ڪشنچند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڪشنچند "بيوس"(انگريزي: Kishanchand Bewas) جو پورو نالو ڪشنچند تيرٿ داس کتري هو، پاڻ لاڙڪاڻي ۾ 1885ع ڌاري ڄائو. هن جا وڏا اصل ملتان جا هئا، جتان اهي تقريبن 18هين صدي عيسوي ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيا. ڪشنچند هڪ پرائمري استاد هو، اڳتي هلي هو هيڊ ماستر پڻ ٿيو. پنهنجي شاعريءَ ۾ "بيوس" تخلص استعمال ڪندو هو. 1940ع ۾ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ طب جو ڪم شروع ڪيائين. 23 سيپٽمبر 1947ع ۾ سندس وفات ٿي. مولانا گراميءَ مطابق ھي پنھنجي سليس ۽ سلوڻي، عوامي شاعري جو موجد ھيو ۽ ھي پھريون ماڻهو ھيو جنھن گل ۽ بلبل واري ايراني ۽ اردو رنگ کي ڇڏي ٺيٺ سنڌي زبان ۾ طبع آزمائي ڪئي. ھن ڪانگريس ۽ خلافت دؤر سياست ۾ بہ حصو ورتو ۽ گانڌيءَ جو معتقد هو ۽ ھندو مسلم ڀائيچاري جو حامي هو. سرڪاري نوڪري جي ڪري قومي ترانا ۽ جوشيلا شعر پنھنجي ھڪ شاگرد ھوندراج"دکايل" جي نالي سان اخبارن ۾ لکندو رهيو. سادي زندگي گذاريندڙ ھي استاد ولايتي شين کي پسند نه ڪندو هو. حڪمت ھن جو خانداني پيشو ھو تنھن ڪري ريٽائرمنٽ بعد اھو پيشو اختيار ڪيائين. 1933 ۾ سنڌي ساھتيہ سميلن سندس صدارت م سڏائي وئي جنھن م سنڌي زبان ۽ سنڌي تھذيب لاءِ ڪارائتا خيال پيش ڪيا ويا.ھن جي ڪتابن م " شيرين شعر" ۽ ھيمليٽ ڊرامو ھاء اسڪول جي نصابي ڪتابن طور منظور ٿيا ھيا. ھن جي شاگردن ۾ ھوندراج "دکايل" ۽ پروفيسر رام پنجواڻي مشھور آھن..[1]

  1. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }