مواد ڏانھن هلو

ڪانو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪانو
كَنُواْ (هائوسا)
شهر
Kano
مٿيان کان ساڄي کان کاٻي:
گيدان رمفا (امير جو محل)، پراڻو ڪانو شهر جون ڀتيون، گيدان مڪاما جو صحن، شهر جو هڪ پاڙو، ڪوفر ماتا رنگ جي ڀٽي تي روايتي رنگ ڪندڙ ۽ دالا ٽڪرين کان شهر جي اسڪائي لائين
ملڪ  نائجيريا
رياست ڪانو رياست
حڪومت
  گورنر ابا ڪبير يوسف
پکيڙ
  شهر 499 ڪ.م2 (193 ميل2)
  شھري 251 ڪ.م2 (97 ميل2)
آبادي (2006ع جي آدمشماري)
  شهر 28,28,861
  تخمينو  (2022ع) 41,03,000

ڪانو ( اجامي: كَنُواْ) اتر نائيجيريا ۾ ھڪ شھر ۽ ڪانو رياست جي گاديءَ جو هنڌ آھي. [1] اهو لاگوس کان پوءِ نائيجيريا جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، جنهن ۾ چاليهه لک کان وڌيڪ شهري 499 چورس ڪلوميٽر (173 چورس ميل) جي ايراضي ۾ آباد آهن. [2] ساحيل جي ڏکڻ ۾، سوانا ۾ واقع، ڪانو ٽرانس صحارا واپار جو هڪ اهم رستو آهي، جيڪو هزارين سالن کان واپار جو مرڪز ۽ انسانن جي آبادي رهيو آهي. اها ڊابو خاندان جي روايتي رياست آهي جيڪا 19هين صدي کان وٺي هن شهري رياست تي اميرن (Emirs) جي حيثيت سان حڪومت ڪئي چڪيا آهن. ڪانو امارات ڪائونسل ڪانو شهر جي حدن اندر موجود روايتي ادارو آهي ۽ ڪانو رياست جي حڪومت جي اختيار هيٺ آهي. [3]

هي شهر ست وچين دور جي هائوسا بادشاهتن مان هڪ آهي. شهر جا مکيه رهواسي هائوسا ۽ فولاني ماڻهو آهن. برطانوي نوآبادي بڻجڻ کان صديون اڳ، ڪانو هڪ ڪاسموپوليٽن علائقو هو جنهن ۾ عرب، طوارق (بربر) ۽ ڪنورين جي آبادي هئي. علائقي جي لنگوا-فرانڪا هائوسا ٻولي آهي، جن جا نائيجيريا ۾ ست ڪروڙ کان وڌيڪ ڳالهائيندڙن آهن.[4]

اسلام شهر ۾ 11هين صدي يا ان کان اڳ ۾، بنيادي طور تي ٽرانس صحارا واپارين ذريعي پهتو، واپار جي نئين رستن جي ڪارڻ، ڪانو خوشحال ٿئي ويو ۽ علائقي ۽ اتر نائيجيريا جو تجارتي مرڪز بڻجي ويو ۽ اڃا تائين " واپار جي مرڪز " طور تي سڃاڻو ويندو آهي. [5]

نالو

[سنواريو]

ڪانو اصل ۾ ڊالا ٽڪريون، جيڪا شهر جي چوڌاري آهن، جي نالي مٿان "ڊالا" جي نالي سان سڃاڻيو ويندو هو ۽ بورنو جي تاريخي ذريعن مطابق، 16هين صدي جي شروعات تائين ان کي هن ائي نالي سان سڏيو ويندو هو.

تاريخ

[سنواريو]

جاگرافي

[سنواريو]

معيشت

[سنواريو]

ثقافت

[سنواريو]

تعليم

[سنواريو]

ڪاليج

[سنواريو]
  • ڪانو اسٽيٽ پولي ٽيڪنڪ ڪاليج، سال 1975ع ۾ قائم ڪيو ويو.
  • فيڊرل ڪاليج آف ايجوڪيشن، ڪانو.
  • امينو ڪانو ڪاليج آف اسلامڪ ليگل اسٽڊيز، ڪانو.

ٽرانسپورٽ

[سنواريو]

==قابل ذڪر ماڻهو:

پڻ ڏسو

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Kano | state, Nigeria", Encyclopedia Britannica (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 17 مئي 2021۔
  2. "Nigeria: cities with the largest population 2022", Statista (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 20 جون 2023۔
  3. "Kano | historical kingdom, Nigeria", Encyclopedia Britannica (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 05 جون 2021۔
  4. Newman, Paul, وڪي نويس (2022), "The Hausa Language", A History of the Hausa Language: Reconstruction and Pathways to the Present (Cambridge: Cambridge University Press): 1–5, آئي ايس بي اين 978-1-009-12310-5, ڊي او آئي:10.1017/9781009128070.002, حاصل ڪيل 26 مئي 2024۔
  5. Tour Nigeria (12 مارچ 2022), "Kano State, The Centre of commerce", m.facebook.com (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 26 مئي 2024۔