مواد ڏانھن هلو

ڪمبوجيه ٻيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪمبوجيه ٻيون
𐎣𐎲𐎢𐎪𐎡𐎹
زمينن جو بادشاھ

ڪمبوجيه (کاٻي پاسي، گوڏن ڀر ويٺل) فرعون طور ايپس ڍڳي (Apis Bull) جي عبادت ڪندي (524 ق.م)
بادشاهن جو بادشاھ، هخامنشي سلطنت
530 – جولاءِ 522 ق.م
پيشرو سائرس اعظم
جانشين برديا
مشترڪ حڪمران سائرس اعظم (530 ق.م)
مصر جو فرعون
525 – جولاءِ 522 ق.م
پيشرو پسامتڪ ٽيون
جانشين برديا
جيون ساٿي هيٺ ڏسو
شاھي گھراڻو هخامنشي خاندان (ٽيئسپيڊ)
پيءُ سائرس اعظم
ماءُ ڪسندانا
لاڏاڻو جولاءِ 522 ق.م
اگبتانا، ايبر-ناري
مذھب زرتشتي مذهب

ڪمبوجيه ٻيون (قديم فارسي جو اچار) جيڪو قديم فارسي جي لکت ۾ 𐎣𐎲𐎢𐎪𐎡𐎹 هخامنشي سلطنت جو ٻيون بادشاهن جو بادشاھ هو، جنهن 530 کان 522 ق.م تائين حڪومت ڪئي. هو سائرس اعظم (سانچو:Reign) جو پٽ ۽ جانشين هو؛ سندس ماءُ ڪسندانا هئي. سندس نسبتاً مختصر دورِ حڪومت اتر آفريڪا ۾ سندس فتوحات سبب نمايان رهيو، خاص طور تي مصر، جيڪو هن 525 ق.م ۾ پيلوسيئم جي جنگ دوران فرعون پسامتڪ ٽيون (سانچو:Reign) کي شڪست ڏئي فتح ڪيو. مصر ۾ فتح کان پوءِ، هن آفريڪا ۾ سلطنت کي وڌائيندي سيرينائيڪا، اوڀر ليبيا جو ساحلي علائقو، پنهنجي قبضي ۾ آندو. 522 ق.م جي بهار ۾، فارس ۾ بغاوت کي دٻائڻ لاءِ ڪمبوجيه کي تڪڙ ۾ مصر ڇڏڻو پيو. سوريا (ايبر-ناري) ڏانهن ويندي، ڪمبوجيه کي ڪنهن طرح ران ۾ زخم لڳو، جيڪو جلد ئي گينگرين ۾ تبديل ٿي ويو. ڪمبوجيه ٽن هفتن بعد اگبتانا ۾ وفات ڪئي، جيڪا امڪاني طور اڄ جي هاما شهر سان سڃاتي وڃي ٿي. هو بي اولاد فوت ٿيو، تنهن ڪري سندس جانشين سندس ننڍو ڀاءُ برديا ٿيو. برديا ٿوري عرصي لاءِ حڪومت ڪئي، پوءِ کيس دارا اعظم (سانچو:Reign) هٽائي ڇڏيو، جنهن بعد ۾ هخامنشي سلطنت جي طاقت کي وڌيڪ وڌايو. تخت نشيني کان اڳ، ڪمبوجيه اپريل کان ڊسمبر 538 ق.م تائين پنهنجي پيءُ سائرس جي دور ۾ اتر بابل جو گورنر رهيو. هن بابِل ۽ سِپار ۾ به عهدا سنڀاليا. 530 ق.م ۾، سندس پيءُ کيس شريڪ حڪمران مقرر ڪيو. ان کان پوءِ سائرس مرڪزي ايشيا جي مساجيتي (Massagetae) قبيلن خلاف مهم تي روانو ٿيو، جتي سندس موت ٿيو. اهڙي طرح، ڪمبوجيه وسيع هخامنشي سلطنت جو اڪيلو حڪمران بڻيو. تاريخي ذريعن موجب، سندس تخت نشيني وقت کيس ڪا خاص مخالفت پيش نه آئي.

