مواد ڏانھن هلو

ڪرپٽون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪرپٽون

36Kr
Krypton
هڪ ڪرپٽن سان ڀريل ڊسچارج ٽيوب جنهن ۾ ڪرپٽن اڇي رنگ ۾ چمڪي رهيو آهي.
هڪ ڪرپٽن سان ڀريل ڊسچارج ٽيوب جنهن ۾ ڪرپٽن اڇي رنگ ۾ چمڪي رهيو آهي.
Official logo of ڪرپٽون
نشان
حالت (STP تي)گئس
ايٽمي انگ (Z)36
ايٽمي وزن (A)83.8
گروپ18 (نوبل گئس)
سيريز4
بلاڪp-block
اليڪٽران جي ترتيبAr 3d10 4s2 4p6
اليڪٽران في شيل8 18 8 2
ايٽمي ريڊيس116 پيڪو ميٽر
آئيونائزيشن انرجي (ڪلو جول في مول)پهرين:1350.8
ٻئي:2350.4
ٽئي:3565
آڪسسڊيشن نمبرعام: +2, +1
گھاٽائي (20°C تي)3.749 گرام في ليٽر
2.413 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر
(پگھرائڻ جي نقطي تي مائع حالت ۾)
وجودشروع کان (primordial)
اليڪٽرو نيگيٽيئٽي3.00 (پالنگ اسڪيل)
حڪومت
طبيعي خاصيتون
• اُبلڻ جو نقطو(115.78°K) (-115.78°C)
• پگھلڻ جو نقطو(119.93°K) (153.41°C-)
• پگھرائڻ لاء حرارت1.64 ڪلو جول في مول
• ٻاڦ جي حرارت9.08 ڪلو جول في مول
• مولر گرميء گنجائش20.95 جول في مول.ڪيلون

ڪرپٽون (Krypton؛ قديم يوناني لفظ κρυπτός، ڪرپٽوس يعني 'لڪيل' مان) هڪ ڪيميائي عنصر آهي، جن جو نشان Kr ۽ ايٽمي نمبر 36 آهي. اها هڪ بي رنگ ۽ بوءِ کان پاڪ نوبل گئس آهي. اها فضا ۾ تمام ٿوري مقدار ۾ هوندي آهي. اها اڪثر ڪري فلوريسينٽ ليمپ ۾ ٻين ناياب گئسن سان گڏ استعمال ٿيندي آهي. ڪرپٽون ڪابه ڪيميائي رد عمل نه ڪندي آهي، ڇو ته هن جي آخري مدار ۾ ڪو به ردعمل وارو اليڪٽران نه هوندو آهي.

ڪرپٽون، ٻين نوبل گيسن وانگر، روشني ۽ فوٽوگرافي ۾ استعمال ٿيندو آهي. ڪرپٽون جي روشني ۾ ڪيتريون ئي اسپيڪٽرل لائينون آهن ۽ ڪرپٽون پلازما روشن، اعليٰ طاقت وارن گيس ليزرن (ڪرپٽن آئن ۽ ايڪسائيمر ليزر) ۾ ڪارآمد آهي، جن مان هر هڪ اسپيڪٽرل لائن کي گونجندو ۽ وڌائيندو آهي. ڪرپٽون فلورائيڊ هڪ مفيد ليزر ميڊيم پڻ ٺاهيندو آهي.

1960 ۾، بين الاقوامي وزن ۽ ماپ جي بيورو ميٽر کي خلا ۾ خارج ٿيندڙ روشني جي 1,650,763.73 طول موج (Wavelength) طور تي بيان ڪيو جيڪو آئسوٽوپ ڪرپٽن-86 ۾ 2p10 ۽ 5d5 سطحن جي وچ ۾ اليڪٽران جي منتقلي دوران خارج ٿيندڙ روشني جي طول موج هئي.[1][2]

حوالا

[سنواريو]
  1. "The BIPM and the evolution of the definition of the metre". Bureau International des Poids et Mesures. 2014-07-26. 2016-06-23 تي حاصل ڪيل.
  2. Penzes, William B. (2009-01-08). "Time Line for the Definition of the Meter". National Institute of Standards and Technology. اصل نسخو مان 2016-08-12 تي محفوظ ڪيل. 2016-06-23 تي حاصل ڪيل.