ڪنلون جبلن جو سلسلو
| Kunlun Mountains | |
|---|---|
| اوچي سطح | |
| چوٽي | Liushi Shan |
| بلندي | 7,167 m (23,514 ft) |
| جاگرافي | |
| ملڪ | China |
| State/Province | Xinjiang, Qinghai, Tibet |
| ڪنلون جبلن جو سلسلو | |||||||||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| "Kunlun" in simplified (top) and traditional (bottom) Chinese characters | |||||||||||||||||||
| چیني نالو | |||||||||||||||||||
| آسان چیني | 昆仑山 | ||||||||||||||||||
| روایتي چیني | 崑崙山 | ||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||
| تبتي نالو | |||||||||||||||||||
| تبتي | ཁུ་ནུ་རི་རྒྱུད | ||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||
| منگولیائي نالو | |||||||||||||||||||
| منگولیائي | Хөндлөн Уул | ||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||
| اویغور نالو | |||||||||||||||||||
| اویغور | قۇرۇم تاغ تىزمىسى | ||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||
| ky نام | |||||||||||||||||||
| ky | قۇن-لۇن توو Кунь-Лунь Тоо Kun-Lun Too ky | ||||||||||||||||||
ڪنلون جبلن جو سلسلو (Kunlun Mountain) چين ۾ هڪ جبلن جا سلسلو آهي، جيڪا تبت خودمختيار علائقي ۾ واقع آهي. ڪنلون جبلن جو سلسلو ايشيا جي ڊگهي ترين جبلن جي سلسلن مان هڪ آهي، جيڪو 3,000 ڪلوميٽر (1,900 ميل) کان به وڌيڪ علائقي تي پکڙيل آهي. وسيع مفهوم ۾، هي سلسلو "تاريم بيسن" جي ڏکڻ ۾ واقع تبتي پليٽو جي اترئين ڪناري کي تشڪيل ڏئي ٿو. اولهه چين ۾ واقع، ڪنلون جبلن کي چين ۾ "جبلن جو اباڻو" (Forefather of Mountains) سڏيو ويندو آهي.[1][2]
ڪنلون جبلن جي صحيح سڃاڻپ يا تعريف وقت سان گڏ تبديل ٿيندي رهي آهي. پراڻن ذريعن ۾ "ڪنلون" مان مراد اهو جبلن جو سلسلو ورتو ويندو هو جيڪو چين جي وچ،[3] يعني "التن تاغ" (Altyn Tagh) سان گڏ "قليان" (Qilian) ۽ "قن" (Qin) جبل مان گذري ٿو. جديد ذريعن موجب، ڪنلون سلسلو تاريم بيسن جي ڏکڻ واري حصي جو گهڻو حصو ٺاهي ٿو ۽ پوءِ التن تاغ جي ڏکڻ کان ٿيندو اوڀر طرف وڌي ٿو.[4] "سيما قيان" (عظيم تاريخ دان جا رڪارڊ، اسڪرول 123) بيان ڪرڻ ٿا ته هان شهنشاهه "وو" ماڻهن کي "پيلي درياءَ" (Yellow River) جو سرچشمو ڳولڻ لاءِ موڪليو هو ۽ ان جي سرچشمي وٽ موجود جبلن کي "ڪنلون" جو نالو ڏنو هو. ائين لڳي ٿو ته هي نالو قديم چيني تحرير "جبلن ۽ سمنڊن جا احوال" (Classic of Mountains and Seas) ۾ بيان ڪيل هڪ نيم-افسانوي مقام طور وجود ۾ آيو هو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Kunlun Mountains". April 1, 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Kunlun Mountain Range – A Forever Legend" (PDF). April 1, 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Richard, L. (1908). Comprehensive Geography of the Chinese Empire. OCLC 2281016.
- ↑ National Geographic Atlas of China, 2008
- مضمون with short description
- Short description matches Wikidata
- Pages using infobox mountain with unknown parameters
- No local image but image on Wikidata
- Articles containing Chinese-language text
- Articles containing Standard Tibetan-language text
- Articles containing Mongolian-language text
- Articles containing Uyghur-language text
- Articles containing Kyrgyz-language text
- ڪنلون جبلن جو سلسلو
- جبلن جا سلسلا
- تبت خودمختيار علائقو
- چين ۾ جبلن جا سلسلا
- چين جي طبعي جاگرافي