نالي جي اشتقاق

[سنواريو]

ڪمبوجس قديم فارسي ۾ «ڪمبوجيه» (𐎣𐎲𐎢𐎪𐎡𐎹)جي اصل بابت علمي دنيا ۾ اختلاف موجود آهي؛ ڪجهه ماهرن موجب هي نالو ايلامي اصل جو آهي، جڏهن ته ٻيا ان کي ڪمبوجا سان ڳنڍين ٿا، جيڪي ايراني قوم مان هئا ۽ هندستاني برصغير جي اتر اولهه علائقن ۾ آباد هئا۔[1] ڪمبوجيه جو نالو ٻين ٻولين ۾ هن ريت ملي ٿو: ايلامي ۾ ڪنبوزيه Kanbuziya؛ اڪادي ۾ ڪمبوزيهKambuziya؛ ۽ آرامي ۾ ڪنبوزيKanbūzī۔[1]


خانداني تاريخ

[سنواريو]

ڪمبوجيه، سائرس اعظم (سانچو:Reign) ۽ ڪسندانا جو وڏو پٽ هو۔[1][lower-alpha 1] ڪمبوجيه جو هڪ ننڍو ڀاءُ برديا هو، ۽ ٽي ڀينرون هيون: ارتسٽون، اتوسا ۽ رخسانا۔[2] سندس ڏاڏو ڪمبوجيه پھريون هو، جيڪو فارس جو بادشاهه (600–559 ق.م) رهيو۔[1] هي خاندان فارسي قبيلن جي حڪمرانن مان هو، جن انشان مان شروعات ڪندي، پهرين ميدي سلطنت، پوءِ نئين-بابلي سلطنت، ۽ آخرڪار ليديا ۽ وچ ايشيا کي فتح ڪري ھخامنشي سلطنت قائم ڪئي۔[2]

شروعاتي زندگي

[سنواريو]
بابِل جا کنڊر

اپريل 538 ق.م ۾، ڪمبوجيه کي سندس پيءُ طرفان بابل جي اترين حصي جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر بابل پڻ شامل هو، جڏهن ته مرڪزي ۽ ڏاکڻا حصا سڌي طرح سائرس ۽ سندس عملدارن جي نگراني هيٺ رهيا۔ 27 مارچ 538 ق.م تي نوروز جي مذهبي ميلي دوران، ڪمبوجيه ايساگيلا مندر ۾ ديوتا مارڊڪ جي آڏو شاهي عصا حاصل ڪئي۔ بهرحال، سندس گورنري صرف نَو مهينا رهي؛ ڊسمبر 538 ق.م ۾ کيس نامعلوم سببن جي ڪري عهدي تان هٽايو ويو۔ ان کان پوءِ هو گهڻو ڪري بابِل ۽ سپپار ۾ رهيو۔[1]

بابلي ذريعن موجب، 538/537 ق.م ۾ سائرس ۽ ڪمبوجيه ٻيون “بابل جو بادشاهه، شھنشاھ” جي لقب سان سڏيا ويا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سائرس کيس اڳ ئي گڏيل حڪمران مقرر ڪري ڇڏيو هو۔[1][3] سائرس جو ننڍو پٽ برديا وچ ايشيا ۾ پنهنجي علائقي جو حڪمران بڻيو، جيڪو خراج کان آزاد هو۔[4] ڪمبوجيه مساجيتي خلاف مهم ۾ شامل ٿيو، پر وارث هجڻ سبب کيس واپس فارس موڪليو ويو، جتي ٿوري ئي دير بعد سائرس مارجي ويو۔[1] ڪمبوجيه پنهنجي پيءُ جو لاش پاسارگاد ۾ دفن ڪرايو، مقبره جيڪو اڳ ئي تيار ڪرايو ويو هو۔[4]

