مواد ڏانھن هلو

ڪانتو ريجن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪانتو ريجن
Kantō region

関東地方
Region
Map showing location of Kantō region within Japan
The Kantō region in comparison to the rest of Japan
Map
ملڪ  جاپان
پکيڙ
  ڪل 32,423.9 ڪ.م2 (12,518.9 ميل2)
آبادي (October 1, 2020)
  ڪل 43,653,441
ڪانتو ريجن جو ارضياتي خصوصيتون ڏيکاريندڙ نقشو

ڪانتو ريجن (関東地方، ڪانتو-چيهو)، جاپان جي سڀ کان وڏي ٻيٽ، هونشو جو هڪ جاگرافيائي علائقو آهي. هڪ عام تعريف مطابق،[1] هن ريجن ۾ "گريٽر ٽوڪيو ايريا" ۽ ست ٻيا پريفيڪچر: چيبا، گونما، ايباراڪي، ڪاناگاوا، سائتيما، ٽوچيگي ۽ ٽوڪيو پريفيڪچر شامل آهن. زميني ايراضي جو %45 کان ٿورو وڌيڪ، ڪانتو ميدان (Kantō Plain) آهي، باقي ايراضي ٽڪرين ۽ جبلن تي مشتمل آهي، جيڪي جاپان جي ٻين ريجن سان زميني حدون ٺاهڻ ٿيون.

جيئن ته ڪانتو ريجن ۾ جاپان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر، ٽوڪيو به شامل آهي، اهو علائقو جاپان جي سياست ۽ معيشت جو مرڪز سمجهيو وڃي ٿو. جاپان جي شماريات بيورو پاران پهرين آڪٽوبر 2010ع تي سرڪاري مردم شماري مطابق، آبادي 4,26,07,376 (جاپان جي ڪل آبادي جو تقريباً ٽيون حصو) هئي.

ٻيون تعريفون

[سنواريو]

ڪانتو علائقائي گورنرن جي انجمن (関東地方知事会، ڪانتو چيھو چيجيڪائي) ايباراڪي، ٽوچيگي، گونما، سائتاما، ڪاناگاوا، چيبا، ٽوڪيو، ياماناشي، ناگانو ۽ شيزوڪا جي پريفيڪچرن جي گورنرن تي مشتمل آهي. ڪانتو ريجنل ڊولپمينٽ بيورو (関東地方整備局، ڪانتو چيھو سئيبي-ڪيوڪو) وفاق ۾ لينڊ، انفراسٽرڪچر، ٽرانسپورٽ ۽ سياحت جي وزارت، عام طور تي اٺ پريفيڪچرن، ايباراڪي، ٽوچيگي، گونما، سائتاما، ڪاناگاوا، چيبا، ٽوڪيو، ياماناشي ۽ ٻن ٻين پريفيڪچر، ناگانو ۽ شيزوڪا ۾ واٽر ويز جي حصن لاء ذميوار آهي. ڪانتو جو اقتصاديات، واپار ۽ صنعت جو بيورو (関東経済産業局، ڪانتو ڪيزائي- سانگيو-ڪيوڪو) يارنهن پريفيڪچرن: ايباراڪي، ٽوچيگي، گونما، سائتاما، چيبا، ٽوڪيو، ڪاناگاوا، نيگاتا، ياماناشي، ناگانو ۽ شيزوڪا لاءِ ذميوار آهي.

جاگرافي

[سنواريو]

تاريخ

[سنواريو]

ذيلي ورهاست

[سنواريو]

معيشت

[سنواريو]

آبادي

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Nussbaum, Louis-Frédéric. (2005). "Kanto" in Japan Encyclopedia, pp. 478–479, p. 478, at Google Books

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]