ڪنٽي
ڏيک
ڪُنٽِي:(انگريزي: Kunti plant ) هيءُ ٻوٽو نرم زمين تي ٿورو ۽ ڏاڍي پوٺي واري زمين تي گهڻو ٿيندو آهي. اُن جا پن ننڍا ٿيندا آهن ۽ تَسروُن ڪري زمين تي پکڙندو ويندو آهي. منجهس پيلي رنگ جا ننڍا وڻندڙ گل ٿيندا آهن، جن ۾ پوءِ ڦل ٿيندو آهي، جو ننڍي گول ٻاٽِلي وانگر هوندو آهي ۽ منجهس مضبوط ۽ تکا ننڍا ڪنڊا ٿيندا آهن. سڪڻ بعد ٻوٽو ڀُري ويندو آهي پر ڪنڊا زمين تي پکڙيا پيا هوندا آهن. ماڻهو اُڀِراڻو (جُتيءَ کانسواءِ) هليو ته پيرن ۾ لڳندا آهن. هي ٻوٽو اُٺ جي خاص خوراڪ آهي. رڍون، ٻڪريون، ڇيلا ۽ گانيون به کائينديون آهن. ماڻهو پٽي ڀريون ڪري شام جو اُٺن جي چاري لاءِ گهر کڻي ايندا آهن ۽ مال کي دُونِهي ڪرڻ لاءِ پڻ ڪم آڻيندا آهن[1].
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو