مواد ڏانھن هلو

ڪاڪوپير

ڪاڪوپير ڳوٺ
Kakapir
کاکاپیر
ملڪ پاڪستان
صوبوسنڌ
ڊويزنڪراچي ڊويزن
ضلعوڪياماڙي ضلعو
شهرڪراچي
حڪومت
• طرزيونين ڪائونسل
• ميمبر قومي اسيمبليعبدالقادر پٽيل
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت)

ڪاڪوپير (اردو: کاکا پير) ڪراچي بندر ۾ هڪ ماهيگيرن جو ڳوٺ ۽ اڳوڻو ٻيٽ آهي، جيڪا پاڪستان جي مرڪزي جي شهر ڪراچي، سنڌ کان 15 ڪلوميٽر (9.3 ميل) اولهه ۾ آهي.[1] اهو هاڪس بي ساحل جي ويجهو، سينڊزپٽ ساحل جي اولهه واري ڪناري تي واقع آهي، جيڪو هاڻي ٻيٽ کي مکيه زمين سان ڳنڍي ٿو. ماڙي پور ان جي اتر ۾ واقع آهي. ڳوٺ جي باري ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو لڳ ڀڳ 100 سال پراڻو آهي. ڳوٺ جا رهواسي اصل ۾ ڪراچي جي ميٺادر ۽ کارادر پاڙي جا رهواسي هئا، جنهن کي انگريزن پاران ڪراچي بندر جي تعمير دوران شمس پير ٻيٽ ۾ آباد ڪيو هو. انهن رهواسين وڌيڪ اولهه ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي ۽ ڪاڪو پير ٻيٽ تي ڳوٺ قائم ڪيو.[2]

نسلي طور تي، آبادي گهڻو ڪري لاسي سنڌين جي آهي. جيڪا ڪراچي ۽ سنڌ جي ساحل جي اصل اصلي رهاڪن جي اولاد هجڻ جو دعويٰ ڪن ٿا. [3] سال2005ع ۾ ڳوٺ ۾ اندازاً 600 رهواسي هئا. سال 1952ع ۾ منوڙا-هاڪس بي روڊ جي تعمير کان اڳ، ٻين ڳوٺن جا مرد صرف تڏهن ئي ڪاڪا پير ۾ آباد ٿي سگهندا هئا، جڏهن اها ڳوٺ جي رهواسين ۾ شادي ڪندا هئا. [4] ڳوٺ مينگرو ٻيلن جي وچ ۾ آهي، جنهن بابت مقامي ماڻهن جي رپورٽ آهي ته ڏوهاري گروهن پاران ڪٽيا پيا وڃن، جيڪي مينگرو ندين کي ڀريندا آهن ۽ زمين وڪرو ڪندا آهن، جن سان علائقي جي ماحوليات کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي.[5]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Empowering Fisherfolk Women". www.mangrovesforthefuture.org (انگريزي ۾). 2020-04-19 تي حاصل ڪيل.
  2. "Study on Knowledge, Attitudes, & Practices of Fisherfolk Communities" (PDF). World Wildlife Foundation. 2005.
  3. "Study on Knowledge, Attitudes, & Practices of Fisherfolk Communities" (PDF). World Wildlife Foundation. 2005.
  4. Askari, Sabiah (2015-10-05). Studies on Karachi: Papers Presented at the Karachi Conference 2013 (انگريزي ۾). Cambridge Scholars Publishing. ISBN 978-1-4438-8450-1.
  5. Tribune.com.pk (2011-08-12). "Kakapir village: Fishermen fear the elusive 'mangrove mafia' and eco-devastation". The Express Tribune (انگريزي ۾). 2020-04-19 تي حاصل ڪيل.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

24°50′42.59″N 66°54′0.16″E / 24.8451639°N 66.9000444°E / 24.8451639; 66.9000444

سانچو:Neighbourhoods of Karachi سانچو:Islands of Pakistan