مواد ڏانھن هلو

ڪنديان جنڪشن ريلوي اسٽيشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪندیان جنڪشن ريلوي اسٽيشن (انگريزي: Kundian Junction Railway Station؛ اردو، پنجابي: کندیاں جنکشن ریلوے اسٹیشن) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي ميانوالي جي شهر، ڪُنڊيان ۾ واقع هڪ اسٽيشن آهي.[1] ڪنديان پاڪستان ريلويز جي راولپنڊي-ملتان سيڪشن جي وچ ۾ آهي. ميانوالي ايڪسپريس ٽرين لاهور تائين ماڙي انڊس، ڪنديان، سرگوڌا، سانگلا هل ريلوي اسٽيشن جي ذريعي ويندي آهي. جڏھن تي ڪنديان کان ٿل ايڪسپريس، مهر ايڪسپريس، خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس ۽ ميانوالي ايڪسپريس به ملتان، ڪراچي ڏانهن مختلف هنڌن تي لنگهي ٿي. هتان هڪ وڏي ريلوي ڪالوني سان گڏ ريلوي اسپتال اسڪول پڻ موجود آهي ۽ گڏوگڏ ڪنديان ۾ هڪ وڏو لوڪوموٽو شيڊ پڻ آهي.

سال 2011ع ۾، ريلوي بحران جي ڪري، هن جنڪشن کان هلندڙ، ٽرينون؛ ماڙي انڊس ايڪسپريس، سرگوڌا ريل ڪار ۽ ٿل ايڪسپريس معطل ڪيون ويون. سال 2019ع ۾، ماڙي انڊس ايڪسپريس (ماڙي انڊس-لاهور) ۽ ٿل ايڪسپريس (راولپنڊي-ملتان) بحال ڪيون ويون. ان کان سواء ٻه نيون ٽرينون؛ ميانوالي ايڪسپريس ۽ نيازي ايڪسپريس (ماڙي انڊس-لاهور) ريلوي سسٽم ۾ شامل ڪيون ويون. ان کان پوءِ، هي اسٽيشن ٻيهر کوليو ويو آهي.

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Owais Mughal (2004), "Pakistan Railway Stations", IRFCA, حاصل ڪيل 2 February 2024۔

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]