مواد ڏانھن هلو

ڪملا ڪيسواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪملا ڪيسواڻي
پيدائش27 آگسٽ 1934
ڪراچي, سنڌ, برطانوي راڄ
وفات9 مئي 2009
جئپور ، ھندستان
پيشوپس پردہ ڳائڻي, لوڪ گلوڪارہ
سَرگَرمُ سالَ1950–2000

ڪملا ڪيسواڻي (27 آگسٽ 1934 - 9 مئي 2009) هڪ هندستاني لوڪ گلوڪارہ ۽ پلي بيڪ ڳائڻي هئي. هوءَ هندستان جي مشهور سنڌي ٻولي جي ڳائڻين مان هڪ هئي.

ابتدائي زندگي

[سنواريو]

ڪملا 27 آگسٽ 1934 تي سنڌ جي شھر ڪراچيءَ ۾ ۾ پيدا ٿي. سندس والدين جو تعلق سکر سان هو. سندس پيءُ گوبند رام مدناڻي هڪ ٽيليفون آپريٽر هو. هن سکر جي ھڪ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ صرف 13 سالن جي هئي جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿيو. [1] ٻين هندو سنڌين وانگر، هوءَ 1947 ۾ هندستان لڏي آئي ۽ پهرين جوڌپور ، پوءِ بيڪانير ۽ آخرڪار جئپور ۾ آباد ٿي. هن جئپور ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي ۽ راجستان يونيورسٽي مان بيچلر آف آرٽس جي ڊگري حاصل ڪئي. هن کي اسڪول جي ڏينهن کان ئي موسيقيءَ ۽ ڳائڻ ۾ دلچسپي هئي.

گائڪيءَ جو سفر

[سنواريو]

هن پنهنجي ڳائڻ جي سفر جي شروعات آل انڊيا ريڊيو کان ڪئي. هن ڪيترائي سهرا، لااڏا، صوفي ڪلام، ۽ سنڌي ۽ راجسٿاني ٻولين ۾ لوڪ گيت ڳايا. سندس ڪجهه مشهور گيت هز ماسٽر وائس ۽ آل انڊيا ريڊيو پاران پڻ رڪارڊ ڪيا ويا. [2] هن سڄي هندستان ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ شاديءَ جي پارٽين، سماجي گڏجاڻين ۽ موسيقيءَ جي پروگرامن ۾ پنھنجي آواز جو جادو جاڳايو. هوءَ هندستاني ٽي وي چينلن تي پڻ سر وکيريندي هئي. سندس گيتن جا ڪيترائي البم پڻ جاري ڪيا ويا. [3]

مشهور موسيقار سي. ارجن هن کي سنڌي فلمن ۾ هڪ پلي بيڪ سنگر جي حيثيت سان متعارف ڪرايو. [4] هن هيٺ ڏنل سنڌي ٻوليءَ جي هندستاني فلمن ۾ پلي بيڪ سنگر جي حيثيت سان پرفارم ڪيو: [5]

ڪملا ڪيسواڻي 9 مئي 2009ع تي جئپور ، انڊيا ۾ وفات ڪئي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "ڪملا ڪيسواڻي : راڳ کي عروج بخشيندڙ گلوڪاره". SindhSalamat. 2022-05-11 تي حاصل ڪيل.
  2. Malhi, Gobind (October 1991). ادب ۽ اديب (Literature and Literary Person) (Sindhi ۾). Ulhasnagar, India.: Sindhi Times Publication. ص. 4.{{cite book}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو)
  3. Ramchandani, Deepak (2013). Sindhis in Film Industry (PDF) (English ۾). ص. 12.{{cite book}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو)
  4. "چندناڻي ارجن (سي ارجن) : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2022-05-10 تي حاصل ڪيل.
  5. "Kamla Keswani - Encyclopedia of Sindhi". sindhiwiki.org. 2022-05-11 تي حاصل ڪيل.