مواد ڏانھن هلو

ڪرينٿيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪارينٿيا

Kärnten
Banner of ڪارينٿيا
Banner
Coat of arms of ڪارينٿيا
Coat of arms
Location of ڪارينٿيا
ملڪ آسٽريا
گادي جو هنڌڪليگنفرٽ
حڪومت
• گورنرپيٽر قيصر (آسٽريا جي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي)
• ڊپٽي گورنربئيٽي پريٽنر
ايراضي
• ڪل9,535.97 km2 (3,681.86 sq mi)
آبادي
 (2020)
• ڪل561,390
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+1 (سينٽرل يورپين ٽائيم)
 • اونهارو (ر.ب.و)UTC+2 (سينٽرل يورپين سمر ٽائيم)
آء ايس او 3166 ڪوڊAT-2
ايڇ ڊي آء (2017)0.892[1]
very high · 7th
وفاقي ڪائونسل ۾ نمائندگي4 (62 مان)
ويب سائيٽwww.ktn.gv.at

ڪرينٿيا (انگريزي: Carenthia) آسٽريا جي آخري ڏکڻ ۾ اوڀر الپس جبلن ۾ واقع ھڪ رياست جو نالو آهي. اھا رياست جبلن ۽ ڍنڍن سبب مشھور آھي. ھتان جي معيشت ۾ انجنيئرنگ سياحت، اليڪٽرانڪس، ٻيلا ۽ زراعت شامل آهن. گھڻ قومي ڪمپنين مان ھتي فلپس، سيمينس، انفينيئان واري ٽيڪنالاجي وغيره شامل آهن. ھن رياست جي گادي جو هنڌ ڪليگنفرٽ شھر آھي. ھي رياست اوڀر کان اولھه طرف 180 ڪلوميٽر ڊگھي ۽ ڏکڻ کان اتر طرف 70 ڪلوميٽر ويڪري آھي ۽ ان جي ڪل پکيڙ 9536 چورس ڪلوميٽر (3682 چورس ميل) آھي ۽ پکيڙ ۾ اھا آسٽريا جي پنجين وڏي رياست آهي.

رياست جو ڪليگنفرٽ کان پوءِ وڏو شھر فيلاخ (Villach) آھي. اھي ٻئي شھر ساڳي وقت شھري ضلعا پڻ آھن. ٻيا ٻھراڙيءَ وارا ضلعا 8 آھن. رياست جي ڪل ضلعن جو تعداد اھڙي طرح 10 آھي. رياست ۾ 132 ميونسپلٽيون آھن جن مان 17 کي وڏن شھرن جو درجو ۽ 40 کي ننڍن بازار وارن شھرن جو درجو ڏنل آهي.

رياست جي مقننه ھڪ ايواني آھي جنھن جا 36 رڪن آھن ۽ ان کي جرمن ٻولي ۾ لينڊٽيگ سڏين ٿا. 2018 ۾ ھن رياست جي جي ڊي پي 20.9 ارب يورو ھئي. رياست جي سرڪاري ٻولي جرمن آھي.

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org (انگريزي ۾). 2018-09-13 تي حاصل ڪيل.