مواد ڏانھن هلو

ڪمبوجيه پھريون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪمبوجيه پھريون Cambyses I

ڪمبوجيه پھرين جو مقبرو، پاسارگاد
فارس جو بادشاهه
580–559 ق م
پيشرو سائرس پھريون
جانشين سائرس اعظم (سائرس ٻيون)
جيون ساٿي ميديا جي مانداني
نسل سائرس اعظم
شاھي گھراڻو اخميني (ٽيسپيدي)
پيءُ سائرس پھريون
لاڏاڻو 559 ق م (عمر لڳ ڀڳ 41 سال)
پاسارگاد
تدفين 559
پاسارگاد
مذھب زرتشتيت

ڪمبوجيه پھريون يا ڪمبوجس پھريون'Cambyses I' (𐎣𐎲𐎢𐎪𐎡𐎹 لڳ ڀڳ 580 کان 559 ق م تائين انشان جو بادشاهه رهيو. هو سائرس اعظم (سائرس ٻيون) جو والد هو، ۽ سائرس پھريون جو ننڍو پٽ ۽ آروڪّو جو ڀاءُ هو.[1] هن کي پنهنجي وڌيڪ مشهور پوٽي ڪمبوجيه ٻيون سان گڊ مڊ نه ڪرڻ گهرجي.

نالي جو اشتقاق

[سنواريو]

ھن جي نالي ڪمبوجس 𐎣𐎲𐎢𐎪𐎡𐎹 (Kaᵐbūjiya) جي اصل بابت علمي حلقن ۾ اختلاف موجود آهي؛ ڪجهه عالمن موجب هي نالو ايلامي ٻولي مان نڪتل آهي، جڏهن ته ٻين ان کي ڪمبوجا سان ڳنڍيو آهي، جيڪي ايراني قوم هيون ۽ اتر اولهه انڊيا جي ننڍي کنڊ ۾ آباد هيون.[1] ڪمبوجس جو نالو ٻين ٻولين ۾ هن ريت ملي ٿو: ايلامي: Kanbuziya؛ اڪدي: Kambuziya؛ آرامي: Kanbūzī.[1]

پسمنظر

[سنواريو]

ڪمبوجس جي حياتيءَ دوران لکيل ڪا به همعصر تحرير محفوظ نه رهي آهي.[1] ھي ھخامنشي خاندان جو ابتدائي فرد هو. هو ظاهري طور هن خاندان جو باني سندسئ پوٽو سائرس اعظم ھيو. لڳ ڀڳ سئو ورهيه پوءِ، هيروڊوٽس دعويٰ ڪئي ته ڪمبوجس پھريون جو علائقو ميدي بادشاهه ايسٽيئيگس جو تابعدار (Vassal) هو، ۽ هن پنهنجي سياسي حيثيت کي ايسٽيئيگس جي هڪ ڌيءَ سان شادي ڪري مضبوط ڪيو، جنهن جو نالو هيروڊوٽس واضح نموني بيان نه ڪيو. هي اتحاد شايد ميديا جي حمايت يا گهٽ ۾ گهٽ غيرجانبداري کي يقيني بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو، جڏهن سندس پٽ سائرس پنهنجون فوجي مهمون شروع ڪيون، جيڪي آخرڪار فارسي سلطنت جي قيام جو سبب بڻيون. ڪمبوجيه پھريون جو ڪردار انشان جي ننڍڙي علائقائي حڪمراني مان نڪري قديم قريب اوڀر جي وڏي حصي تي ڇانيل اخميني سلطنت ڏانهن منتقلي ۾ انتهائي اهم هو.[2]

ذاتي زندگي

[سنواريو]

هيروڊوٽس موجب، ڪمبوجس پھريون"سٺي خاندان مان هو ۽ خاموش عادت وارو ماڻهو هو". هو ميديائي بادشاهه ايسٽيئيگس جي بالا دستي هيٺ حڪمراني ڪندو هو. ٻڌايو وڃي ٿو ته هن شهزادي ميديا جي مانداني سان شادي ڪئي، جيڪا ايسٽيئيگس ۽ ليديا جي شهزادي آرينيس جي ڌيءَ هئي ۽ سياڪسيئرس ۽ ليديا جي الياتس ٻنهي جي پوٽي هئي.[3] هن شاديءَ جو نتيجو سندس جانشين سائرس اعظم جي ولادت جي صورت ۾ نڪتو. دمشق جي نيڪولاس موجب، ڪمبوجس پھريون جو اصل نالو اَتراداتس هو، ۽ هو فارسي سرحدي جنگ ۾ زخمي ٿيو، جيڪا هن پنهنجي پٽ سان گڏ ايسٽيئيگس خلاف وڙهي. هي واقعو لڳ ڀڳ 551 ق م ۾ پيش آيو، ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ته کيس مانائتي طريقي سان دفن ڪيو ويو. ساڳيءَ طرح هيروڊوٽس موجب، ايسٽيئيگس ڪمبوجس پھريون کي پنهنجو ناٺي ان ڪري چونڊيو، جو کيس لڳو ته ڪمبوجس ميدي تخت لاءِ ڪو خطرو ناهي، ڇو ته هن خواب ڏٺو هو ته سندس ڌيءَ اهڙي پٽ کي جنم ڏيندي جيڪو ايشيا تي حڪمراني ڪندو ۽ کيس (ايسٽيئيگس کي) تخت تان لاھي ڇڏيندو. اھا اڳڪٿي ڪمبوجس پھريون بابت صحيح ثابت نه ٿي، پر سائرس اعظم واقعي پنهنجي ناني کي معزول ڪري فارسي سلطنت جو بنياد وڌو.

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 Dandamayev 1990726–729.
  2. "LacusCurtius • Herodotus — Book III: Chapters 1-38", penelope.uchicago.edu, حاصل ڪيل 19 اپريل 2024۔
  3. Briant 200224.