلي ڪوشان

[سنواريو]
ڪوشان حڪمران جو سر، مٿرا ميوزيم
ڪوشان شهنشاهه جي مُهر (سگنيٽ رنگ)، برطانوي ميوزيم
شروعاتي ڪوشان سڪو، يوناني لکت سان

چيني تاريخي ماخذن مطابق، يوئاژي (Yuezhi) قبيلن مان هڪ، يعني گُئي‌شوانگ / ڪوشان، آهستي آهستي ٻين يوئه‌ژي قبيلن تي بالادستي قائم ڪئي. هي عمل پهرين صدي قبل مسيح جي آخر ۽ پهرين صدي عيسوي جي شروعات ۾ ٿيو. ان وقت تائين، يوئه‌ژي قبيلن جو اتحاد هڪ منظم سياسي قوت ۾ تبديل ٿي رهيو هو، جنهن جو مرڪز بڪٽريا (اڄوڪو اتر افغانستان ۽ ڏکڻ ازبڪستان) هو.[20]

چيني تاريخي ڪتاب ھائو ھنشو (後漢書) ڪوشانن جي عروج بابت هيٺيون اهم بيان ڏئي ٿو:

「貴霜王丘就卻,略有其餘四翕侯國,并為一國,號貴霜。」
"گُئي‌شوانگ جو بادشاهه قيو جيوچيو (Qiujiuque) ٻين چار زِهو قبيلن کي شڪست ڏئي انهن کي پنهنجي ماتحت ڪيو، ۽ سڀني کي گڏ ڪري هڪ واحد رياست قائم ڪئي، جنهن کي ڪوشان چيو ويو."

[21]

هن بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته شروعاتي ڪوشان حڪمران، جنهن کي گهڻو ڪري جديد مؤرخن هيرايوس يا قيو جيوچيو سان سڃاڻن ٿا، سياسي ۽ فوجي طاقت ذريعي يوئه‌ژي اتحاد کي هڪ بادشاهي ۾ تبديل ڪيو. هيرايوس جا سڪا، جن تي يوناني رسم الخط استعمال ٿيل آهي، هن دور جي ثقافتي امتزاج کي ظاهر ڪن ٿا، جنهن ۾ هلينسٽڪ (يوناني) ۽ وچ ايشيائي روايتون گڏيل صورت ۾ نظر اچن ٿيون.[22]

ابتدائي ڪوشان دور ۾، حڪمرانن پاڻ کي "بادشاهن جا بادشاهه" نه پر قبائلي سردار يا مقامي حڪمران طور پيش ڪيو. انهن جو بنيادي ڌيان واپار جي ڪنٽرول تي هو، خاص طور تي اهي رستا جيڪي وچ ايشيا کي ڏکڻ ايشيا ۽ ايران سان ڳنڍيندا هئا. اهڙيءَ ريت، ڪوشان رياست جلد ئي ريشم روڊ جي اهم ڪڙي بڻجي وئي.[23]

ابتدائي ڪوشانن جي طاقت جو بنياد بڪٽريا ۾ رهيو، پر ڪجهه ئي ڏهاڪن ۾ هنن پنهنجو اثر هندوڪُش پار ڪري گنڌارا ۽ مٿرا تائين وڌايو، جيڪو بعد ۾ ڪوشان سلطنت جي مڪمل توسيع جو بنياد بڻيو.

ڪُجولا ڪدفيسس جي شاھي توسيع

[سنواريو]
ڪُجولا ڪدفيسس جو سڪو (يوناني–خروشتی لکت)
پهرين صدي عيسوي ۾ ڪوشان سلطنت جي توسيع
ڪوشان دور جو گندهارا فن

ڪوشان سلطنت جي حقيقي سامراجي توسيع ڪُجولا ڪدفيسس جي دور ۾ ٿي، جيڪو پهرين صدي عيسوي جي وچ ڌاري حڪمران رهيو. تاريخي ۽ سڪن جي شاهدي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪُجولا، شروعاتي قبائلي قيادت کي هڪ منظم بادشاهت ۾ تبديل ڪيو ۽ ڪوشانن کي علائقائي طاقت مان بين الاقوامي سلطنت بڻايو.[24]

ڪُجولا ڪدفيسس جو سڀ کان اهم قدم هندوڪُش جبلن کي پار ڪري گنڌارا ۽ ڪابل ماٿري تي قبضو ڪرڻ هو. هن توسيع سان ڪوشانن کي ڏکڻ ايشيا ڏانهن واپار جا اهم رستا مليا، خاص طور تي اهي شاهراهيون جيڪي ريشم روڊ کي سنڌو ماٿري سان ڳنڍينديون هيون. چيني ماخذ ھوئو ھانسو موجب، ڪُجولا پاڙيسري بادشاهتن کي يا ته فتح ڪيو يا پنهنجي ماتحت آندو، جنهن سان ڪوشان اقتدار مستحڪم ٿيو.[25]

سڪن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪُجولا ڪدفيسس شروعات ۾ يوناني حڪمرانن جي سڪن جي نقل ڪئي، جن تي يوناني رسم الخط ۽ عنوان استعمال ڪيا ويا. بعد ۾، هن پنهنجي نالي سان سڪا جاري ڪيا، جن تي پاڻ کي ΒΑΣΙΛΕΥΣ (بادشاهه) سڏيو ويو. هي عمل سياسي خودمختياري ۽ سامراجي حيثيت جو واضح اظهار ھو.


گھڻ رخا ثقافتي اثرات

[سنواريو]

پھريائين صدي ق.م. ۾ گوئشوانگ (چيني: 貴霜) قبيلي ٻين يوئژهي قبيلن تي برتري حاصل ڪئي، ۽ ڪمانڊر ڪجولا ڪدفيسس جي اڳواڻيءَ هيٺ کين هڪ مضبوط اتحاد (ڪنفيڊريشن) ۾ ٻڌي ڇڏيو.[26] نالو گوئشوانگ مغرب ۾ اختيار ڪيو ويو ۽ پوءِ تبديل ٿي ڪوشان بڻيو، جيڪو ان اتحاد لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو، جڏهن ته چيني کين اڃا به يوئژهي ئي سڏيندا رهيا.

اسڪٿين قبيلن کان علائقي جو ڪنٽرول آهستي آهستي کسي، ڪوشان ڏکڻ طرف اُن خطي ۾ وڌيا جيڪو روايتي طور گنڌارا سڏبو هو (اهو علائقو گهڻو ڪري پاڪستان جي پوتوهار ۽ خيبر پختونخوا وارن علائقن ۾ آهي)، ۽ هنن ٻه گڏيل گاديون قائم ڪيون: ڪاپيسا (اڄوڪي بگرام ڀرسان)[27] ۽ پشڪلاوتي (بعد ۾ چارسده).[26]

يوناني الفابيٽ (تنگ ڪالم) سان گڏ ڪوشان خط (ويڪرا ڪالم)

ڪوشانن باختر جي هلينسٽڪ ثقافت جا عنصر اختيار ڪيا. هنن يوناني الفابيٽ کي پنهنجي ٻوليءَ مطابق ڍاليو (۽ پوءِ Þ حرف "ش" لاءِ تيار ڪيو ويو، جيئن "Kushan" ۾) ۽ جلد ئي يوناني نموني تي سڪا ٽڪساڻ شروع ڪيا. هنن پنهنجن سڪن تي يوناني ٻوليءَ جا ليجنڊ پالي ليجنڊن ( خروشي لِپِيءَ ۾) سان گڏ استعمال ڪيا، ڪنشڪ جي دور جي شروعاتي سالن تائين. ڪنشڪ جي راڄ جي وچ واري دور کان پوءِ، هنن ڪوشاني ٻوليءَ جا ليجنڊ (ترميم ٿيل يوناني لِپيءَ ۾) استعمال ڪيا، گڏوگڏ يوناني (يوناني لِپيءَ ۾) ۽ پراڪرت (خروشي لِپيءَ ۾) جا ليجنڊ به شامل رکيا.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٻئي صدي عيسويءَ ۾ يوناني آباديءَ ۽ ڪوشانن جي گڏيل تعاون جا ثبوت ملن ٿا. ظاهر آهي ته سرخ ڪوٽل ۾ ڪوشان مندر جو مکيه معمار هڪ يوناني شخص پالاميڊيس هو. هڪ يوناني لکت ملي آهي جيڪا هن طرح پڙهي وڃي ٿي: ΔΙΑ ΠΑΛΑΜΕΔΟΥΣ، يعني dia Palamedous، جنهن جو مطلب آهي "پالاميڊيس وسيلي" يا "پالاميڊيس جي هٿان". ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هلينسٽڪ آبادي باختر ۾ ڪوشان دور تائين موجود رهي، ۽ اهو به سمجهه ۾ اچي ٿو ته يوناني الفابيٽ کي باختري/ڪوشاني ٻوليءَ تي ڪيئن لاڳو ڪيو ويو.[28]

ڪنشڪ پهرئين جو ابتدائي سون جو سڪو، يوناني ٻوليءَ جي ليجنڊ ۽ هلينسٽڪ ديوتاهه هيليوس سان. (تقريباً عيسوي 120).
مُهاڙو: ڪنشڪ بيٺل، ڳري ڪوشاني ڪوٽ ۽ ڊگها بوٽ پاتل، ڪلهن مان باهه نڪري رهي آهي، کاٻي هٿ ۾ جهنڊو جهليل، ۽ قربانيءَ طور قربانگاهه مٿان رسم ادا ڪري رهيو آهي. يوناني ليجنڊ:
ΒΑΣΙΛΕΥΣ ΒΑΣΙΛΕΩΝ ΚΑΝΗϷΚΟΥ
Basileus Basileon Kanishkoy
"[سڪو] ڪنشڪ جو، بادشاهن جو بادشاه".
پُٺاڻو: هيليوس هلينسٽڪ انداز ۾ بيٺل، ساڄي هٿ سان دعا/برڪت وارو اِشارو. يوناني لِپيءَ ۾ ليجنڊ:
ΗΛΙΟC Helios
کاٻي پاسي ڪنشڪ جو مونوگرام (تمغہ).

ڪوشانن "گهڻيون مقامي عقيدتون ۽ رواج اختيار ڪيا، جن ۾ زرتشت مذهب ۽ علائقي جون ٻه اڀرندڙ مذهبي تحريڪون، يعني يوناني ڪلٽ ۽ ٻڌ ڌرم شامل هئا".[27] ويما تڪتو جي زماني کان ڪيترائي ڪوشان ٻڌ مت جي ثقافت جا پهلو اختيار ڪرڻ لڳا، ۽ مصريئن وانگر هنن هلينسٽڪ بادشاهتن جي يوناني ثقافت جا مضبوط اثر به جذب ڪيا، جنهن سبب هو گهٽ ۾ گهٽ جزوي طور هلينائزڊ ٿي ويا. عظيم ڪوشاني شهنشاهه ويما ڪدفيسس، جيڪو ڪنشڪ جو پيءُ هو، شيوا مت (هندومت جي هڪ شاخ) کي اختيار ڪيو، جيئن اُن دور جي سڪن مان اندازو ٿئي ٿو.[29] ان کان پوءِ وارن ڪوشاني بادشاهن مختلف عقيدا ظاهر ڪيا، جن ۾ ٻڌ ڌرم، زرتشت مذهب ۽ هندومت جو شيوا مت شامل آهن.

ڪوشانن جي حڪمراني هندستاني سمنڊ واري سامونڊي واپار کي ريشم راهه جي واپار سان ڳنڍيو، جيڪو پراڻي تهذيب يافته سنڌو ماٿري وسيلي گذرندو هو. سلطنت جي عروج تي ڪوشانن هڪ وسيع علائقي تي ڍِلو پر وڏو اثر رکيو، جيڪو ارال سمنڊ تائين (اڄوڪي ازبڪستان وسيلي)، افغانستان، پاڪستان ۽ اتر ڀارت تائين پکڙيل هو.[26]

اهڙي وسيع خطي جي ڍِلي وحدت ۽ نسبي امن ڊگهي فاصلي واري واپار کي وڌايو، چين جا ريشمي ڪپڙا روم تائين پهچايا، ۽ ڪيترن خوشحال شهري مرڪزن جون قطارون پيدا ڪيون.[26]


حدودي واڌ

[سنواريو]

سانچو:ايشيا کنڊ 100ع ۾

روزن فيلڊ لکي ٿو ته ڊگهي عرصي واري ڪوشاني حڪمراني جا آثار قديمه جا ثبوت اهڙي علائقي ۾ موجود آهن جيڪو سرخ ڪوٽل کان وٺي ڪاپيسا (ڪوشانن جي اونهاري گادي)، پُروشا پُرا (اڄوڪو پشاور)، جيڪو ڪنشڪ پهرئين جي دور ۾ گادي هو، ٽيڪسيلا ۽ مٿورا (ڪوشانن جي سياري گادي) تائين پکڙيل آهي.[30] ڪوشانن پهريون ڀيرو اهڙي حڪمراني جو نمونو متعارف ڪرايو، جنهن ۾ ڪشترپ (برهمي:, Kṣatrapa, "ستراپ") ۽ مهڪشترپ (برهمي: , Mahakṣatrapa, "وڏو ستراپ") شامل هئا.[31]

ممڪن حڪمراني وارا ٻيا علائقا خوارزم ۽ اُن جو گادي شهر ٽوپراڪ-ڪلا،[30][32] ڪوسامبي ( الله آباد يونيورسٽي جون کوٽايون)،[30] سانچي ۽ سارناٿ (جتي ڪوشان بادشاهن جا نالا ۽ تاريخون وارين لکتن جا ثبوت ملن ٿا)،[30] مالوا ۽ مهاراشٽر،[33] ۽ اوڊيشا (ڪوشاني سڪن جون نقلون ۽ وڏا سڪن جا ذخيرو).[30]

سانچو:Clarify span لکت جون لائينون 4 کان 7 ڪنشڪ جي ماتحت شهرن جو ذڪر ڪن ٿيون،[note 2] جن مان ڇهه نالا سڃاڻپ لائق آهن: اُجين، ڪُندينا، سڪيٽا، ڪوسامبي، پاٽلي پُتر، ۽ چمپا (جيتوڻيڪ متن مان صاف ناهي ته چمپا ڪنشڪ جي ملڪيت هو يا اُن کان اڳتي).[34][note 3][35][36] ٻڌ مت جو متن Śrīdharmapiṭakanidānasūtra—جيڪو چيني ترجمي ذريعي معلوم ٿئي ٿو (عيسوي 472)—پاٽلي پُتر جي ڪنشڪ هٿان فتح جو ذڪر ڪري ٿو.[37] ٻئي صدي عيسويءَ جي هڪ پٿر جي لکت، هڪ "وڏي ستراپ" روپيامما جي نالي سان، پاؤني ۾ ( نرمدا درياهه جي ڏکڻ) ملي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪوشان اثر ايترو ڏکڻ تائين وڌيل هو، جيتوڻيڪ ممڪن آهي ته اهو علائقو مغربي ستراپن جي ڪنٽرول ۾ به رهيو هجي.[38]

اوڀر ۾ حد بنگال تائين: ساماتتا ۾ بادشاهه ويرا جدمره جا سڪا، ڪنشڪ پهرئين جي ڪوشاني سڪن جي نقل طور. ليجنڊ جو متن بي معنيٰ نقل آهي. بنگال، تقريباً ٻئي-ٽئين صدي عيسوي.[39]

اوڀر ۾، ٽئين صدي عيسويءَ جي آخر تائين، هوويشڪ جا سجايل سڪا بودھ گايا ۾ ٻين سون جي نذرن سان گڏ "بودهه جي روشنائيءَ واري تخت" هيٺ پيش ڪيا ويا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اُن دور ۾ به علائقي تي ڪوشاني اثر موجود هو.[40] ڪوشاني سڪا گهڻائيءَ سان بنگال تائين ملن ٿا، ۽ قديم بنگالي رياست ساماتتا به ڪنشڪ پهرئين جي سڪن جي نقل تي سڪا جاري ڪيا، شايد گهڻو ڪري واپاري اثر سبب.[41][39][42] ڪوشاني سڪن جي نقل ۾ سڪا اوڀر جي رياست اُڙيسا ۾ به گهڻائيءَ سان مليا آهن.[43]

اولهه ۾، ڪوشاني رياست پاراتا رياست (بلوچستان)، اولهه پاڪستان، افغانستان، ڪرغيزستان، تاجڪستان، ازبڪستان ۽ ترڪمانستان تائين پکڙيل هئي. ترڪمانستان ۾ ڪوشانن جو ٻڌ مت وارو شهر مرو مشهور هو.[30]

اتر طرف، پهرين صدي عيسويءَ ۾ ڪجولا ڪدفيسس تارم طاس ڏانهن فوج موڪلي ته جيئن ڪوچا شهر-رياست جي مدد ڪري، جيڪا علائقي ۾ چيني حملي کي روڪي رهي هئي؛ پر ٿوريون جهڙپون ٿيڻ کان پوءِ هو واپس موٽي آيا.[44] ٻي صدي عيسويءَ ۾، ڪنشڪ جي دور ۾ ڪوشانن تارم طاس ۾ ڪيتريون چڙهائيون ڪيون، ۽ چيني ماڻهن سان سندن گهڻا لاڳاپا رهيا. ڪنشڪ وٽ تارم طاس جا اهي علائقا هئا جيڪي غالباً اُن قديم علائقن سان ميل کائين ٿا، جيڪي اڳ ۾ يوئه-ژهي وٽ هئا (ڪوشانن جا ممڪن ابن ڏاڏا). ڪشغر، يارڪند ۽ ختن ۾ سڪن تي ڪوشاني اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو.[45] چيني تواريخن موجب، ڪوشانن (چيني ماخذن ۾ دا يوئژهي سڏيل) هڪ هان شهزادي جي گهر ڪئي، پر انڪار ڪيو ويو، جيتوڻيڪ هنن چيني درٻار کي تحفا موڪليا هئا. جواب طور، هو عيسوي 90 ۾ بان چاؤ ڏانهن 70,000 جي فوج سان وڌيا، پر ننڍڙي چيني فوج هٿان شڪست کاڌائون. چيني تواريخي احوال ڪوشانن ۽ چيني جنرل بان چاؤ وچ ۾ جنگين جو ذڪر ڪن ٿا.[36] يوئژهي پوئتي هٽي ويا ۽ چيني سلطنت کي خراج ڏيڻ لڳا. تارم طاس جا علائقا آخرڪار بان چاؤ فتح ڪيا. پوءِ، يُوانچُو دور (عيسوي 114–120) ۾ ڪوشانن فوج موڪلي ۽ چنپان کي—جيڪو اڳ ۾ سندن وٽ يرغمال رهيو هو—ڪشغر جو بادشاهه مقرر ڪرايو.[46]

ڪوشاني قلعي بنديون

[سنواريو]

ڪيترائي ڪوشاني قلعا سڃاتا وڃن ٿا، خاص طور باختر ۾، جيڪي گهڻو ڪري هلينسٽڪ قلعن جي مٿان ٻيهر تعمير ڪيا ويا، جيئن ڪمپير تيپي.[47][48] اهي عام طور تيراندازن لاءِ تير جي شڪل وارن لوپ هولن سبب سڃاتا وڃن ٿا.[47]

تاريخ

[سنواريو]

ڪوشاني حڪمرانن جو ذڪر لڳ ڀڳ ٽن صدين تائين ملي ٿو، يعني تقريباً 30 عيسوي کان 375 عيسوي تائين، جيستائين ڪيدارائيٽس جي حملي سبب تبديليون ٿيون. هنن لڳ ڀڳ ساڳئي زماني ۾ مغربي ستراپن، ستواهنن ۽ گپتا سلطنت جي شروعاتي حڪمرانن سان همعصر حڪمراني ڪئي.[حوالو گهربل]

ڪجولا ڪدفيسس (تقريباً 25 – 85)

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڪجولا ڪدفيسس

سانچو:ڪوشان حاڪم

...گوئشوانگ جو شهزادو، جنهن جو نالو ٿيلڪ [ڪجولا ڪدفيسس] هو، ٻين چار xihou کي حملا ڪري ختم ڪري ڇڏيو. هو بادشاهه بڻيو، ۽ سندس خاندان کي گوئشوانگ [ڪوشان] بادشاهن جو خاندان سڏيو ويو. هن انشي [هندو-پارٿيا] تي حملو ڪيو ۽ گاوفو [ڪابل] جو علائقو ورتو. هن پودا [پڪٽيا] ۽ جِبين [ڪاپيسا ۽ گنڌارا] جون سڀ بادشاهتون به شڪست ڏنيون. قيوجيوڪُو [ڪجولا ڪدفيسس] اسي سالن کان وڌيڪ عمر ۾ وفات ڪئي.

