ڪليڪٽو بارگيننگ ايجنٽ
ڪليڪٽو بارگيننگ ايجنٽ يا گڏيل سوديبازي جو ايجنٽ (انگريزي: Collective Bargaining Agent)، سي بي اي (انگريزي: .C.B.A) اداري، ادارن جي گروهه يا صنعت جي حوالي سان، ”ڪليڪٽو بارگيننگ ايجنٽ“ مان مراد مزدورن جي اها ٽريڊ يونين آهي، جيڪا سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ، 2013 جي قلم 24 تحت اداري، ادارن جي گروهه يا صنعت ۾ اجتماعي سوديبازي(Collective Bargaining) جي معاملي ۾ مزدورن جي نمائندگي ڪندڙ ايجنٽ هوندي آهي۔[1]
ڪليڪٽو بارگيننگ ايجنٽ جي قانوني تصديق
[سنواريو]جتي ڪنهن اداري، ادارن جي گروهه يا صنعت ۾ صرف هڪ رجسٽرڊ ٽريڊ يونين موجود هجي، ۽ اها ٽريڊ يونين اهڙي اداري، ادارن جي گروهه يا صنعت ۾ ڪم ڪندڙ ڪل مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٽيون حصو پنهنجي ميمبرن طور رکي ٿي، ته اهڙي صورت ۾، ان بابت ڪيل درخواست تي، ٽريڊ يونين وارو رجسٽرار مقرر ڪيل طريقي سان ان ٽريڊ يونين کي ان اداري، ادارن جي گروهه يا صنعت لاءِ گڏيل سوديبازي جو ايجنٽ طور تصديق ڪندو آھي۔[2] جتي ڪنهن اداري، ادارن جي گروهه يا صنعت ۾ هڪ کان وڌيڪ رجسٽرڊ ٽريڊ يونينون موجود هجن، اتي ٽريڊ يونين وارو رجسٽرار، ڪنهن به اهڙي ٽريڊ يونين، جنهن وٽ گهٽ ۾ گهٽ ڪل مزدورن جو پنجون حصو ميمبر طور موجود هجي، يا اداري جي مالڪ يا حڪومت طرفان ڪيل درخواست تي، درخواست داخل ٿيڻ کان پندرهن ڏينهن اندر ڳجهو ووٽ (Secret Ballot) ڪرائيندو آھي ته جيئن اهو طئي ڪري سگهجي ته انهن ٽريڊ يونينن مان ڪهڙي ٽريڊ يونين گڏيل سوديبازي واري ايجنٽ هوندي۔۔[3]. رجسٽرار، وڏي صنعتي اداري جي صورت ۾، جنهن جون شاخون هڪ کان وڌيڪ شهرن ۾ موجود هجن، درخواست داخل ٿيڻ کان ٽيهه ڏينهن اندر ڳجهو ووٽ ڪرائيندو آھي[4]. درخواست وصول ٿيڻ تي، رجسٽرار لکيل نوٽيس ذريعي، ان اداري، ادارن جي گروهه يا صنعت سان لاڳاپيل هر رجسٽرڊ ٽريڊ يونين کي سڏي پڇندو آھي ته ڇا اها گڏيل سوديبازي جو ايجنٽ طئي ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ ڳجهي ووٽ ۾ مقابلي طور شامل ٿيڻ چاهي ٿي يا نه؛ ۽ جيڪڏهن اها چاهي، ته نوٽيس ۾ مقرر ڪيل مدت اندر رجسٽرار کي پنهنجي ميمبرن جي فهرست جمع ڪرائي، جنهن ۾ هر ميمبر بابت سندس والد جو نالو، عمر، سيڪشن يا کاتو، ڪم جي جڳهه، ٽڪيٽ نمبر ۽ ميمبر بڻجڻ جي تاريخ درج ھوندي آھي، ۽ جيڪڏهن اھا سڏايل ٽريڊ يونين ٽريڊ يونينن جي فيڊريشن هجي، ته ان فھرست سان گڏ فيڊريشن سان لاڳاپيل هر ٽريڊ يونين جي فهرست ۽ انهن جي ميمبرن جا تفصيل پڻ مهيا ڪري۔[5]۔ رجسٽرار اداري (ڪارخاني) يا ادارن جي گروھ يا صنعت جي مالڪ کان پڻ انھن مزدورن جي فھرست طلب ڪندو آھي جن جي ملازمت ٽن مهينن کان گھٽ نہ ھوندي آھي. ان فهرست ۾ هر مزدور بابت سندس والد جو نالو، عمر، کاتو، ڪم جي جڳهه، ٽڪيٽ نمبر ۽ ملازمت شروع ٿيڻ جي تاريخ شامل هوندي آھي. مالڪ واري اھا فھرست ٽريڊ يونينن طرفان جمع ڪرايل فهرستن جي تصديق لاءِ سهولت فراهم ڪندي آھي۔۔[6] جمع ڪرايل فهرستن جي تصديق کان پوءِ، ٽريڊ يونين وارو رجسٽرار ووٽرن جي فهرست تيار ڪندو آھي، جنهن ۾ هر اهو مزدور شامل هوندو، جنهن جي ملازمت جي مدت ٽي مهينا يا وڌيڪ هجي ۽ جيڪو مقابلي ۾ شامل ڪنهن به ٽريڊ يونين جو ميمبر هجي. رجسٽرار چونڊ جي مقرر تاريخ کان گهٽ ۾ گهٽ چار ڏينهن اڳ، هر مقابلي واري ٽريڊ يونين کي ووٽرن جي فهرست جي تصديق ٿيل ڪاپي موڪليندو آھي[7]. هر اهو مزدور، جيڪو مقابلي ۾ شامل ڪنهن به ٽريڊ يونين جو ميمبر هجي ۽ جنهن جو نالو ووٽرن جي فهرست ۾ شامل هجي، ووٽ ڏيڻ جو حق رکندڙ هوندو آهي[8] اداري ، صنعت يا ڪارخاني جو مالڪ چونڊ ڪرائڻ لاءِ رجسٽرار جي گهرج مطابق سڀ سهولتون فراهم ڪرڻ لاء قانوني طور تي پابند ھوندو آھي ۽ ووٽنگ ۾ مالڪ ڪنهن به قسم جي مداخلت يا اثراندازي نه ٿو ڪري سگھي[9]. گڏيل سوديبازي جو ايجنٽ طئي ڪرڻ لاءِ ڳجهو ووٽ ڪرائڻ جي مقصد لاءِ، رجسٽرار چونڊ جي تاريخ مقرر ڪري ان جو اڳواٽ اطلاع سڀني مقابلي واري ٽريڊ يونينن ۽ مالڪ کي ڏئي چڏيندو آھي. مقرر ڪيل تاريخ تي، پولنگ اسٽيشن تي بيلٽ باڪس رکيو ويندو آهي ۽ مقابلي واري ٽريڊ يونينن جي نمائندن جي موجودگي ۾ انهن کي سيل ڪيو ويندو آھي. اھڙي طرح پولنگ اسٽيشن تي ووٽنگ ڪرائي ويندي آهي، جنھن دوران مقابلي واري ٽريڊ يونينن جي نمائندن کي موجود رهڻ جو حق مليل ھوندو آھي؛ پولنگ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، موجود نمائندن جي سامهون بيلٽ باڪس کولي ووٽن جي ڳڻپ ڪئي ويندي آهي؛ ۽ ڳڻپ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪندڙ ٽريڊ يونين کي گڏيل سوديبازي جي ايجنٽ طور قانوني تصديق ڪئي ويندي آھي[10]. ڪنھن به ٽريڊ يونين جي گڏيل سوديبازي جي ايجنٽ طور تصديق ايستائين نه ڪئي ويندي آھي، جيستائين ان کي حاصل ٿيل ووٽن جو انگ اداري، ادارن جي گروهه يا صنعت ۾ ڪم ڪندڙ ڪل مزدورن جو گهٽ ۾ گهٽ ٽيون حصو نه هجي[11]. جيڪڏهن پهرين پولنگ ۾ ڪا به ٽريڊ يونين اهڙو انگ حاصل نه ڪري، ته ٻيهر پولنگ صرف انھن ٻن ٽريڊ يونين جي وچظ ۾ ڪرائي ويندي آھي جن کي پهرين پولنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ مليا هجن، ۽ ٻيهر پولنگ ۾ اڪثريت حاصل ڪندڙ ٽريڊ يونين جي مقرر طريقي سان گڏيل سوديبازي جو ايجنٽ طور قانوني تصديق ڪئي ويندي آهي[12]. جيڪڏهن سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪندڙ ٻن يا وڌيڪ ٽريڊ يونينن جا ووٽ برابر هجن، ته