مواد ڏانھن هلو

ڪرغز نيشنل يونيورسٽي

ڪرغز نيشنل يونيورسٽي
لاطيني ٻولي: Kyrgyz National University
قسم State
سرگرم 1925؛ 100 سال اَڳُ (1925)
پتو بشڪيڪ،  ڪرغزستان
ويب سائيٽ www.knu.kg
'Building details'
عام معلومات
مڪانيت Bishkek, Kyrgyzstan
مڪانيت 42°52′57″N 74°35′14″E / 42.8824°N 74.5871°E / 42.8824; 74.5871
مڪمل ٿيل 1925
ڪرغز نيشنل يونيورسٽي

ڪرغز نيشنل يونيورسٽي (Kyrgyz National University)، ڪرغزستان جي گاديءَ واري شهر بشڪيڪ ۾ واقع آهي. اها ڪرغز جمهوريه جو سڀ کان پراڻو ۽ سڀ کان وڏو اعليٰ تعليمي ادارو آهي. هي ادارو 25 آڪٽوبر 1925ع تي ڪرغز انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن جي نالي سان قائم ٿيو.

آگسٽ 2023ع ۾، ڪرغز نيشنل يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف ميڊيسن ڀارت جي ينيپويا يونيورسٽي سان هڪ ميمورينڊم آف انڊراسٽينڊنگ (MOU) تي دستخط ڪيو. ملاقات دوران، ٻنهي يونيورسٽين جي وچ ۾ تعليم، سائنس، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ باهمي طور تي فائديمند تعاون قائم ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ جي معاملن تي بحث ڪيو ويو. هندستاني وفد يونيورسٽي جي ميڊيڪل فيڪلٽي ۾ پڻ دلچسپي ظاهر ڪئي. اجلاس جي آخر ۾، يونيورسٽي جو ريڪٽر، تولوبڪ عبدالرحمانوف ۽ ينيپويا يونيورسٽي جو وائس چانسلر، محمد فرهاد، ٻنهي يونيورسٽين جي وچ ۾ تعاون جي هڪ ياداشت تي صحيحون ڪيون، جن جي مطابق بشڪيڪ ۾ قائم ينيپويا انٽرنيشنل ايجوڪيشن،[1] سيپٽمبر، 2023ع کان ڪرغز نيشنل يونيورسٽي لاءِ سرڪاري تعليمي ڀائيوار هوندو ۽ اهڙي طرح اها وچ ايشيا جي پهرين يونيورسٽي آهي جيڪا ڪنهن بين الاقوامي يونيورسٽي سان گڏجي فيڪلٽي آف ميڊيسن شروع ڪري رهي آهي. ڪرغز نيشنل يونيورسٽي طبي تعليم لاءِ بين الاقوامي ريگيوليٽري ادارن؛ جنهن ۾ USMLE، UKMLE، NMC، ECFMG ۽ ٻيا شامل آهن، جي گهرجن کي به پورو ڪندي.

سال 2023ع کان هن تعاون سان ڪرغز نيشنل يونيورسٽي ينپويا انٽرنيشنل ايجوڪيشن ۽ ينپويا يونيورسٽي، انڊيا جي تدريسي پليٽ فارم کي استعمال ڪندي 6 سالن جو ايم ڊي فزيشن پروگرام پيش ڪندي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "About Yenepoya International Education - MBBS Kyrgyzstan at KNU", KNU Global (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 18 مارچ 2025۔
(Kyrgyz National University)، ڪرغزستان جي گاديءَ واري شهر بشڪيڪ