فوجي مهمون

[سنواريو]

مصر خلاف تياريون ۽ قبرص جي فتح

[سنواريو]
اخميني سلطنت جي واڌ ويجهه

ڪمبوجيه جو تخت نشين ٿيڻ نسبتاً بي رڪاوٽ رهيو۔[4] هن هڪ وسيع پر نئين سلطنت تي حڪمراني ڪندي، تابع علائقن تي ڪنٽرول برقرار رکيو ۽ مصر تي قبضو ڪري قديم ويجهو اوڀر جي آخري وڏي طاقت کي به شڪست ڏني۔ پئير بريان موجب، هي ڪنهن “غير عقلي عالمي فتح” جي خواهش نه هئي، پر اڳواٽ رٿيل پاليسي هئي، جيڪا سائرس شروع ڪئي هئي۔[5]

مصر جو فرعون اماسيس ٻيون (570 ق.م کان حڪمران) هو۔ سندس اتحادي پوليڪريٽس (ساموس جو يوناني حڪمران) ھخامنشي مفادن لاءِ خطرو بڻيل هو، پر بعد ۾ هن ڪمبوجيه سان اتحاد ڪري ورتو۔[6] اماسيس جو ٻيو اتحادي، فانيس آف هاليڪارناسس، به فرعون جي موڪليل قاتلن کان بچي ڪمبوجيه وٽ اچي ويو۔[7] مصر تي حملي کان اڳ، ڪمبوجيه قبرص تي قبضو ڪري اماسيس کي سخت ڌڪ پهچايو۔[5]

مصر جي فتح

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو First Achaemenid conquest of Egypt
ڪمبوجيه ٻيو ۽ پسامٽڪ ٽيون (خيالي 19هين صديءَ جي تصوير)

526 ق.م ۾ اماسيس ٻيو وفات ڪري ويو، ۽ سندس پٽ پسامٽڪ ٽيون تخت تي ويٺو۔[8] ڪمبوجيه پنهنجي فوج کي مضبوط ڪيو ۽ اخميني بحريه جو بنياد وڌو، جيڪا فونيقيه ۽ ايشيا مائنر جي وسيلن سان تيار ٿي۔ عرب قبيلن سان معاهدي وسيلي، هن پنهنجي فوج لاءِ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي، جيئن نيل درياهه تائين پهچي سگهي۔[7]

525 ق.م ۾، پلوسيم وٽ فارسي ۽ مصري فوجون ٽڪرايون، جتي فارسي فاتح ٿيا۔[1] ڪجهه ذريعن موجب، ڪمبوجيه مصري مقدس جانورن (ٻليون، ڪتا وغيره) کي اڳيان رکي، مصري فوج کي وڙهڻ کان روڪي ڇڏيو۔[9] ان کان پوءِ ميمفس تي گهيرو ڪيو ويو، ۽ شديد مزاحمت باوجود شهر فتح ٿيو۔[10] اونهاري تائين سڄو مصر فارسي بالادستي هيٺ اچي ويو۔[1] ان کان پوءِ ڪمبوجيه اولهه (قديم ليبيا، سائرينائيڪا) ۽ ڏکڻ (نوبيا) ڏانهن واڌ ڪئي۔[10]


انتظاميه

[سنواريو]

