ڪرنگھ
ڏيک
ڪِرنگھ:(انگريزي: Kiringh) هي گاهه چار فوٽ کن ڊگهو مٽيءَ واري زمين ۾ٿيندو آهي. هن کي پاڻي جام کپي، هن جا پن ڊگها ٿيندا آهن، اُن جي ڏانڊي ڪارسري رنگ جي ٿيندي آهي. چوٽيءَ تي سنگ ڪڍندو آهي، جو ڪڻڪ جي سنگ سان مشابهت رکندڙ ٿيندو آهي، جنهن ۾ تکا سُوئا ٿيندا آهن، جي اُن کي پکين کان بچائيندا آهن. اندر ٻج سنهون ٿيندو آهي. داڻو پيلي رنگ جو ننڍو، پر سخت ٿيندو آهي، جنهن کي پاڻيءَ ۾ پُسائي اُکريءَ ۾ چَڙهي وسِنِاڻَ ڪبو آهي ته ڏاڍو لذيذ ٿيندو آهي. ٻئي اَن سان ملائي پيهي ماني پچائي کائبي آهي. هن کي ڍڳيون، مينهون، گهوڙا ۽ گڏهه کائيندا آهن[1].
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو