ڪرم ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ڪرم ايجنسي کان چوريل)

ڪرم ايجنسي پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ ھڪ ايجنسي آھي۔ جيڪا تمام ايجنسين ۾ خوبصورت ترين ۽ اھم ايجنسي آھي۔ ھتي اڪثريت ۾ طوري قبيلا آباد آھن۔ پاڪستان جي جنت نظير وادي ۽ اسٽرٽجڪ ۽ جاگرافيائي اھميت جي حامل انتھائي اھم علائقو پاراچنار افغانستان جي ٽن صوبن (ننگرھار، خوست ۽ پڪتيا) کان علاوه ٻين ٽن قبائلي علائقن خيبر، اورڪزئي ۽ اتر وزيرستان سان گڏوگڏ ضلعي ھنگو سان به لڳي ٿي۔ ڪيترن ئي ڏھاڪن کان ھي علائقو پنھنجي جاگرافيائي اھميت ۽ اسٽرٽجڪ شڪل جي وجھه سان بين الاقوامي اسٽيبلشمنٽ جي وچ ۾ ڪشمڪش جي وجھه سان ميدان جنگ بڻيل آھي۔ افغانستان جو مشھور پھاڙي علائقو توره بوره سپين غر [ڪوه سفيد] جي پھاڙي سلسلي جي اندر ھڪ طرف کان صوبي ننگرھار ۽ ٻي طرف کان پاراچنار جي ڀرپاسي واري ڳوٺ زيڙان سان لڳي ٿو۔ ان کان علاوه یہ پاڪستان جي ڪنھن به علائقي بشمول تمام قبائلي علائقن جي افغان گاديء جي ھنڌ ڪابل کان ويجھي ترين ۽ گھٽ ترين فاصلي تي واقع آھي۔ ۽ ھن علائقي جي شکل ھڪ ٽڪنڊي جھڙي آھي، جنھن سبب بين الاقوامي اسٽرٽجڪ اصطلاحتن ۾ ڪرم ايجنسي جي صدر مقام پاراچنار کي طوطي جي چنھنب "Parrots Beak" جي نالي سان سڏيو ويندو آھي۔

جاگرافي[سنواريو]

پاراچنار افغانستان جي ٽن صوبن (ننگرھار، خوست ۽ پڪتيا) کان علاوه ٽن قبائلي علائقن خيبر، اورڪزئي ۽ اتر وزيرستان سان گڏوگڏ ضلعي ھنگو سان به لڳي ٿو۔ پاراچنار پاڪستان جي قبائلي علائقي ڪرم ايجنسي جو دارالخلافو آھي۔ پاراچنار پاڪستان جي گاديء جي ھنڌ اسلام آباد کان اولھ جي طرف 574 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آھي۔ ڪرم ايجنسي جو ھڪ خوبصورت ۽ اھم شھر آھي جيڪو افغانستان جي بارڊر سان واقع آھي۔ ھڪ تاريخي اھميت جو حامل شھر آھي۔ جيڪو تمام قبائلي ايجنسين جي شھرن کان وڏو آھي ۽ دلڪش خوبصورت شھر آھي۔

تعلقا[سنواريو]

ڪرم جا ٽي تعلقا پارا چنار ، صده ۽ بگن آھن۔