ڪرسمس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪرسمس
ڪرسمس جو ڏڻ
عرفيت Noël, Nativity, Xmas, Yule
ملهائڻ وارا عیسائي, تمام گهڻا غیر عیسائي به[1][2]
قسم عیسائي, ثقافت
اهميت مسیح جي ڄمڻ جي حوالي سان روايتن تي آڌاريل ڪاڄَ
رسمون Church services, سوکڙيون ڏيڻ, ڪٽنب ۽ ٻيا سماجي ڪاڄَ، علامتي سينگهار
تاريخ * دسمبر 25 – سڀني اولهه ۽ ڪجهه اوڀر جي ديولن ۾
  • جنوري 7 (جولین دسمبر 25) – ڪجهه اوڀر جي ديولن ۾[3][4]
  • January 6 – most of آرمینیا چرچ[5]
  • جنوری 19 (جولین جنوری 6) – ڪجهه آرمينين عيسائي
دورانيو 1 ڏڻ
تقرر ساليانو
لاڳاپيل Christmastide, Christmas Eve, Advent, Annunciation, Epiphany, Baptism of the Lord, Nativity Fast, Nativity of Christ, Yule

عيد ولادت مسيح يا وڏي ڏڻ، کي ڪرسمس به چوندا آهن. جيڪو يسوع مسيح (اسلامي نالو: حضرت عيسا) جي ڄمڻ جي حوالي سان سُرهائي ۽ جشن جو ڏينهن آهي. ڪرسمس عام طور تي هر سال 25 ڊسمبر تي ملهائي ويندي آهي. جيتوڻيڪ تاريخ جا عالم اها ڳالهه مڃين ٿا ته اهو ڏڻ، حضرت عيسا جو اصلي ڄمڻ جو ڏينهن ناهي. اهو جش روم ۾ عيسائيت جي پکڙجڻ کان پهرين به ان ئي تاريخ تي ملهايو ويندو هيو.

پاڪستان ۾ ڪرسمس[سنواريو]

دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪرسمس ڏاڍي سرهائي سان ملهايو وڃي ٿي. پاڪستان ۾، مسيحي برادري، هي جشن ڏاڍي عقيدت سان ملهائيندي آهي. ان ڏڻ جي حوالي سان حڪومت طرفان هر سال ڪرسمس بازار 22 کان 24 ڊسمبر تي لڳائي ويندي آهي،[6]

ميلاد مسيح مبارڪ[سنواريو]

ڪرسمس جي سڳوري ڏڻ تي مسيحي، ميري (Merry Christmas) ڪرسمس يعني ميلاد مسيح مبارڪ (Meelaad-e-Maseeh Mubarak ) چئي ٻين کي وڌايون ڏيندا آهن ۽ خوشيون ملهائيندا آهن.[7]

حوالا[سنواريو]