مواد ڏانھن هلو

ڪوئلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪوئلو
Coal
گاد وارو پٿر
Bituminous coal, the most common coal grade
ترڪيب
بنياديڪاربان
ثانوي
اينٿراسائيٽ ڪوئلو

ڪوئلو (Coal) هڪ ٻرندڙ ڪارو يا ڀورو-ڪارو پٿر آهي، جيڪو ڌرتيء جي مٿاڇري جي ھيٺيان پرتن جي صورت ۾ ٺهيل آهي جنهن کي ڪوئلي جون پرتون (Coal seams) چيو ويندو آهي. ڪوئلو گهڻو ڪري ڪاربن آهي جنهن ۾ ٻيا تت، خاص طور تي هائيڊروجن، سلفر، آڪسيجن ۽ نائٽروجن، مختلف مقدار سان گڏ هوندا آهن.[1] اهو هڪ فوسل ٻارڻ آهي، جيڪو تڏهن ٺهندو آهي جڏهن ٻوٽا پيٺ (peat) جي صورت ۾ سڙي ويندا آهن جيڪو لکين سالن کان گرمي ۽ گهري دفن جي دٻاءُ سان ڪوئلي ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. [2] "ڪوئلي جي ٻيلن" جي نالي سان آبي زمينن مان هن جا وڏا ذخيرا ٺهندا هئا جيڪا ڪاربونفيرس جي آخر ۽ ابتدائي پرميئن دورن دوران گهڻو ڪري ٽراپڪس کي ڍڪيندا هئا.[3]

ڪوئلو بنيادي طور تي ٻارڻ جي طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته ڪوئلو هزارين سالن کان سڃاتو ۽ استعمال ڪيو ويندو آهي، صنعتي انقلاب تائين ان جو استعمال محدود هو. اسٽيم انجڻ جي ايجاد سان، ڪوئلي جو استعمال وڌي ويو. [4] 2020ع ۾، ڪوئلو دنيا جي بنيادي توانائي جو هڪ چوٿون حصو ۽ ان جي بجلي جو ٽيون حصو فراهم ڪندو هو. [5] ڪجهه لوهه ۽ اسٽيل ٺاهڻ ۽ ٻين صنعتي عملن لاء ڪوئلي کي ساڙيو ويندو آهي.

ڪوئلي کي ڪڍڻ ۽ ساڙڻ ماحول ۽ انساني صحت کي نقصان پهچائيندو آهي، وقت کان اڳ موت ۽ بيماري جو سبب بڻجندو آهي[6] ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي ڦهلاء جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي جيڪو موسمياتي تبديلي ۾ حصو وٺندو آهي. سال 2024ع ۾ ڪوئلي کي ساڙڻ سان پندرهن ارب ٽن کان وڌيڪ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ٿيو، [7] جيڪو ڪل عالمي گرين هائوس گيس جي اخراج جو چوٿائي کان وڌيڪ هو.[8]عالمي توانائي جي منتقلي جي حصي طور، ڪيترن ئي ملڪن ڪوئلي جي بجلي جي استعمال کي گهٽايو ياختم ڪيو آهي.[9] [10] گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل سڃي دنيا جي حڪومت کي سال 2020ع تائين نوان ڪوئلي جا پلانٽ ٺاهڻ بند ڪرڻ لاءِ درخواست ڪيو.[11]

سال 2024ع ۾ ڪوئلي جي رڪارڊ مقدار ساڙي وئي، پر سال 2030ع کان اڳ استعمال جي توقع آهي.[12] عالمي گرمي پد کي °2 سينٽي گريڊ کان گهٽ رکڻ جي پيرس معاهدي جي هدف کي پورو ڪرڻ لاءِ، [13] ڪوئلي جي استعمال کي سال 2020 کان 2030ع تائين اڌ ڪرڻ جي ضرورت آهي[14] ۽ گلاسگو جي موسمياتي معاهدي ۾ ڪوئلي جي استعمال کي "مرحلي وار گهٽائڻ" تي اتفاق ڪيو ويو هو.

