ڪثوث
ڏيک
ڪثوث (عربي: ڪثوث، فارسي: ڪثوث، هندستاني، وغيره: امرلتہ، طبعتوس، زخول ۽ فرهنج) سڪل گاھ پٽ جي تندن وانگر ٿئي ٿو. هن جو شاخون هيڊي رنگ جون ٿينديون آهن، هن جو ٻج موريءَ جي ٻج جهڙو ٿيندو آهي.
طب
[سنواريو]معدي ۽ جگر کي قوت ڏئي ٿو، گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو. هن کي ڀڄائي پياربو تہ حيض ۽ پيشاب جاري ٿيندو. گرم تپن، ٻرهل، بدن جي خارش کي فائدو ڪري ٿو. شڪنجبين سان گڏي پياربو تہ صفرا لاءِ جلاب جو اثر رکندو. هن کي رڌي لپري ڪري سور واري جاين تي رکجي تہ سور کي گهٽائيندو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.