مواد ڏانھن هلو

ڪنڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جاميٽري ۾، هڪ ڪنڊ (angle) تڏهن ٺهي ٿي جڏهن ٻه ليڪون هڪ نقطي تي پاڻ ۾ ملن ٿيون.[1] هر ليڪ کي ڪنڊ جي ٻانهن يا ضلعو (side) چيو ويندو آهي، ۽ جنهن نقطي تي اهي ملن ٿيون ان کي ڪنڊ جو نڪتو يا راس (Vertex) چيو ويندو آهي.[2]

اصطلاح 'ڪنڊ' کي جاميٽري جي شڪل توڻي ان جي ماپ يا مقدار (magnitude) ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪنڊ جي ماپ جو تعلق دائري (Circle) ۽ گردش (rotation) سان هوندو آهي. ان کي اڪثر هڪ دائري جي قوس (arc) جي مدد سان ظاهر ڪيو ويندو آهي، جنهن جو مرڪز ڪنڊ جو نڪتو (vertex) هوندو آهي ۽ اهو ٻنهي ٻانهن جي وچ ۾ هوندو آهي.

ڪنڊن کي عام طور تي ڊگري (degree) يا ريڊين (radian) ۾ ماپيو ويندو آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. Angle - MathWorld
  2. Geometry Basics - SkillsYouNeed

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]