مصر ۾ پاليسيون

[سنواريو]
اپس ديوتا (Apis) جو مجسمو۔

قديم مصري شاهي روايت موجب، ڪمبوجيه «مٿئين ۽ هيٺئين مصر جو بادشاهه» ۽ را ديوتا(Ra)، هورس (Horus)، اوسائرس ديوتا (Osiris) جي نسل وارا لقب اختيار ڪيا، جيڪي اڳوڻن مصري فرعونن به استعمال ڪيا هئا۔ ڪمبوجيه پنهنجي فتح کي مقامي مصري ماڻهن لاءِ جائز «اتحاد» طور پيش ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا پڻ استعمال ڪئي، ۽ اها دعويٰ ڪيائين ته هو پاڻ به مصري نسل مان آهي اهو چئي ته هو شهزادي نِتيتِس (Nitetis)) جو پٽ آهي، جيڪا فرعون اپرئيز (Apries) جي ڌيءَ هئي، بلڪل ائين جيئن سندس پيءُ (سائرس) ميديا تي قبضو ڪندي پنهنجي ميدي نسل جو دعويٰ ڪيو هو۔[11] سائِس (Sais) ۾، ڪمبوجيه پاڻ کي ديوي |نيٿ (Neith) جي مندر ۾ مذهبي رسمن تحت تاجپوشي ڪرائي، ۽ ان موقعي تي مصري ديوتائن لاءِ قربانيون پڻ پيش ڪيائين۔[1]

قديم مورخن موجب، مصر تي ڪمبوجيه جي حڪمراني ظالمانه روين، مندرن جي لٽ مار، مقامي ديوتائن جي تمسخر، ۽ شاهي مقبرن جي بي حرمتي سان ڀرپور هئي۔[1] هيروڊوٽس جهڙا مورخ خاص طور ڪمبوجيه طرفان مقدس ڏاند اَپِس (Apis) کي قتل ڪرڻ واري دعويٰ تي زور ڏين ٿا۔[1][12] تنهن هوندي به، همعصر مصري ذريعن ۾ مندرن جي لٽ مار بابت ڪا به رپورٽ نٿي ملي۔[1] وڌيڪ اهو به چيو وڃي ٿو ته ڪمبوجيه اَپِس کي تابوتِ سنگي (sarcophagus) ۾ دفن ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو۔[1][13] اَپِس جو جانشين 518 ق.م ۾ مري ويو, يعني ڪمبوجيه جي وفات کان چار سال پوءِ۔[1] 524 ق.م ۾ دفن ٿيل اَپِس جي ڪتبي عبارت (Epithet) ۾ لکيل آهي:

[سال] 6، موسم شيمو (Shemou) جو ٽيون مهينو، ڏينهن 10 (؟)، مٿئين ۽ هيٺئين مصر جي بادشاهه جي جلال هيٺ [...] سدائين حياتيءَ سان سرفراز، ديوتا کي [سلامتيءَ سان سٺي اولهه ڏانهن آندو ويو ۽ نيڪروپولس ۾] سندس جڳھ ۾ آرام ڏياريو ويو، اها جڳھ جيڪا بادشاهه جي جلال هن لاءِ ٺهرائي هئي—[ان کان پوءِ] جڏهن [سڀ رسمون هن لاءِ] حنوط خاني ۾ پوريون ڪيون ويون [...] اهو سڀ ڪجهه انهيءَ مطابق ڪيو ويو جيڪو بادشاهه جي جلال چيو هو [...][12]

تابوت تي لکيل هڪ روايتي عبارت (legend) پڻ چوي ٿي:

(ڪمبوجيه)، مٿئين ۽ هيٺئين مصر جو بادشاهه [...] پنهنجي پيءُ اَپِس-اوسائرس لاءِ يادگار طور گرينائيٽ جو وڏو تابوت ٺهرايو، بادشاهه طرفان وقف ڪيل [...], هر حياتيءَ سان، هر دوام ۽ خوشحالي (؟) سان، هر صحت سان، هر خوشيءَ سان، سدائين مٿئين ۽ هيٺئين مصر جي بادشاهه طور ظاهر ٿيندڙ۔[12]

