ڪامريڊ عبدالقادر کوکر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
عبدالقادر کوکر
ڪامريڊ
جنرل سيڪريٽري، سنڌ ھاري ڪميٽي
ذاتي تفصيل
پيدائش ڌامراه، لاڙڪاڻو ضلعو
وفات 21 جنوري 1965
ڪراچي
سياسي جماعت سنڌ ھاري ڪميٽي


ڪامريڊ عبدالقادر کوکر(انگريزي: Comrade Abdul Qader Khokhar) لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ڌامراه ۾ هڪ غريب آبادگار ميوا خان[1] جي گهر ۾ 1907.[1] ۾ ڄائو.ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جي سڃاڻپ سنهڙو ڊگهو ننڍڙي ڏاڙهي هر وقت هٿ ۾ ڏنڊو، مٿي تي ٽوپي، کاڌيءَ جي سلوار ۽ قميص، گيڙو رنگ جي سدري ۽ سندس سدري جي کيسن ۾ هارين مٿان جاگيردارن جي ڏاڍ خلاف درخواستون يا وري هارين جي پاران سندن مظلوميت جون اخبارن ۾ شايع ٿيل اپيلون ڀريل هونديون هيون، هو ڪراچي جي مڙني دفترن ۾ سرڪار کان داد رسيءَ لاءِ چڪر ڪاٽيندو نظر ايندو هيو.[1]،

تعليم[سنواريو]

عبدالقادر کوکر قديم سنڌ جي ٻين ڳوٺن وانگر اسڪولن جي اڻاٺ سبب ڪڏهن اسڪول ويندو هيو ته وري شام جو پيءُ ماءُ سان ٻنيءَ تي هٿ ونڊائيندو رهيو، جڏهن پنج درجا پاس ڪيائين تڏهن والدين غربت ۽ مفلسي سبب سندس تعليم بند ڪئي ڇاڪاڻ ته وڌيڪ تعليم لاءِ سنڌ مدرسو لاڙڪاڻو ۽ سنڌ مدرسو ڪراچي وڃڻو هيو. پر هن ذهين ٻار جي ذهانت، علم سان عشق ڏسندي ڌامراهن شهر جي مهذب سلجهيل وڏيري سامراج دشمن خلافت تحريڪ جي قائد بئريسٽر جان محمد جوڻيجي پنهنجي خرچ تي عبدالقادر کوکر کي سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخلا ڏياري، جتي هن مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي.[1].

سياست[سنواريو]

جي ايم سيد لکي ٿو تہ:1925ع ڌاري هن ڪراچيءَ ۾ اچي پورٽ ٽرسٽ ۾ نوڪري ڪئي. پوءِ ڪراچيءَ جي شهر ۾ پورٽ ٽرسٽ ليبر ورڪرس يونين ۾ ڪم ڪرڻ لڳو.[2].عبدالستار ڀٽي مطابق :هن سال 1925ع ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ ٽيلي ڪلارڪ جي ملازمت حاصل ڪئي، جتي هن ڏوڪڙ ڪمائڻ بدران مزدورن سان پاڻ ارپيندي تڏهوڪي پورٽ ٽرسٽ ليبر يونين ساڻ لاڳاپو جوڙيو ۽ ٿورڙي عرصي ۾ پاڻ ملهائيندي مرڪزي اڳواڻن ۾ شامل ٿيڻ لڳو.[1]. 1930ع ۾ جڏهين مسٽر جمشيد ۽ ڄيٺمل پرسرام جي ڪوشش سان ميرپورخاص ۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي ڪانفرنس ڪئي ٿي ۽ هاري تحريڪ جو بنياد پيو، ته ان ۾ هن شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ لاڳيتو هاري تحريڪ ۾ حصو وٺندو رهيو.[2].[1]. ٽنڊي ڄام ۾ جاگيري هارين جڏهين پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد شروع ڪئي، ته ان ۾ هن خاص حصو ورتو. نورائي، ترائي، ڪاڪ ۽ ٻين جاگيرن جي هارين پنهنجن حقن لاءِ جي ڪوششون ورتيون هيون، ان ۾ سيد شاهنواز شاھ جوڻن واري ۽ پير ڀلڻ شاهه نورائيءَ واري سان گڏ، هن به چڱو بهرو ورتو.[2]. عبدالستار ڀٽي لکي ٿو تہ:هن سال 1936ع ۾ سيد شاهنواز جوڻن واري ۽ پير ڀمڻ شاهه نورائيءَ واري سان گڏجي تحريڪ هلائي سنڌ جي تاريخ ۾ عبدالقادر کوکر جي قيادت ۾ حيدرآباد ۾ هاري مارچ جدوجهد ۽ هاري شعور جو يادگار سياسي واقعو ