مواد ڏانھن هلو

ڪاڪڙا سنگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪاڪڙا سنگي:

نالا: ع. قرن ڪاڪرا، ف. ڪاڪڙاسنگي، هه. وغيره___ ڪاڪڙاسنگا، ڪرينگ، قون گوءِ ۽ بکهنيگا.

سڃاڻپ: هي سنگ جي نموني تي ڀورو، ڳاڙهي رنگ جو ڇوڏو ٿئي ٿو.

خاصيت: هن کي ڪٽي، ماکيءَ ۾ گڏي چٽائجي ته کنگهه، دمڪشي، هڏڪي، الٽين روڪڻ لا”، رت جي دستن کي بند ڪرڻ لا”، نون ۽ پراڻن تپن کي ڇڏائڻ لاءِ مفيد آهي. ڪچي رطوبت ۽ بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو. کاڌي کي هضم ڪري ٿو ۽ بک وڌائي ٿو. هن کي سرڪي ۾ گهي ڪوڙهه ۽ چٽيءَ جي داغن تي مکبو ته اهي لهي ويندا..[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو