مواد ڏانھن هلو

ڪن ڪٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪن ڪٽي (عربي: بنط قلن، اردو: هلھل، هندي: ڪان پهوٽي، بنگالي: هرهريا، انگريزي: Caravella Seeds) هي هڪ ٻوٽي آهي جنهن جي سڀني انگن مان نھايت سخت بدبوءِ اچي ٿي. سندس پن 4-5 هنڌن کان ڪٽيل نظر ايندا آهن، ٻج گدري جي نموني تي ڪري ٿي، جي رنگ ۾ ڪارا ٿيندا آهن. ھن جي هندستان جي گرم علائقن ۾ گرميءَ جي موسم ڌاري تماڪ جي پوک ۾ ٿئي ٿي.

خاصيت: هن سان پيٽ جا ڪينئان مري پون ٿا ۽ آڪڙ لھي وڃي ٿي، ان ڪري سندس ٻج کنڊ ملائي کارايا ويندا آهن. هن کي 2-3 ماسن جي انداز ۾ ٻہ چار ڏينھن کارائي، پوءِ ارنڊي جو جلاب ڏنو وڃي ٿو، جنھن سان پيٽ جا سمورا ڪينئان مري کپي خارج ٿي وڃن ٿا.

بيروني طور تي سندس پن ڦورو پيدا ڪندڙ ۽ جلائيندڙ ٿين ٿا. سرڪي ۾ ملائي گهوٽي ڌڪ تي ٻڌايا وڃن تہ ان ۾ پونءِ وغيره پيدا نٿي ٿئي. ڪن جي سور لاءِ هن جي پنن جو پاڻي گرم گيھ ۾ ملائي پائبو تہ آرام اچي وڃي ٿو. هن جي پنن جي رس ڪڍي، ان ۾ فولاد جو ٻورو کرل ڪري، وري سندس پنن ۾ ڏئي ان کي مناسب مقدار ۾ باھ ڏني وڃي، تہ فولاد جو عمدو ڪشتو تيار ٿئي ٿو، جنھن کي جلندر ۽ ٻين بلغمي بيمارين لاءِ ڪتب آندو وڃي تہ نھايت مفيد ٿئي ٿو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. فرھنگ جعفري، ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.