مواد ڏانھن هلو

ڪوسووو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جمهوريه ڪوسووو

  • Republika e Kosovës (Albanian)
  • Република Косово / Republika Kosovo (Serbian)
Flag of ڪوسوووKosovo
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نشان
ترانو: Himni i Republikës së Kosovës
"جمهوريه ڪوسووو جو ترانو"
يورپ (ڀورو) جي نقشي ۾ ڪوسووو (سائو رنگ ۾ ڏيکاريل)
يورپ (ڀورو) جي نقشي ۾ ڪوسووو (سائو رنگ ۾ ڏيکاريل)
گادي جو هنڌپرسٽينیا
سڀ کان وڏو شهرراڄڌاني
دفتري ٻوليونالبانوي ٻولي، سربيائي[1]
علاقائي ٻوليون
  • بوسنيائي
  • ترڪ ٻولي[2]
  • روماني ٻولي
نسلي گروھ (2024ع)
  • 91.76% البانوي
  • 2.31% سرب
  • 1.69% بوسنيائي
  • 1.22% ترڪ
  • 1.02% ايشڪالي
  • 2.0% ٻيا
مقامي آباديڪوسووار، ڪوسووان
حڪومتوحداني پارليماني جمهوريه
 صدر
وجوسا اوسماني
 وزيراعظم
البن ڪرتي (قائم مقام)
 اسيمبلي جو اسپيڪر
اوني ديهاري (قائم مقام)
مقننه جمهوريه ڪوسووو جي اسيمبلي
قیام
 سانجڪ پريزرن
1455ع
 ڪوسووو ولايت
1877ع
 لندن معاهدو
1913ع
 يوگوسلاويا جي خودمختيار صوبي جي حيثيت
31 جنوري، 1946ع
 جمهوريه ڪوسووو
2 جولائي، 1990ع
 ڪومانووو معاهدو
9 جون، 1999ع
 اقوام متحده جي انتظاميه
10 جون، 1999ع
 آزادي جو اعلان
17 فيبروري، 2008ع
 عالمي اسٽيرنگ گروپ جي نگراني جو خاتمو
10 سيپٽمبر، 2012ع
 بروسیلز معاهدو
19 اپريل، 2013ع
پکيڙ
 جملي
10,887[3] چورس ڪلوميٽر (4,203 چورس ميل)
 پاڻي (%)
1.0[4]
آبادي
 2024ع مردم شماري
1,585,566 (فطري واڌ)[5]
  گھاٽائي
146/km2 (378.1/sq mi)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد )2024 لڳ ڀڳ
 ڪل
Increase $29.723 billion[6] (148th)
 في سيڪڙو
Increase $18,746 (97th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ )2024 لڳ ڀڳ
 ڪل
Increase $11.172 billion[6] (155th)
 في سيڪڙو
Increase $7,048 (100th)
جِينِي (2017)Negative increase 29.0[7]
ڪمتر
ايڇ ڊي آء (2021)Increase 0.762[8]
اعلیٰ
ڪرنسييورو ()b (EUR)
معياري وقتCET (متناسق عالمي وقت+1)
CEST (متناسق عالمي وقت +2)
تاریخ جو نمونوdd.mm.yyyy
ڊرائيونگ جو پاسوright
ڊائلنگ ڪوڊ+383
آء ايس او 3166 ڪوڊXK
انٽرنيٽ ڊومين.xkc (proposed)
  1. Pristina is the capital of Kosovo and its seat of government.[9][10] A separate law recognises Prizren as the historic capital of Kosovo.[10]
  2. The Euro is the official currency in Kosovo even though Kosovo is not a formal member of the eurozone.[11][12][13]
  3. XK is a "user assigned" ISO 3166 code not designated by the standard, but used by the European Commission, Switzerland, the Deutsche Bundesbank and other organisations. However, ISO 3166-2:RS-KM remains in use.

ڪوسوو (Cosovo)، سرڪاري طور تي ڪوسوو جمهوريه، ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ هڪ خشڪي سان گھريل ملڪ آهي جنهن کي جزوي سفارتي سڃاڻپ حاصل آهي. ان جي ڏکڻ اولهه ۾ البانيا، اولهه ۾ مونٽي نيگرو، اتر ۽ اوڀر ۾ سربيا ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ اتر مقدونيا آهن. اها 10,887 چورس ڪلوميٽر (4,203 چورس ميل) جي ايراضي تي پکڙيل آهي ۽ ان جي آبادي لڳ ڀڳ 16 لک آهي. ڪوسووو ۾ مختلف قسم جا علائقا آهن، جن ۾ اچا ميداني علائقا، ڦرندڙ ٽڪريون ۽ جبل آهن، جن مان ڪجهه جي اوچائي 2500 ميٽر (8200 فوٽ) کان مٿي آهي. ان جي آبهوا گهڻو ڪري براعظمي آهي، جن تي ڪجهه رومي سمنڊ ۽ الپائن جي آبهوا جو اثر آهي.[14] ڪوسوو جي راڄڌاني ۽ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر پرسٽينیا آهي؛ ٻين وڏي شهرن ۽ شهري علائقن ۾ پريزرن، فيروزج، گجيلان ۽ پيجه شامل آهن.[15]

درداني قبيلو چوٿين صدي قبل مسيح ۾ اُڀريو ۽ هتان دردانيه جي بادشاهت قائم ڪئي. پهرين صدي قبل مسيح کانپوء رومي سلطنت ان کي پنهنجي سلطنت ۾ ملائي ڇڏيو، سلطنت جي ورهاڱي تي هي علائقو اوڀرندي رومي سلطنت جو بڻجي ويو، ڇهين ۽ ستين صدي عيسوي ۾ سلاوڪ ماڻهو لڏپلاڻ ڪئي علائقي ۾ آيا. علائقي جو ڪنٽرول بازنطيني ۽ بلغاروي سلطنت جي وچ ۾ ڦرندو رهيو. 13هين صدي ۾، ڪوسووو سربيا جي وچين دور جي رياست ۽ سربيا جي زير سرپرستي رياست جي قيام جو لازمي حصو بڻجي ويو. 14هين ۽ 15هين صدي جي آخر ۾ [[بلقان] ۾ عثماني توسيع ۽ 1389ع ۾ ڪوسوو جي جنگ، جنهن ۾ مختلف نسلي گروهن جو اتحاد سربيا جي اڳواڻي ۾ عثماني سلطنت جي خلاف وڙهيو، سربيائي سلطنت جي شڪست کي هڪ فيصلا ڪن واقعو سمجهيو ويندو آهي.

مختلف خاندانن، خاص طور تي برانڪووچ، جنگ کان پوءِ گهڻي عرصي تائين ڪوسووو تي حڪومت ڪيا. ڪوسوو البانوي نشاۃِ ثانيه جو مرڪز هو ۽ 1910ع ۽ 1912ع ۾ البانوي بغاوتن جو سامهون ڪيو. بلقاني جنگن (1912-1913) کان پوءِ، ان کي سربيا جي بادشاهت جي حوالي ڪيو ويو ۽ ٻي عالمي جنگ کان پوءِ، اهو يوگوسلاويا جي اندر هڪ خودمختيار صوبو بڻجي ويو. ڪوسووو جي البانوي ۽ سرب برادرين جي وچ ۾ تڪرار 20هين صدي دوران تيزيءَ سان وڌي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڏي تشدد ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن جو نتيجو 1998ع ۽ 1999ع جي ڪوسووو جنگ جي صورت مان نڪتو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪوسووو کان يوگوسلاويا جي فوج جي واپسي ٿي ۽ گڏيل قومن جو عبوري انتظامي مشن ڪنٽرول سنڀاليو.

ڪوسوو هڪ طرفي طور تي 17 فيبروري 2008ع تي سربيا کان پنهنجي آزادي جو اعلان ڪيو [16] ۽ ان کان پوءِ گڏيل قومن جي گهٽ ۾ گهٽ 108 ميمبر ملڪن طرفان سفارتي طور تي هن کي تسليم ڪيو ويو آهي. سربيا سرڪاري طور تي ڪوسووو کي هڪ خودمختيار رياست طور تسليم نٿو ڪري ۽ ان کي ڪوسووو ۽ ميٽوهيجا جي پنهنجي جزوي خودمختيار صوبي جي طور تي دعويٰ جاري رکي ٿو، پر اهو 2013ع جي برسلز معاهدي جي حصي طور ڪوسووو ادارن جي گورننگ اٿارٽي کي قبول ڪري ٿو.[17]