هي عبارت ڪمبوجيه طرفان اَپِس کي قتل ڪرڻ واري دعويٰ کي رد ڪري ٿي، ۽ بريانٽ (Briant) موجب، اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته هيروڊوٽس غلط/من گھڙت رپورٽون قلمبند ڪيون۔[12] ان جي ابتڙ، ڪمبوجيه اَپِس جي حفاظت ۽ تدفين جي رسمن ۾ شريڪ رهيو۔[12] اهڙا ٻيا ذريعا به مصري ثقافت ۽ مذهب بابت ڪمبوجيه جي محتاط رويي جو ذڪر ڪن ٿا۔[13] مصري ڊيموٽڪئ واقعانامي (Demotic Chronicle) موجب، ڪمبوجيه مندرن کي فرعونن طرفان ملندڙ وڏي آمدني گهٽائي ڇڏي؛ فقط ٽن وڏن مندرن کي پنهنجا سڀ حق برقرار رکڻ جي اجازت ڏني وئي۔[1] نتيجي ۾ جن پادرين جا حق ختم ٿيا، تن ڪمبوجيه خلاف جعلي/من گهڙت قصا ڦهلائڻ شروع ڪيا۔[1][14] مندرن جي معاشي طاقت گهٽائڻ جو مسئلو اڳين فرعونن جي دور کان هلندو آيو هو، جن به اهڙي ڪوشش ڪئي هئي۔[15] هي مسئلو قديم مصر جي زوال تائين جاري رهيو۔[15] بابل ۾ سائرس وانگر، ڪمبوجيه مصري اشرافيه کي به پنهنجين عدالتي/انتظامي حدن اندر اختيار برقرار رکڻ ڏنو۔[13]

سلطنتي انتظاميه

[سنواريو]
ساردِس (Sardis) ۾ ٺهيل ھخامنشي سڪو، ممڪن آهي ته ڪمبوجيه ٻئي جي دور ۾ ٺهيو هجي۔

جيتوڻيڪ سائرس ۽ ڪمبوجيه جي دور ۾ ٽيڪس جو نظام موجود هو، پر اهو باقاعده/منظم صورت ۾ نه هو؛ تنهن ڪري بادشاهه جي رعيت تي يا ته تحفا ڏيڻ جي ذميواري هوندي هئي يا «ٽيڪس» ادا ڪرڻي پوندي هئي۔[16] جيئن سندس پيءُ جي زماني ۾ هو، ڪمبوجيه جا سٽرئپ (satrap) سڀ فارسي نسل مان هئا: بابل-فرات پار ۾ گُبارو (Gubaru)، مصر ۾ اَريانڊِس (Aryandes)، ساردس ۾ اورويٽِس (Oroetes)، داسڪيليئم (Dascylium) ۾ ميتروباٽِس (Mitrobates)، باڪٽريا (Bactria) ۾ دادارسي (Dadarsi)، ۽ اراڪوسيا (Arachosia) ۾ ويوانا (Vivana)۔ ساڳي طرح بابل ۾ شاهي خزانچي مِٿراڊاٽا (Mithradata) پڻ هڪ فارسي خاندان مان هو۔ حقيقت ۾، مصر ۾ ڪمبوجيه سان گڏ رهندڙ سينيئر عملدار ۽ فوجي آفيسر فقط فارسي هئا۔[17] انهن مان سڀ کان نمايان اهي هئا جيڪي بادشاهه جا قريب هئا٫ جهڙوڪ سندس سوٽ دارا اعظم (Darius)، جن سائرس ۽ ڪمبوجيه ٻنهي هيٺ اعليٰ عهدن تي ڪم ڪيو، ۽ ڪمبوجيه هيٺ «ڀالا کڻندڙ» (spear-bearer) طور به رهيو۔[18] دارا جو پيءُ هِستاسپِس (Hystaspes) پارٿيا (Parthia) ۽ هِرڪانيا (Hyrcania) جو گورنر هو يا گهٽ ۾ گهٽ اتي هڪ اهم ڪردار رکندو هو۔ بادشاهه جي مرڪز ۾ اهم عهدن تي به فارسي ئي مقرر هئا—مثلاً پريڪساسپِس (Prexaspes) جيڪو ڪمبوجيه جو پيغام-بر (message-bearer) هو، ۽ سِسامنيز (Sisamnes) جيڪو شاهي جج هو پر پوءِ ڪمبوجيه کيس ڦاھي ڏياري قتل ڪرايو۔[17]

