ڪمبيشور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪمبيشور مندر:Kumbheshwar Temple:

ڪمبيشور مندر
Kumbheshwar Temple

ڪمبيشور مندر جي تصوير
عام معلومات
مڪانيت 27°40′36″N 85°19′33″E / 27.67667°N 85.32583°E / 27.67667; 85.32583مڪانيت: 27°40′36″N 85°19′33″E / 27.67667°N 85.32583°E / 27.67667; 85.32583


ڪمبيشور مندر:Kumbheshwar Temple: نيپال جي پاتن جي شهر ۾ آهي. پنجن منزلن تي ٺهيل ڪمبيشور پڳوڊا، پاتن جي پراڻي ۾ پراڻي عمارت آهي. ڪمبيشور مندر، شِو جي نالي سان لاڳاپيل آهي. شروعات ۾ هي مندر ٻه ماڙ هيو ۽ 1392ع ۾ تعمير ٿيو هو، پر پوءِ سترهين صديءَ ۾ شرينواسا مَل مٿيون ٽي منزلون ٺهرايون. شِو (انگريزي ٻولي: Shiva) هندو مذهب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. شِو تخليق ڪندڙ به آهي، ته تباهه ڪندڙ به ته سنڀاليندڙ به. اڪثر مندرن ۾ شِو لنگ جي پوڄا به ٿيندي آهي. شِو (Odia:ସିୱ୍ଅୟ,Tamil:சிவன்) جا بت يا تصويرون گھڻو ڪري عبادت ڪندي ملن ٿيون. سندس جٽائن مان گنگا وهي نڪتي هئي. ان کان سواءِ شِو کي نيل ڪنٺ به چوندا آهن، ڇو جو هن زهر پيتو هو. [1] [2]

  1. نڪري پيس نيپال ڏانهن (اسحاق انصاري) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-09-16 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-31 
  2. Shiva - Wikipedia

ذمرو: ھندوازم