ڪنڍڙي
ڏيک
ڪنڍڙي (بنگالي: ٽيلا ڪوچہ، هندي: ڪبر، تلنگي: بمبيڪا، تاملي: ڪوائي، مرهٽي: ڪنڊولي، انگريزي: Cephalendra Indica) گلدار نموني ول آهي، جا وڻن تي چڙهيل هوندي آهي. برسات ۾ کيس پرول جھڙو ڦر ٿئي ٿو، جو ڪچي ۾ سائو ۽ پچڻ تي گھرو ڳاڙهو هوندو آهي. ذائقي ۾ جهنگلي ڪنڍڙي جو ڦر ڪؤڙو ۽ پوکيل جو ڦڪو ٿئي ٿو. ھن جي پيدائش دهلي، يو پي، بنگال وغيره. ۾ ڪٿي قدرتي ٿئي ۽ ڪٿي هٿ سان پوکي ويندي آهي.[1]
طبي خاصيتون
[سنواريو]هن جي پڪل ڦر مان ٻوڙ رڌي کارائيندا آهن. بنگال جا معالـج هن جي تازي رس ذيابطيس لاءِ مفيد سمجهي ڪتب آڻين ٿا. انهيءَ خيال سان انسولين Insoline جي قائم مقام چئي وڃي ٿي. ليڪن تازي تحقيقات مان ان ڳالھ جي ترديد ڪئي وئي آهي. (هن کان پيشاب ۽ خون جي مٺاڻ ۾ ڪابہ ڪمي نٿي ٿئي.)[1]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.