ذاتي زندگي

[سنواريو]

هيروڊوٽس موجب، ڪمبوجيه کي فارسين طرفان جابر/آمر (Despotist) سڏيو ويو، ڇاڪاڻ ته هو “اڌ چريو، ظالم ۽ گستاخ” هو۔ پر هي ڳالهه جيتوڻيڪ بعد واري فارسي ۽ مصري پروپيگنڊا جو حصو هئي، جيڪا ڪمبوجيه خلاف هئي۔ حقيقت ۾، ڪمبوجيه جڏهن اختيار پاڻ وٽ مرڪوز ڪرڻ چاهيو ته فارسي قبيلائي اشرافيه آهستي آهستي سندس خلاف ٿيندي وئي۔[1]

شاديون

[سنواريو]

ھخامنشي فارس ۾ خاندان اندر شاديون— جهڙوڪ سُؤٽاڻي ڀائرن سُؤٽاڻي ڀينرن، ڀاڻيجن-ڀاڻيجين يا سؤٽن جي وچ ۾— ڪندا هيا ۽ انهن کي زنا بالمحارم (incest) نه سمجهيو ويندو هو۔ پر يوناني ذريعا چون ٿا ته شاهي خاندان ۾ ڀاءُ-ڀيڻ ۽ پيءُ-ڌيءَ واريون شاديون به ٿينديون هيون؛ تنهن هوندي به انهن بيانن جي اعتبار جو فيصلو ڪرڻ مشڪل آهي۔[19] هيروڊوٽس موجب، ڪمبوجيه مبينا طور پنهنجي ٻن ڀينرن اٽوسا (Atossa) ۽ رخسانه (Roxane/Roxanne) سان، شاهي ججن جي صلاح جي ابتڙ، شادي ڪئي۔[1][19] اها ڳالهه ان وقت “غيرقانوني” سمجهي ويندي هئي۔ پر هيروڊوٽس اهو به چوي ٿو ته ڪمبوجيه اوٽانِس (Otanes) جي ڌيءَ فائيدائمي (Phaidyme) سان پڻ شادي ڪئي؛ جڏهن ته سندس همعصر ڪتيسياس رخسانه کي ڪمبوجيه جي زال سڏيندو آهي، پر کيس ڀيڻ نٿو سڏي۔[19] ڪمبوجيه تي زنا بالمحارم جا الزام هن جي “ڪفر آميز عملن” جي فهرست ۾ ٻڌايا وڃن ٿا، جن جو مقصد سندس “جنون ۽ پاڻپسندي” ظاهر ڪرڻ هو۔ اهي رپورٽون ساڳئي مصري ذريعن مان نڪتل آهن جيڪي ڪمبوجيه جا مخالف هئا؛ ۽ انهن مان ڪي الزام (مثلاً اَپِس بيل جو قتل) غلط ثابت ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري ڪمبوجيه جي مبينا محرماتي عملن بابت رپورٽ پڻ مشڪوڪ آهي۔[19] هيروڊوٽس موجب، ڪمبوجيه جي “ڀيڻ-زالن” مان هڪ مصر ۾ ساڻس گڏ هئي۔ ڪنهن موقعي تي هن زال کيس تنقيد ڪئي ته ڪمبوجيه ڪاوڙ ۾ اچي کيس ۽ سندس اڻڄاول ٻار کي قتل ڪري ڇڏيو، ۽ تقريباً ليديا جي اڳوڻي بادشاهه ڪروئسُس (Croesus) کي به مارائي ڇڏيو، جنهن پڻ کيس تنقيد ڪئي هئي۔ هي ڪهاڻي ڪمبوجيه جي تنقيد کان نفرت، سندس محرماتي شادي، سندس ضبطِ نفس جي کوٽ، ۽ مرد اولاد نه هجڻ کي “سزا” طور پيش ڪري ٿي۔ ٻين ڪهاڻين وانگر، هي بيان به قبول ڪرڻ مشڪل آهي، خاص طور ان ڪري به جو ڪروئسُس ليديا جي فتح کان ٿوري ئي دير پوءِ فوت ٿي چڪو هو۔[20]

