ڪورائي جو دڙو
ڏيک
ڪورائي جو دڙو (Korai Jo Darro) راجا نند جو يادگار، ’نند ڪوٽ‘ جي نالي سيراڻي کان ڏکڻ - اولهه طرف، پنجن ميلن جي فاصلي تي آثار قديمه کاتي جي انتظار ۾ آهي. ”ڪورائيءَ جو دڙو“، جيڪو اٽڪل پنجن يا ڇهن ميلن تي ڪڙئي گنهور کان آهي. اتان اَشوڪا جي زماني جا آثار مليا آهن، جن ۾ بت به آهن. جيئن ته اَشوڪا جو تعلق ٻڌمت جي فرقي مهايانا سان هو، تنهن ڪري هن گوتم ٻڌ جون مورتيون يونانين کان ٺهرايون هيون. گنڌارا آرٽ ۽ يونانين جي نقاشي جي هنر ۾ ڪافي فرق آهي. اهو فرق ٽيڪسيلا جي عجائب گهر ۾ ڏسي سگهجي ٿو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو: لاڙ جا ماڳ مڪان مصنف؛ محمد سومار شيخ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.