ڪوسوو هڪ ترقي پذير ملڪ آهي، جنهن جي معيشت اعليٰ وچولي آمدني واري آهي. سال 2008ع جي مالي بحران جي شروعات کان وٺي بين الاقوامي مالي ادارن پاران ماپيل پيمانن تي گذريل ڏهاڪي دوران ان مضبوط معاشي واڌ جو تجربو ڪيو آهي. ڪوسوو بين الاقوامي مالي فنڊ، ورلڊ بينڪ، اي بي آر ڊي، وينس ڪميشن ۽ بين الاقوامي اولمپڪ ڪميٽي جو ميمبر آهي ۽ ڪائونسل آف يورپ، يونيسڪو ۽ انٽرپول ۾ ميمبرشپ ۽ اسلامي تعاون تنظيم ۾ مبصر جي حيثيت لاءِ درخواست ڏني آهي. ڊسمبر 2022ع ۾، ڪوسووو يورپي يونين جو ميمبر بڻجڻ لاءِ هڪ رسمي درخواست داخل ڪيو.[18]

نالو

[سنواريو]

تاريخ

[سنواريو]

جاگرافي

[سنواريو]

سياست

[سنواريو]

ڊيموگرافڪ

[سنواريو]

معيشت

[سنواريو]

تعليم

[سنواريو]

صحت جي سار سنڀال

[سنواريو]

ثقافت

[سنواريو]

گيلري

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]
  • وڪيميڊيا العام تي Kosovo بابت زمرا

حوالا

[سنواريو]
  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "bein12".
  2. "Municipal language compliance in Kosovo". OSCE Minsk Group. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 5 March 2021 تي محفوظ ڪيل. 17 February 2021 تي حاصل ڪيل. Turkish language is currently official in Prizren and Mamuşa/Mamushë/Mamuša municipalities. In 2007 and 2008, the municipalities of Gjilan/Gnjilane, southern Mitrovicë/Mitrovica, Prishtinë/Priština and Vushtrri/Vučitrn also recognised Turkish as a language in official use.
  3. "Kosovo profile". BBC. 28 Jun 2023. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 27 September 2023 تي محفوظ ڪيل. 12 Sep 2023 تي حاصل ڪيل.
  4. "Water percentage in Kosovo (Facts about Kosovo; 2011 Agriculture Statistics)". Kosovo Agency of Statistics, KAS. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 29 August 2017 تي محفوظ ڪيل.
  5. 1 2 "World Economic Outlook Database, October 2024 Edition. (Kosovo)". www.imf.org. International Monetary Fund. 22 October 2024. 20 December 2024 تي حاصل ڪيل.
  6. "GINI index (World Bank estimate)–Kosovo". World Bank. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 24 January 2019 تي محفوظ ڪيل. 24 September 2020 تي حاصل ڪيل.
  7. "Sub-national HDI – Area Database – Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org (انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 29 November 2022 تي محفوظ ڪيل.
  8. سانچو:Cite act
  9. 1 2 "Ligji Nr. 06/L-012 për Kryeqytetin e Republikës së Kosovës, Prishtinën" (الباني ۾). Gazeta Zyrtare e Republikës së Kosovës. 6 June 2018. اصل نسخو مان 24 September 2020 تي محفوظ ڪيل. 24 September 2020 تي حاصل ڪيل.
  10. "The euro outside the euro area". Economy and Finance. European Commission. اصل نسخو مان 2024-01-28 تي محفوظ ڪيل. 2024-01-28 تي حاصل ڪيل.
  11. سانچو:Cite act
  12. "Përfundon periudha transitore: Nga sot, euro valuta e vetme për transaksione në Kosovë" [The transitory period is over: from today euro is the only currency for transactions in Kosovo]. Telegrafi (Albanian ۾). Prishtina: Telegrafi. 2024-05-12. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 13 May 2024 تي محفوظ ڪيل. 2024-05-13 تي حاصل ڪيل.{{cite news}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو)
  13. "Kosovo Guidebook" (PDF). eca.state.gov. 20 September 2024 تي حاصل ڪيل.
  14. "Population and housing census in Kosovo preliminary results – July 2024" (PDF). 21 July 2024 تي حاصل ڪيل.
  15. "Accordance with International Law of the Unilateral Declaration of Independence in Respect of Kosovo" (PDF). International Court of Justice (ICJ). 22 July 2010. اصل نسخو (PDF) مان 24 September 2020 تي محفوظ ڪيل. 24 September 2020 تي حاصل ڪيل.
  16. . 24 April 2013. {{cite magazine}}: |archive-url= requires |archive-date= (مدد); Cite magazine requires |magazine= (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  17. "Kosovo formally applies for EU membership". Deutsche Welle. اصل نسخو مان 16 December 2022 تي محفوظ ڪيل. 15 December 2022 تي حاصل ڪيل.