وفات ۽ جانشيني

[سنواريو]

522 ق.م جي بهار ۾، ڪمبوجيه فارس ۾ بغاوت سان منهن ڏيڻ لاءِ تڪڙ ۾ مصر ڇڏي ويو۔[21] روانگي کان اڳ، هن مصر کي هڪ سٽرئپي (satrapy) بڻائي، ان جي گورنري فارسي اَريانڊِس (Aryandes) کي ڏني۔[21] هيروڊوٽس موجب، برديا (سمرڊِس -Smerdis) ڪمبوجيه سان مصر ۾ گڏ هو، پر ڪمبوجيه کيس ننڍڙي دل آزاريءَ سبب وطن موٽڻ جو حڪم ڏنو۔ پوءِ ڪمبوجيه خواب ڏٺو ته سندس ڀاءُ فارس جي تخت تي ويٺو آهي؛ تنهن ڪري هن فارسي پريڪساسپِس کي حڪم ڏنو ته برديا کي قتل ڪري۔ پوءِ معلوم ٿيو ته تخت تي ويهندڙ شخص سندس ڀاءُ نه، پر ڪو ٻيو هو جيڪو ساڳئي نالي سان پاڻ کي “حقيقي ڀاءُ” ظاهر ڪري رهيو هو۔ شروع ۾ ڪمبوجيه پريڪساسپِس تي حڪم نه مڃڻ جو الزام وڌو، پر جڏهن ٻڌائين ته برديا مري چڪو آهي، تڏهن ڪمبوجيه بغاوت دٻائڻ لاءِ نڪتو۔ بهرحال، هيروڊوٽس جي ڪيترين ڪهاڻين وانگر، هتي به مسئلا آهن ۽ هي بيان ايسٽيئيگس ۽ هارپاگُس واري قصي جي بناوت سان به سهڻو ملي ٿو۔[22] بهرحال، ڪمبوجيه ٿوري ئي دير بعد، تڪراري حالتن ۾، وفات ڪري ويو۔ اڪثر بيانن موجب، جڏهن هو شام ۾ (يعني ايبر-ناري (Eber-Nari) رستي تي هو، تڏهن سندس ران/ڄنگهه ۾ زخم ٿيو، جيڪو جلد گينگرين (gangrene) ۾ بدلجي ويو۔[21] ڪمبوجيه ٽن هفتن پوءِ (جولاءِ ۾) اگباتانا نالي جاءِ تي فوت ٿيو, جيڪا گهڻو امڪان آهي ته اڄ جو شهر حما (Hama) هجي۔[1] هو بغير اولاد جي مري ويو،[1] ۽ سندس جانشين طور سندس ننڍو ڀاءُ برديا (Bardiya) بڻيو۔[23]

دارا (Darius)، جيڪو ان وقت ڪمبوجيه جو نيزه بردار هو، موجب، برديا شاهنشاه ٿي نٿي سگهيو ۽ 522 ق.م ۾ پنهنجي هٿان مري ويو۔ هيروڊوٽس ۽ ڪتيسياس سندس موت کي حادثو ٻڌائين ٿا۔ ڪتيسياس لکي ٿو ته ڪمبوجيه، خاندان جي نقصان سبب مايوس ٿي، ڪاٺ جي ٽڪري سان ڪم ڪندي پاڻ کي ران ۾ ڇري/خنجر هڻي وڌو، ۽ يارهن ڏينهن بعد زخم سبب مري ويو۔ هيروڊوٽس جي ڪهاڻي موجب، جڏهن ڪمبوجيه گهوڙي تي چڙهڻ لڳو ته سندس ميان جي ٽِپ ٽٽي پئي ۽ تلوار ران ۾ لڳي وئي، بلڪل انهيءَ هنڌ تي جتي هن مبينا طور اَپِس بيل کي زخمي ڪيو هو۔ ڪجهه جديد مورخن کي شڪ آهي ته ڪمبوجيه کي قتل ڪيو ويو، يا ته دارا طرفان، سلطنت تي قبضو ڪرڻ جي پهرين قدم طور؛ يا برديا جي حامين طرفان۔[24]

