ڪراحت

ڪراحت يا نفرت (Disgust) هڪ اهڙو جذباتي ردعمل آهي جيڪو ڪنهن امڪاني طور تي متعدي، گندي، يا ناپسنديده شيءِ کي رد ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيندو آهي.[1] هي لفظ لاتيني لفظ 'gustus' مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي "ذائقو". چارلس ڊارون موجب، ڪراحت هڪ اهڙي ڪيفيت آهي جيڪا ڪنهن گندي شيءِ جي باري ۾ هجي. هي بنيادي طور تي ذائقي جي حس (چاهي حقيقي هجي يا خيالي) سان لاڳاپيل آهي، پر ان کان پوءِ سنگھڻ، ڇهڻ يا ڏسڻ جي حس ذريعي پڻ محسوس ٿي سگهي ٿي.
تحقيق ثابت ڪيو آهي ته ڪراحت جو تعلق ڪجهه ذهني بيمارين جهڙوڪ خوف (فوبيا)، رت يا زخم ڏسي ڊپ لڳڻ، ۽ وسوسن جي بيماري (OCD) سان پڻ آهي.[2] ڪراحت جو اظهار هڪ مخصوص چهري جي تاثر ذريعي ٿئي ٿو، جيڪو پال ايڪمن جي ڇهن عالمي چهري جي تاثرن مان هڪ آهي. خوف يا غصي جي برعڪس، ڪراحت دوران دل جي رفتار گهٽجي ويندي آهي ۽ معدي ۾ هڪ قسم جي بيچيني يا الٽي واري ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي.
ارتقائي اهميت
[سنواريو]اهو مڃيو وڃي ٿو ته ڪراحت جو جذبو ان ڪري ارتقا پذير ٿيو ته جيئن جاندار اهڙن کاڌن کان بچي سگهن جيڪي کين نقصان پهچائي سگهن ٿا.[3] مثال طور، ماڻهو خراب ٿيل کير يا گندگي ڏسي ڪراحت محسوس ڪن ٿا، جيڪا کين بيماريءَ کان بچائي ٿي.[4]
ڪراحت پيدا ڪندڙ شين ۾ شامل آهن:
- جسماني فضلا (پاخانو، پيشاب، الٽي، ٿڪ يا لعاب وغيره).
- خراب ٿيل کاڌو.
- ڪجهه خاص جانور (سپ، ڪوريئڙو، جيت، ڏيڏر وغيره).
- گندگي ۽ اڻ صفا شيون.
- رت يا جسماني زخم.
- موت ۽ سڙيل لاش.
ڪراحت کي هڪ "رويي واري مدافعتي نظام" (behavioral immune system) جو حصو سمجهيو ويندو آهي، جيڪو جسم ۾ بيماري پيدا ڪندڙ جراثيم داخل ٿيڻ کان اڳ ئي بچاءُ ڪري ٿو.
ڪراحت جا شعبا (Domains of disgust)
[سنواريو]ٽائبر (Tybur) ڪراحت جا ٽي مکيه شعبا بيان ڪيا آهن:
- پيٿوجن ڪراحت (Pathogen disgust): جيڪو متعدي جراثيم ۽ بيمارين کان بچڻ لاءِ هوندو آهي.
- جنسي ڪراحت (Sexual disgust): جيڪو خطرناڪ جنسي رويي يا غير مناسب ساٿين کان بچڻ لاءِ هوندو آهي.
- اخلاقي ڪراحت (Moral disgust): جيڪو سماجي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ (جهڙوڪ ڪوڙ، چوري، يا قتل) تي پيدا ٿينددو آهي.[5]
صنفن جي وچ ۾ فرق
[سنواريو]عورتون عام طور تي مردن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪراحت محسوس ڪنديون آهن، خاص طور تي جنسي معاملن ۾. تحقيق موجب، حمل دوران ڪراحت جي حس وڌيڪ تيز ٿي ويندي آهي، جنهن جو سبب پروجيسٽرون (progesterone) هارمون جي سطح ۾ اضافو آهي. سائنسدانن جو خيال آهي ته حمل دوران مدافعتي نظام ڪجهه ڪمزور ٿي ويندو آهي، ان ڪري ڪراحت جي وڌيل حس ماءُ ۽ ٻار کي بيمارين کان بچائڻ ۾ مدد ڪري ٿي.[6]
غير لفظي رابطو (Non-verbal communication)
[سنواريو]پال ايڪمن جي 1970ع واري ڏهاڪي جي تحقيق مان معلوم ٿيو ته ڪراحت جي چهري جا تاثر عالمي آهن ۽ سڀني ثقافتن ۾ هڪجهڙا هوندا آهن.[7] ان ۾ نڪ جو گهنججڻ، مٿئين چپن جو مڙڻ، ۽ ڪڏهن ڪڏهن زبان جو ٻاهر نڪرڻ شامل آهي.
اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو فرد ڪنهن کاڌي کي ڏسي ڪراحت جو اظهار ڪري ٿو، ته ٻيا ماڻهو پاڻمرادو سمجهي ويندا آهن ته اهو کاڌو خراب آهي. هي سڃاڻپ دماغ جي هڪ خاص حصي "انسولا" (Insula) ۽ "مرر نيورونز" (mirror neurons) جي ذريعي ٿيندي آهي.[8]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Badour, Christal L. (July 2018). "The Role of Disgust in Posttraumatic Stress". Journal of Experimental Psychopathology.
- ↑ Husted, D.S. (2006). The neurocircuitry of obsessive–compulsive disorder and disgust.
- ↑ Wicker, Bruno (October 2003). "Both of Us Disgusted in My Insula". Neuron.
- ↑ Oaten, M. (2009). "Disgust as a Disease-Avoidance Mechanism". Psychological Bulletin.
- ↑ Tybur, Joshua M. (2009). "Individual differences in three functional domains of disgust". Journal of Personality and Social Psychology.
- ↑ Gorman, James (2012). "Disgust's Evolutionary Role Is Irresistible to Researchers". The New York Times.
- ↑ Ward, Jamie (2006). The Student's Guide to Cognitive Neuroscience.
- ↑ Kohler, Evelyne (2002). "Hearing Sounds, Understanding Actions: Action Representation in Mirror Neurons". Science.