ڪوئلي جو سڀ کان وڏو صارف ۽ درآمد ڪندڙ چين آهي، جيڪو دنيا جي تقريبن اڌ ڪوئلي جي کاڻ ڪري ٿو، ان کان پوءِ ڀارت لڳ ڀڳ ڏهين حصي سان بئي نمبر تي آهي. انڊونيشيا ۽ آسٽريليا سڀ کان وڌيڪ ڪوئلو برآمد ڪن ٿا، ان کان پوءِ روس آهي.[15][16]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

ڪوئلو (Coal) گذريل ٽن هزار سالن کان ٻارڻ طور استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي.

ڪوئلي ۾ ڪاربان جو غلبو هوندو آهي، جيڪو ان جي وزن جو 50 سيڪڙو کان 70 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو ٺاهيندو آهي.

ڪنهن سبب جي ڪري زمين ۾ دفن ٿيل وڻ، هزارين سالن کان پوءِ گرمي ۽ دٻاءُ سبب ڪوئلي ۾ تبديل ٿي ويندا آهن.

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ Blander, M. "Calculations of the Influence of Additives on Coal Combustion Deposits" (PDF). Argonne National Laboratory. ص. 315. اصل نسخو (PDF) مان 28 May 2010 تي محفوظ ڪيل. 17 December 2011 تي حاصل ڪيل.
  2. ↑ "Coal Explained". Energy Explained. US Energy Information Administration. 21 April 2017. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 8 December 2017 تي محفوظ ڪيل. 13 November 2017 تي حاصل ڪيل.
  3. ↑ Feulner, Georg (2017-10-24). "Formation of most of our coal brought Earth close to global glaciation". Proceedings of the National Academy of Sciences 114 (43): 11333–11337. doi:10.1073/pnas.1712062114. PMID 29073052. Bibcode: 2017PNAS..11411333F.
  4. ↑ Wilde, Robert (2019-06-30). "How the Demand for Coal Impacted the Industrial Revolution". ThoughtCo (انگريزي ۾). 2024-05-02 تي حاصل ڪيل.
  5. ↑ "Global energy data". International Energy Agency.
  6. ↑ "Lignite coal – health effects and recommendations from the health sector" (PDF). Health and Environment Alliance. December 2018. اصل نسخو (PDF) مان 11 December 2018 تي محفوظ ڪيل. 12 February 2024 تي حاصل ڪيل.
  7. ↑ "Annual CO₂ emissions from coal". Our World in Data (انگريزي ۾). اصل نسخو مان 2025-04-29 تي محفوظ ڪيل. 2025-12-16 تي حاصل ڪيل.
  8. ↑ "Global greenhouse gas emissions hit a record high in 2024".
  9. ↑ "Analysis: The global coal fleet shrank for first time on record in 2020". Carbon Brief (انگريزي ۾). 2020-08-03. 2021-11-09 تي حاصل ڪيل.
  10. ↑ Simon, Frédéric (2020-04-21). "Sweden adds name to growing list of coal-free states in Europe". www.euractiv.com (برطانوي انگريزي ۾). 2021-11-09 تي حاصل ڪيل.
  11. ↑ "Tax carbon, not people: UN chief issues climate plea from Pacific 'frontline'". The Guardian. 15 May 2019.
  12. ↑ "Global use of coal hit record high in 2024". The Guardian (برطانوي انگريزي ۾). 2025-10-22. ISSN 0261-3077. 2025-12-16 تي حاصل ڪيل.
  13. ↑ "Executive summary – World Energy Outlook 2025 – Analysis". IEA (برطانوي انگريزي ۾). 2025-12-16 تي حاصل ڪيل.
  14. ↑ "Analysis: Why coal use must plummet this decade to keep global warming below 1.5C". Carbon Brief (انگريزي ۾). 2020-02-06. 2020-02-08 تي حاصل ڪيل.
  15. ↑ "Exports – Coal Information: Overview – Analysis". IEA (برطانوي انگريزي ۾). 2022-01-20 تي حاصل ڪيل.
  16. ↑ Overland, Indra; Loginova, Julia (2023-08-01). "The Russian coal industry in an uncertain world: Finally pivoting to Asia?". Energy Research & Social Science 102. doi:10.1016/j.erss.2023.103150. ISSN 2214-6296. Bibcode: 2023ERSS..10203150O.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:Coal سانچو:Energy country lists سانچو:Electricity generation سانچو:Rock type