انهن جي وچ ۾ ٻيهر پولنگ ڪرائي ويندي آھي، جيستائين انهن مان هڪ اڪثريت حاصل نه ڪري[13] گڏيل سوديبازي لاء ايجنٽ طور تصديق ڪيل ٽريڊ يونين ٻن سالن جي مدت اندر، ان اداري، ادارن جي گروهه يا صنعت بابت ٻي ڪا به درخواست قبول نه ڪئي ويندي، سواءِ ان صورت جي جڏهن گڏيل سوديبازي جي ايجنٽ طور تصديق ٿيل ٽريڊ يونين جي رجسٽريشن ان مدت ختم ٿيڻ کان اڳ رد ڪئي وڃي[14].
ڪليڪٽو بارگيننگ ايجنٽ جا حق
[سنواريو]گڏيل سوديبازي جو ايجنٽ، اداري، ادارن جي گروهه يا صنعت جي حوالي سان، هيٺين حقن جو حقدار هوندو[15]
- روزگار، بي روزگاري، روزگار جي شرطن يا ڪم جي حالتن بابت مالڪ يا مالڪن سان گڏيل سوديبازي ڪرڻ، سواءِ انهن معاملن جي جيڪي ڪنهن ٻئي قانون، ايوارڊ يا ٺاهه تحت محفوظ حقن جي نفاذ سان لاڳاپيل هجن؛
- ڪنهن به ڪارروائي ۾ سڀني يا ڪنهن به مزدور جي نمائندگي ڪرڻ؛
- هن سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ جي ضابطن مطابق هڙتال جو نوٽيس ڏيڻ ۽ هڙتال جو اعلان ڪرڻ؛ ۽
- فلاحي ادارن، پروويڊنٽ فنڊن ۽ ڪمپنيز پروفٽس (ورڪرز پارٽيسپيشن) ايڪٽ، 1968 تحت قائم ڪيل ورڪرز پارٽيسپيشن فنڊ جي ٽرسٽيز بورڊ ۾ مزدورن جا نمائندا نامزد ڪرڻ[16]
حوالا
[سنواريو]
- ↑ قلم 2(4)، سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ, 2013
- ↑ قلم 24(1)، سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ, 2013
- ↑ قلم 24(2)، سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ, 2013
- ↑ قلم 24(3)، سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ, 2013
- ↑ قلم 24(5)، سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ, 2013
- ↑ قلم 24(6)، سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ, 2013
- ↑ قلم 24(8)، سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ, 2013
- ↑ قلم 24(9)، سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ, 2013
- ↑ قلم 24(10)، سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ, 2013
- ↑ قلم 24(12)، سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ, 2013
- ↑ قلم 24(13)، سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ, 2013
- ↑ قلم 24(14)، سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ, 2013
- ↑ قلم 24(15)، سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ, 2013
- ↑ قلم 24(18)، سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ, 2013
- ↑ قلم 24(20)، سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ, 2013
- ↑ قلم 24(20)، سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ, 2013