اهي فتحون غالباً عيسوي 45 ۽ 60 جي وچ ۾ ٿيون، ۽ انهن ڪوشاني سلطنت جو بنياد وڌو، جنهن کي پوءِ سندس جانشينن تيزيءَ سان وڌايو.[حوالو گهربل]

ڪجولا ڪيترن سڪن جون سيريز جاري ڪيون ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه پُٽ هئا: سداشڪنه (جيڪو رڳو ٻن لکتن مان سڃاتو وڃي ٿو، خاص طور رباطڪ لکت مان، ۽ غالباً ڪڏهن حڪومت نه ڪئي) ۽ شايد ويما تڪتو.[حوالو گهربل]

ڪجولا ڪدفيسس، ڪنشڪ جو پردادو هو.[حوالو گهربل]

ويما تڪتو يا سداشڪنه (تقريباً 80 – 95)

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ويما تڪتمو

ويما تڪتو (قديم چيني: 閻膏珍 Yangaozhen) رباطڪ لکت ۾ ذڪر ٿيل آهي (ٻيو پُٽ سداشڪنه سيناورمن—اوڊي جي بادشاهه—جي لکت ۾ به اچي ٿو). هو ويما ڪدفيسس ۽ ڪنشڪ پهرئين کان اڳ هو. هن ڪوشاني سلطنت کي ڏکڻ ايشيا جي اتر-اولهه تائين وڌايو. Hou Hanshu موجب:

"سندس پُٽ يانگاؤژين [شايد ويما تڪتو، يا ممڪن آهي سندس ڀاءُ سداشڪنه] سندس جاءِ تي بادشاهه ٿيو. هن تيانزو [اتر-اولھ ڀارت] کي شڪست ڏني ۽ اتي نگراني لاءِ جنرل مقرر ڪيا. پوءِ يوئژهي انتهائي امير ٿي ويا. سڀ بادشاهتون [پنهنجي بادشاهه کي] گوئشوانگ [ڪوشان] بادشاهه سڏين ٿيون، پر هان کين سندن اصل نالي دا يوئژهي سان سڏين ٿا."

Hou Hanshu[50]

ويما ڪدفيسس (تقريباً 95 – 127)

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو Vima Kadphises

ويما ڪدفيسس (ڪوشاني ٻولي: Οοημο Καδφισης) تقريباً عيسوي 95–127 دوران ڪوشاني شهنشاهه هو، سداشڪنه جو پٽ، ڪجولا ڪدفيسس جو پوٽو ۽ ڪنشڪ پهرئين جو پيءُ، جيئن رباطڪ لکت مان معلوم ٿئي ٿو.[حوالو گهربل]

ويما ڪدفيسس باختر ۾ فتحون ڪري ڪوشاني علائقو وڌايو. هن گهڻا سڪا ۽ لکتون جاري ڪيون. هن موجوده تانبي ۽ چانديءَ جي سڪن سان گڏ سون جا سڪا به جاري ڪيا.[حوالو گهربل]

ڪنيشڪه پهريون (تقريباً 127ع – تقريباً 150ع)

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڪنشيڪه
Mathura statue of Kanishka
ڪنيشڪه جو بت، ڊگهو ڪوٽ ۽ بوٽ پاتل، هٿ ۾ گرز (Mace) ۽ تلوار، مٿرا ميوزيم ۾ رکيل. ڪوٽ جي هيٺان لکت موجود آهي.
هي لکت وچولي براهمي رسم الخط ۾ آهي:

مهاراجا راجڌراجا ديوپُتر ڪنيشڪه
"عظيم بادشاهه، بادشاهن جو بادشاهه، ديوتا جو پٽ، ڪنيشڪه".[51]
مٿرا جو فن، مٿرا ميوزيم

ڪنيشڪه اعظم، ڪوشان سلطنت جو چوٿون بادشاهه، تقريباً 23 سال حڪومت ڪئي، لڳ ڀڳ 127ع کان.[52] تخت نشيني کان پوءِ، ڪنيشڪه هڪ وسيع سلطنت تي حڪمراني ڪئي، جيڪا تقريباً سڄي اتر هندستان تي پکڙيل هئي؛ ڏکڻ ۾ اُجّين ۽ ڪنڊينا (Kundina) تائين، ۽ اوڀر ۾ پاٽلي پُتر کان به اڳتي، جيئن رباطڪ لکت مان ظاهر ٿئي ٿو:

پهرين سال ۾، هندستان جي سڄي راڄ ۾ اعلان ڪيو ويو، حڪمران طبقي جي سمورن علائقن تائين، جن ۾ ڪوناديانو ڪونڊيني، (Kundina)، اوزينو (Ujjain)، زاگيدا (Saketa)، ڪوزامبو (Kausambi)، پالابوترو (Pataliputra) ۽ زيري-تمبو (Sri-Champa) تائين شامل هئا؛ جن حڪمرانن ۽ اهم ماڻهن سندس اطاعت قبول ڪئي، ۽ هن سڄي هندستان کي پنهنجي فرمانبرداري ۾ آندو.

رباطڪ لکت، سٽون 4–8

ڪنيشڪه جي سلطنت جا ٻه گاديءَ جا هنڌ هئا: پورشپور (اڄ جو پشاور، اتر اولهه پاڪستان) ۽ مٿرا، اتر هندستان ۾. هن کي (۽ راجا داب سان گڏ) باٿنڊا قلعو (قلعو مبارڪ) تعمير ڪرائڻ جو به ڪريڊٽ ڏنو وڃي ٿو، جيڪو اڄ باٿنڊا شهر ۾ آهي.[حوالو گهربل]

ڪوشانن جي هڪ اونهاري جي راڄڌاني ڪپيسي (اڄ جي بگرام ڀرسان) ۾ به هئي، جتي "بگرام خزانو" مليو، جنهن ۾ يونان کان چين تائين جا فن پارا شامل آهن. رباطڪ لکت موجب، ڪنيشڪه وِما ڪدفيسس جو پٽ، سداشڪانا (Sadashkana) جو پوٽو، ۽ ڪجولا ڪدفيسس جو پرپوٽو هو. ڪنيشڪه جو دور هاڻي عام طور تي 127ع کان شروع سمجهيو وڃي ٿو، هيري فالڪ جي تحقيق جي بنياد تي.[53][54]

هووشڪه (تقريباً 150ع – تقريباً 190ع)

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو هووشڪه

هووشڪه (Kushan: Οοηϸκι، "Ooishki") ڪوشان سلطنت جو شهنشاهه هو، جيڪو ڪنيشڪه جي وفات کان پوءِ (بهترين موجود ثبوتن موجب 150ع ۾) تخت نشين ٿيو ۽ لڳ ڀڳ ٽيهه سال پوءِ وسوديوا پهريون جي جانشيني تائين حڪومت ڪندو رهيو. سندس دور کي سلطنت لاءِ ”پاڻ ۾ سڪون آڻڻ“ ۽ ”استحڪام“ (retrenchment ۽ consolidation) جو زمانو سمجهيو وڃي ٿو. خاص طور، پنهنجي حڪومت جي شروعاتي عرصي ۾ هن مٿرا شهر تي وڌيڪ مضبوط ڪنٽرول قائم ڪرڻ لاءِ وقت ۽ ڪوشش وقف ڪئي.[حوالو گهربل]

وسوديوا پهريون (تقريباً 190ع – تقريباً 230ع)

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو وسوديوا پهريون

وسوديوا پهريون (Kushan: Βαζοδηο "Bazodeo"، Chinese: 波調 "Bodiao") ”عظيم ڪوشانن“ جو آخري شهنشاهه هو. ڪنيشڪه جي دور (era) جي سال 64 کان 98 تائين تاريخ رکندڙ لکتن مان اندازو ٿئي ٿو ته سندس حڪومت گهٽ ۾ گهٽ 191ع کان 225ع تائين هلي. هو آخري وڏو ڪوشان شهنشاهه هو، ۽ سندس دورِ حڪومت جي پڄاڻي تقريباً ان واقعي سان گڏجي ٿي جڏهن ساساني اتر اولهه هندستان تائين حملو آندا ۽ لڳ ڀڳ 240ع کان شروع ٿي افغانستان، پاڪستان ۽ اتر اولهه هندستان جي علائقن ۾ هند-ساساني يا Kushanshahs جو قيام عمل ۾ آيو.[حوالو گهربل]

سانچو:South Asia in 350 CE

ڪنيشڪه ٻيون (تقريباً 232ع – تقريباً 247ع)

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڪنيشڪه ٻيون

واسيشڪه (تقريباً 247ع – تقريباً 267ع)

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو واسيشڪه

واسيشڪه ڪوشان شهنشاهه هو، جنهن بابت لڳي ٿو ته هن ڪنيشڪه ٻيون کان پوءِ لڳ ڀڳ 20 سال حڪومت ڪئي. سندس حڪمراني جا ثبوت مٿرا، گنڌارا ۽ ايتري قدر جو ڏکڻ ۾ سانچي (ويجهو وديشا (Vidisa)) تائين ملن ٿا، جتي سندس نالي سان ڪيترين لکتن جو پتو پوي ٿو. اهي لکتون ممڪن ”ٻئي ڪنيشڪه دور“ (second Kanishka era) جي سال 22 (سانچي جي ”Vaksushana“ واري لکت — يعني واسيشڪه ڪوشان) ۽ سال 28 (سانچي جي ”Vasaska“ واري لکت — يعني واسيشڪه) جي تاريخن سان درج آهن.[55][56]

ننڍا ڪوشان (270ع – 350ع)

[سنواريو]

اولهه ۾ علائقائي نقصانن (يعني باختريا جو ڪوشان-ساسانين جي هٿان وڃائجي وڃڻ) ۽ اوڀر ۾ نقصانن (يعني مٿرا جو گپتا سلطنت جي هٿان وڃائجي وڃڻ) کان پوءِ ”ننڍن ڪوشانن“ (Little Kushans) جا ڪي مقامي حڪمران معلوم ٿين ٿا، جيڪي پنجاب جي علائقي ۾ پنهنجي گادي ٽيڪسلا (Taxila) ۾ ويهاري حڪومت ڪندا رهيا: وسوديوا ٻيون (270ع – 300ع)، ماهي (300ع – 305ع)، شڪا (305ع – 335ع) ۽ ڪپوندا (335ع – 350ع).[55] غالب امڪان آهي ته اهي گپتا سلطنت جا باجگزار (vassals) هئا، تان جو ڪيدارين (Kidarites) جي حملي ڪوشان حڪمراني جا آخري نشان به ختم ڪري ڇڏيا.[55]

ڪوشان ديوتا

[سنواريو]
ڪُماره/ڪارتڪيه هڪ ڪوشان عقيدتمند سان گڏ، ٻيون صدي عيسوي
ڪوشان شهزادو، جنهن کي هوِشڪه چيو وڃي ٿو، هڪ ٻڌيستوا کي نذرانو پيش ڪندي.[57]
شِو جو لِنگ ڪوشان عقيدتمندن پاران پوڄيل، لڳ ڀڳ ٻيون صدي عيسوي

ڪوشانن جو مذهبي ديوتا-مجموعو نهايت گهڻو رنگارنگ هو، جيئن سندن سون، چاندي ۽ ٽامي ۾ ٺهيل سڪن مان ظاهر ٿئي ٿو. انهن سڪن تي ٽيهه کان وڌيڪ مختلف ديوتائن جون تصويرون موجود آهن، جيڪي گهڻو ڪري سندن پنهنجن ايراني ديوتائن سان گڏ يوناني ۽ هندي دنيا سان به لاڳاپيل آهن. ڪوشان سڪن تي ڪوشان بادشاهن، ٻُڌ، ۽ هند-آريائي ۽ ايراني ديوتائن واري مجموعي (پينٿيون) جون شڪليون پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.[58] شروعاتي سڪن تي يوناني نالن سان يوناني ديوتائون ڏيکاريل آهن. ڪنيشڪه جي دور ۾ سڪن جي ٻولي باڪٽريائي ٿي وڃي ٿي (پر سڀني بادشاهن لاءِ لکڻي يوناني رسم الخط ۾ ئي رهي). هوِشڪه (Huvishka) کان پوءِ، سڪن تي رڳو ٻه ديوتائون نظر اچن ٿيون: آردوڪشو ۽ اوئيشو (هيٺ تفصيل ڏسو).[59][60]

ايراني هستيون (ديوتا) جيڪي سڪن تي ڏيکاريل آهن، انهن ۾ شامل آهن:

يوناني ڏند ڪٿائن ۽ هلينسٽڪ ميل ميلاپ مان ڏيکاريل هستيون:

هندي (Indic) هستيون جيڪي سڪن تي ڏيکاريل آهن، انهن ۾ شامل آهن:[68]

  • هوِشڪه جا ٻه ٽامي جا سڪا "Ganesa" واري لکت کڻن ٿا، پر عام ٿيريو-مورفڪ شڪل واري گنيش بدران انهن تي هڪ تيرانداز ڏيکاريل آهي، جيڪو ڊگهو ڪمان (ڏور اندرئين پاسي) ۽ هڪ تير هٿ ۾ جهليل آهي. هي عموماً رُدر جي تصوير سمجهي وڃي ٿي، پر انهن ٻن سڪن جي صورت ۾ عام طور تي ان کي شِو جي نمائندگي قرار ڏنو وڃي ٿو.
ڪوشان پوڄارين جون تصويرون
ڪوشان پوڄاري: زيوس/سيراپِس/اُهرمزڊ سان گڏ، باڪٽريا، ٽين صدي عيسوي.
ڪوشان پوڄاري: زيوس/سيراپِس/اُهرمزڊ سان گڏ، باڪٽريا، ٽين صدي عيسوي.[74] 
ڪوشان پوڄاري: Pharro سان گڏ، باڪٽريا، ٽين صدي عيسوي.
ڪوشان پوڄاري: Pharro سان گڏ، باڪٽريا، ٽين صدي عيسوي.[74] 
ڪوشان پوڄاري: شِو/اويشو سان گڏ، باڪٽريا، ٽين صدي عيسوي.
ڪوشان پوڄاري: شِو/اويشو سان گڏ، باڪٽريا، ٽين صدي عيسوي.[74] 
شِو-اويشو ڀِت-چِتر (wall painting) ۽ پوڄاري جو ٽڪرو، باڪٽريا، ٽين صدي عيسوي.
شِو-اويشو ڀِت-چِتر (wall painting) ۽ پوڄاري جو ٽڪرو، باڪٽريا، ٽين صدي عيسوي.[75] 

```0

ڪوشان ۽ ٻڌ مت

[سنواريو]

ڪوشانن، يوناني-ٻڌ روايتن کي اڳتي وڌايو، ۽ ٻڌ مت کي واپار ۽ رستن وسيلي چين ۽ اوڀر ايشيا تائين پهچايو.[80] ڪنشڪ اعظم ٻڌمت جي روايت ۾ ان ڪري مشهور آهي جو هن ڪشمير ۾ ٻڌن جي چوٿين ڪانفرنس ڪوٺائي.

ڪوشان فن

[سنواريو]

ڪوشان فن، خاص طور تي گنڌارا ۽ مٿورا ۾، يوناني، ايراني ۽ هندي اثرن جو ميلاپ هو، جنهن مان يوناني-ٻڌ فن پيدا ٿيو.

ڪوشان سڪا

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڪشان دور جا سڪا

ڪوشان سلطنت سون جا ٽڪرا ۽ سڪا استعمال ڪيا، جيڪي واپار ۽ سياسي پروپيگنڊا جو اهم ذريعو هئا. سون جي ماخذ بابت جديد تحقيق مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو سڌو سنئون رومي نه هو، بلڪه ان جو اصل ذريعو اڃا نامعلوم آهي.[81]

حڪمران

[سنواريو]

حڪمرانن جي تاريخن وار تازين فهرستن مان هڪ هن ريت آهي: [82]

  • هيرائيوس (تقريبا 1 - 30ع)، پهريون بادشاهه جنهن پنهنجي سڪن تي پاڻ کي "ڪشان" سڏيو. "عظيم ڪشان"
  • ڪوجولا ڪڊفيسس (ت.50 – c.90)
  • ويما ٽڪٽو (ت.90 – c.113)، عرف سوٽر ميگاس يا "عظيم نجات ڏيندڙ"
  • ويما ڪڊفيسس (ت.113 – c.127، پهريون عظيم ڪشان شهنشاهه
  • ڪنشڪا اعظم (127 – ت.151)
  • هويشڪا (ت.151 – c.190)
  • واسوديوا اول (ت.190 – c.230)، آخري عظيم ڪشان شهنشاهه
  • ڪنشڪا ٻيون (ت.230 – 247)،
  • واشيشڪا (ت.247 – 267) "ننڍو ڪشان"
  • ڪنشڪا ٽيون (ت.267 – 270)
  • واسوديوا ٻيون (ت.270 – 300)
  • ماهي (ت.300 – 305)[83]
  • شاڪا (ت.305 – 335)[83]
  • ڪپوناڊا (ت.335 – 350)[83]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Afghanistan: Central Asian and Sassanian Rule, ca. 150 B.C.-700 A.D.", Library of Congress Country Studies, 1997۔
  2. "The History of Pakistan: The Kushans"۔ Si-Yu-Ki: Buddhist Records of the Western World.
  3. Yatsenko, Sergey A. (2012). "Yuezhi on Bactrian Embroidery from Textiles Found at Noyon uul, Mongolia". The Silk Road 10. http://www.silkroadfoundation.org/newsletter/vol10/SilkRoad_10_2012_yatsenko.pdf.
  4. Francfort, Henri-Paul (1 January 2020). "Sur quelques vestiges et indices nouveaux de l'hellénisme dans les arts entre la Bactriane et le Gandhāra (130 av. J.-C.-100 apr. J.-C. environ)" (en ۾). Journal des Savants: 26–27. https://www.academia.edu/45042820.
  5. "Kushan Empire (ca. 2nd century B.C.–3rd century A.D.) [[:سانچو:Pipe]] Thematic Essay [[:سانچو:Pipe]] Heilbrunn Timeline of Art History", Metropolitan Museum of Art, حاصل ڪيل 23 October 2015۔ يو آر ايل–وڪي ربط تضاد (مدد)
  6. 1 2 Narain 1990, pp. 152–155 "[W]e must identify them [Tocharians] with the Yueh-chih of the Chinese sources... [C]onsensus of scholarly opinion identifies the Yueh-chih with the Tokharians... [T]he Indo-European ethnic origin of the Yuehchih = Tokharians is generally accepted... Yueh-chih = Tokharian people... Yueh-chih = Tokharians..."
  7. Roux 1997, p. 90 "They are, by almost unanimous opinion, Indo-Europeans, probably the most oriental of those who occupied the steppes."
  8. Beckwith 2009, p. 380 "The identity of the Tokharoi and Yüeh-chih people is quite certain, and has been clear for at least half a century, though this has not become widely known outside the tiny number of philologists who work on early Central Eurasian and early Chinese history and linguistics."
  9. Pulleyblank 1966, pp. 9–39
  10. Mallory 1997, pp. 591–593 "[T]he Tocharians have frequently been identified in Chinese historical sources as a people known as the Yuezhi..."
  11. Loewe & Shaughnessy 1999, pp. 87–88 "Pulleyblank has identified the Yuezhi... Wusun... the Dayuan... the Kangju... and the people of Yanqi... all names occurring in the Chinese historical sources for the Han dynasty, as Tocharian speakers."
  12. Mallory & Mair 2008270–297.
  13. Enoki, Koshelenko & Haidary 1994, pp. 171–183
  14. Loewe, Michael A.N. (1979). "Introduction". in Hulsewé, Anthony François Paulus. China in Central Asia: The Early Stage: 125 BC – AD 23; an Annotated Translation of Chapters 61 and 96 of the History of the Former Han Dynasty. Brill. pp. 1–70. ISBN 978-90-04-05884-2. pp. 23–24.
  15. 1 2 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named JMR7
  16. Banerjee, Gauranga Nath (1920). Hellenism in ancient India. Calcutta: Published by the Author; New York: Oxford University Press. p. 92. https://archive.org/details/hellenisminancie00bane.
  17. 1 2 Wink 200257.
  18. راجترنگڻي Pandit, Ranjit Sitaram (1935). River Of Kings (rajatarangini). pp. I168–I173. https://archive.org/details/in.ernet.dli.2015.530051/page/n65. "Then there ruled in this very land the founders of cities called after their own appellations the three kings named Huska, Juska and Kaniska (...) These kings, albeit belonging to the Turkish race, found refuge in acts of piety; they constructed in Suskaletra and other places monasteries, Caityas and similar edificies."
  19. Rosenfield 1967, p. 8
  20. Benjamin, Craig (2007). The Yuezhi: Origin, Migration and the Conquest of Northern Bactria. Brepols. pp. 173–189. ISBN 978-2503520671.
  21. Fan, Ye (1965). "Chapter 88: Western Regions". Hou Hanshu (Book of the Later Han). Beijing Zhonghua Shuju.
  22. Cribb, Joe (1999). "The early Kushan kings: New evidence for chronology". Numismatic Chronicle: 113–134.
  23. Falk, Harry (2015). The Kushan Empire: A Historical Overview. Oxford University Press. pp. 41–58.
  24. Cribb, Joe (2018). "Kujula Kadphises and the early Kushan empire". Numismatic Chronicle: 45–72.
  25. Fan, Ye (1965). "Western Regions". Hou Hanshu (Book of the Later Han). Zhonghua Shuju.
  26. 1 2 3 4 Benjamin, Craig (16 April 2015). The Cambridge World History: Volume 4, A World with States, Empires and Networks 1200 BCE–900 CE. Cambridge University Press. p. 477 ff. ISBN 978-1-316-29830-5. https://books.google.com/books?id=LAFuCAAAQBAJ&pg=PT477. ""It is generally agreed that the Kushans were one of the five tribes of the Yuezhi...""
  27. 1 2 Starr, S. Frederick (2013). Lost Enlightenment: Central Asia's Golden Age from the Arab Conquest to Tamerlane. Princeton, NJ: Princeton University Press. p. 53.
  28. Suchandra Ghosh. (2012). Revisiting Kushana Dynastic Sanctuaries. Proceedings of the Indian History Congress, 72nd Session, Patiala, Delhi. 212-219.
  29. Bopearachchi 200745.
  30. 1 2 3 4 5 6 Rosenfield 199341.
  31. Sailendra Nath Sen 1999188.
  32. Basham, Arthur Llewellyn (1968). Papers on the Date of Kaniṣka: Submitted to the Conference on the Date of Kaniṣka, London, 20-22 April 1960. Brill Archive. p. 414. https://books.google.com/books?id=ks4UAAAAIAAJ&pg=PA414.
  33. Rosenfield 1993, p. 41. "Malwa and Maharashtra, for which it is speculated that the Kushans had an alliance with the Western Kshatrapas".
  34. Goyal 2005, p. 93. "The Rabatak inscription claims that in the year 1 Kanishka I's authority was proclaimed in India, in all the satrapies and in different cities like Koonadeano (Kundina), Ozeno (Ujjain), Kozambo (Kausambi), Zagedo (Saketa), Palabotro (Pataliputra) and Ziri-Tambo (Janjgir-Champa). These cities lay to the east and south of Mathura, up to which locality Wima had already carried his victorious arm. Therefore they must have been captured or subdued by Kanishka I himself."
  35. Sims-Williams, Nicholas, "Bactrian Documents from Ancient Afghanistan", اصل کان 10 June 2007 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 24 May 2007۔
  36. 1 2 Rezakhani 2017b201.
  37. Puri 1999258.
  38. Mukherjee, Bratindra Nath (1988). The rise and fall of the Kushāṇa Empire. Firma KLM. p. 269. ISBN 9780836423938. https://books.google.com/books?id=ig1uAAAAMAAJ.
  39. 1 2 "Samatata coin", The British Museum۔
  40. British Museum display, Asian Art room.سانچو:Full citation needed
  41. Sengupta, Nitish (2011). Land of Two Rivers: A History of Bengal from the Mahabharata to Mujib. Penguin UK. p. 39. ISBN 978-81-8475-530-5. https://books.google.com/books?id=TI8GQioaoL4C&pg=PT39.
  42. Numismatic Digest. Numismatic Society of Bombay. 2012. p. 29. https://books.google.com/books?id=C83R2wM0caIC. "As far as gold coins in Bengal are concerned it was Samatata or South-eastern Bengal which issued gold coins ... This trend of imitating Kushan gold continued and had major impact on the currency pattern of this south-eastern zone."
  43. Ray, N. R. (1982). Sources of the History of India: Bihar, Orissa, Bengal, Manipur, and Tripura. Institute of Historical Studies. p. 194. https://books.google.com/books?id=_gW2AAAAIAAJ. "A large number of Kushan and Puri Kushan coins have been discovered from different parts of Orissa. Scholars have designated the Puri Kushan coins as the Oriya Kushan coins. Though the coins are the imitations of Kushan coins they have been abundantly found from different parts of Orissa."
  44. Grousset 197045-46.
  45. Cribb, Joe (1984), "The Sino-Kharosthi coins of Khotan part 2", Numismatic Chronicle: 129–152۔
  46. Hill 200943.
  47. 1 2 RUSANOV, D. V. (1994). "The Fortification of Kampir-Tepe: A Reconstruction". Bulletin of the Asia Institute 8: 155–160. ISSN 0890-4464. https://www.jstor.org/stable/24048772.
  48. Rtveladze, E (2019). Alexandria on the Oxus - Kampir Tepe: A fortress city on the Oxus shore. Tashkent.
  49. Lee, Jonathan L. (8 March 2022) (en ۾). Afghanistan: A History from 1260 to the Present. Reaktion Books. ISBN 978-1-78914-019-4. https://books.google.com/books?id=asR9DwAAQBAJ&pg=PA151.
  50. 1 2 Hill 200929.
  51. Puri, Baij Nath (1965). India under the Kushāṇas. Bharatiya Vidya Bhavan. https://books.google.com/books?id=bxZuAAAAMAAJ.
  52. Bracey, Robert (2017). "The Date of Kanishka since 1960". Indian Historical Review 44 (1): 21–61. doi:10.1177/0376983617694717. https://www.academia.edu/32448882.
  53. Falk 2001121–136.
  54. Falk 2004167–176.
  55. 1 2 3 Rezakhani 2017b203.
  56. Rosenfield 1967, p. 57
  57. Marshak, Boris; Grenet, Frantz (2006). "Une peinture kouchane sur toile". Comptes rendus des séances de l'Académie des Inscriptions et Belles-Lettres 150 (2): 957. doi:10.3406/crai.2006.87101.
  58. Liu 201047.
  59. 1 2 3 4 5 Harmatta 1999, pp. 327–328
  60. Boyce, Mary (2001). Zoroastrians: Their Religious Beliefs and Practices. Psychology Press. p. 83. ISBN 978-0-415-23902-8. https://books.google.com/books?id=a6gbxVfjtUEC&pg=PA83.
  61. Harmatta 1999324.
  62. Jongeward, David; Cribb, Joe (2014). Kushan, Kushano-Sasanian, and Kidarite Coins A Catalogue of Coins From the American Numismatic Society. New York: THE AMERICAN NUMISMATIC SOCIETY. p. Front page illustration. http://numismatics.org/pocketchange/wp-content/uploads/sites/3/KushanCoinageIntro.pdf. Retrieved 7 March 2021.
  63. "Kujula Kadphises coin", The British Museum۔
  64. Dani, A. H.; Asimov, M. S.; Litvinsky, B. A.; Zhang, Guang-da; Samghabadi, R. Shabani; Bosworth, C. E. (1 January 1994) (en ۾). History of Civilizations of Central Asia: The Development of Sedentary and Nomadic Civilizations, 700 B. C. to A. UNESCO. p. 321. ISBN 978-92-3-102846-5. https://books.google.com/books?id=9U6RlVVjpakC&pg=PA321.
  65. (en ۾) The Cambridge Shorter History of India. CUP Archive. p. 77. https://books.google.com/books?id=9_48AAAAIAAJ&pg=PA77.
  66. Sen, Sailendra Nath (1999) (en ۾). Ancient Indian History and Civilization. New Age International. p. 199. ISBN 978-81-224-1198-0. https://books.google.com/books?id=Wk4_ICH_g1EC&pg=PA199.
  67. Singh, Upinder (2008) (en ۾). A History of Ancient and Early Medieval India: From the Stone Age to the 12th Century. Pearson Education India. p. 377. ISBN 978-81-317-1120-0. https://books.google.com/books?id=H3lUIIYxWkEC&pg=PA377.
  68. 1 2 3 Harmatta 1999, p. 326. "Also omitted is the ancient Iranian war god Orlagno, whose place and function are occupied by a group of Indian war gods, Skando (Old Indian Skanda), Komaro (Old Indian Kumara), Maaseno (Old Indian Mahāsena), Bizago (Old Indian Viśākha), and even Ommo (Old Indian Umā), the consort of Siva. Their use as reverse types of Huvishka I is clear evidence for the new trends in religious policy of the Kushan king, which was possibly influenced by enlisting Indian warriors into the Kushan army during the campaign against Pataliputra." حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name "MA" defined multiple times with different content
  69. Sivaramamurti 197656-59.
  70. 1 2 Loeschner, Hans (July 2012). "The Stūpa of the Kushan Emperor Kanishka the Great". Sino-Platonic Papers 227: 11. http://www.sino-platonic.org/complete/spp227_kanishka_stupa_casket.pdf.
  71. 1 2 Bopearachchi 200741–53.
  72. Sims-Williams, Nicolas. "Bactrian Language". Encyclopaedia Iranica. 3. London: Routledge & Kegan Paul.
  73. Bopearachchi 2003. Cites H. Humbach, 1975, p.402-408. K.Tanabe, 1997, p.277, M.Carter, 1995, p.152. J.Cribb, 1997, p.40.
  74. 1 2 3 Metropolitan Museum of Art exhibition.سانچو:Fcn
  75. "Panel fragment with the god Shiva/Oesho", Metropolitan Museum of Art۔
  76. Fleet, J.F. (1908). "The Introduction of the Greek Uncial and Cursive Characters into India". The Journal of the Royal Asiatic Society of Great Britain and Ireland 1908: 179, note 1. "The reading of the name of the deity on this coin is very much uncertain and disputed (Riom, Riddhi, Rishthi, Rise....)".
  77. Shrava, Satya (1985). The Kushāṇa Numismatics. Pranava Prakashan. p. 29. https://books.google.com/books?id=_1EaAAAAYAAJ. "The name Riom as read by Gardner, was read by Cunningham as Ride, who equated it with Riddhi, the Indian goddess of fortune. F.W. Thomas has read the name as Rhea"
  78. Perkins, J. (2007). Three-headed Śiva on the Reverse of Vima Kadphises's Copper Coinage. South Asian Studies, 23(1), 31–37
  79. Fitzwilliam Museum (1992). The Crossroads of Asia: transformation in image and symbol in the art of ancient Afghanistan and Pakistan. Ancient India and Iran Trust. p. 87. ISBN 9780951839911. https://books.google.com/books?id=pfLpAAAAMAAJ.
  80. Liu 201042.
  81. Reden, Sitta (2019). Handbook of Ancient Afro-Eurasian Economies. Walter de Gruyter.
  82. Jongeward, David; Cribb, Joe (2014). Kushan, Kushano-Sasanian, and Kidarite Coins A Catalogue of Coins From the American Numismatic Society by David Jongeward and Joe Cribb with Peter Donovan. p. 4. https://www.academia.edu/11049999.
  83. 1 2 3 The Glorious History of Kushana Empire, Adesh Katariya, 2012, p.69

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:India topics سانچو:Kyrgyzstan topics سانچو:Central Asian history سانچو:Rulers of Ancient Central Asia سانچو:Ancient South Asia and Central Asia سانچو:Middle kingdoms of India سانچو:Uttarakhand سانچو:Empires

  1. مثال طور، ڪشمير جي 12هين صديءَ واري تاريخي ڪتاب راجترنگڻي ۾ مرڪزي ايشيا جي ڪوشانن کي ترشڪا (तुरुष्क) چيو ويو آهي.
  2. For a translation of the full text of the Rabatak inscription see: (Mukherjee 1995). This translation is quoted in: (Goyal 200588).
  3. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named decipherment
حوالي جي چڪ: "note" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="note"/> نہ مليو