ڪمبوجيه کي فارس جي ڏکڻ اوڀر ۾ نيئيريز (Neyriz) ۾ دفن ڪيو ويو۔ پرسپولس انتظامي محفوظات موجب، سندس نالي تي قربانيون پيش ڪيون وينديون هيون۔[25] ڪمبوجيه جي وفات وقت، ھخامنشي سلطنت اڳ کان وڌيڪ طاقتور هئي—سائرينائيڪا (Cyrenaica) کان هندو ڪُش تائين، ۽ سير درياء (Syr Darya) کان فارسي خليج تائين ڦهليل۔[26]

بادشاهن وانگر جيڪي هن کان اڳ ۽ پوءِ آيا، ڪمبوجيه وٽ به ڪيترائي شاهي لقب هئا، جيتوڻيڪ سندس ڪو به ڪتبـو/نقش باقي نه رهيو آهي۔ معلوم لقبن ۾ مٿئين ۽ هيٺئين مصر جو بادشاهه ۽ «را ديوتا، هورس ديوتا، اوسائرس ديوتا جو نسل، مصر جو فرعون، بابل جو بادشاهه، ۽ ملڪن جو بادشاهه شامل آهن۔[27][28][1]

ذريعا

[سنواريو]
ڪمبوجيه ٻيون
 Died: 522 BC
پيشرو
سائرس اعظم
فارس جو شاهنشاه (King of Kings)
530–522 BC
جانشين
برديا
پيشرو
پسامٽڪ ٽيون
مصر جو فرعون
525–522 BC

سانچو:Median and Achaemenid kings سانچو:Pharaohs سانچو:Achaemenid rulers سانچو:Babylonian kings

```0

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 Dandamayev 1990726–729.
  2. 1 2 Dandamayev 1993516–521.
  3. Briant 2002519.
  4. 1 2 3 Briant 200250.
  5. 1 2 Briant 200251.
  6. Briant 200251–52.
  7. 1 2 Briant 200253.
  8. Briant 200252.
  9. Forster, E. S. (1941). Dogs in Ancient Warfare. Greece & Rome, 10(30), 114–117.
  10. 1 2 Briant 200254.
  11. Brosius 202140.
  12. 1 2 3 4 5 Briant 200257.
  13. 1 2 3 Llewellyn-Jones 201769.
  14. Llewellyn-Jones 201768.
  15. 1 2 Briant 200260.
  16. Dandamayev 2000.
  17. 1 2 Briant 200282.
  18. Briant 200282, 771.
  19. 1 2 3 4 Brosius 2000.
  20. Brosius 202143-4.
  21. 1 2 3 Briant 200261.
  22. Brosius 202144.
  23. Briant 2002102.
  24. Van De Mieroop 2003336.
  25. Jacobs & Rollinger 2021490.
  26. Briant 200262.
  27. Waerzeggers & Seire 201844.
  28. Brosius 202137.
  1. پنجين صدي ق.م جي يوناني تاريخدان ڪتيسياس موجب، ڪمبوجيه ٻئين جي ماءُ اميٽس آف ميڊيا هئي، جيڪا آخري ميڊي بادشاهه استياگس (سانچو:Reign) جي ڌيءَ هئي؛ پر روسي ايرانيات دان محمد دندامائيف موجب هي بيان قابلِ اعتماد ناهي۔[1]
حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو