ڪلفٽن، ڪراچي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ڪلفٽن ۽ ڪئمپ کان چوريل)
ٽي تلوار چورنگي، ڪلفٽن

ڪلفٽن (Clifton) ڪراچي جي صدر ٽائون، سنڌ، پاڪستان ۾ موجود هڪ پسگردائي واري علائقو آهي[1] [2] ڪراچي ۾ مشهور درڳاهه عبداللہ شاهه غازي جي مزار پڻ ڪلفٽن ۾ آهي

تاريخي پس منظر[سنواريو]

ڪلفٽن جي باري ۾ گل حسن ڪلمتي پنهنجي ڪتاب ۾ مختلف حوالن سان لکيو آهي ته سنڌ کي فتح ڪندڙ چارلس نپيئر برطانيا ۾ جتي ڄائو هو ان علائقي جو نالو ڪلفٽن هو، تنهنڪري هوا بندر جو نالو مَٽائي ڪلفٽن رکيو ويو هو.[3]

ڪراچي بندر تان واپار نار جي ملڪن اومان، مسقط، فارس ۽ هندستان سان هلندو هو ته هتي بندرن تي شهر به آباد هئا ۽ انهن شهرن جي کنڊرن کي ڳولڻ جي ضرورت آهي، هتي ملندڙ اوزارن، سڪن ۽ ٻين شين جو اڀياس ڪري اسان ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهنداسين. باٿ آئي ليند وارو علائقو جيڪو گسري بندر کي ويجهو آهي، ان جاءِ تي 1859ع تائين هڪ پراڻي شهر جا آثار موجود هئا. سيٺ نائون مل پنهنجي يادگيرين ۾ بلڪل واضح ۽ صاف لکيو آهي ته، اڄ کان (سندس دور 1850ع) 400 کان 500 سال اڳ ۾ ڪلفٽن ۽ ڪئمپ (صدر ڪئمپ وارو علائقو) جي وچ ۾ هڪ خوشحال شهر آباد هوندو هو. نائون مل جو چوڻ هو ته هن پاڻ اِن شهر جا نشان ڏٺا هئا. بلڪي هن ڦٽل گهرن جا نشان پڻ ڏٺا هئا ۽ ان وقت جي سنڌ جي حاڪم بارٽل فريئر کي پڻ ڏيکاريا هئا ۽ سيٺ نائون مل, فريئر ڏانهن جيڪو خط لکيو هو, ان ۾ واڳو ڏر جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جيڪو به ڪنهن زماني ۾ هڪ آباد شهر هو، پر ڪنهن هن پاسي ڌيان نه ڏنو ۽ اهي تاريخي آثار حڪمرانن جي بي حسيءَ جو شڪار ٿي ختم ٿي ويا.[4][5]

حوالا[سنواريو]

  1. Saddar Town - Government of Karachi, وقت 2006-06-13 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-10-18 
  2. Clifton apartments, the most promising property investment: Report
  3. کراچی کے لاپتہ جزائر - BBC News اردو
  4. Sindhi Adabi Board Online Library (History)
  5. ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي، باب: تاريخ جي وساريل ورقن کان ڪراچي تائين جو سفر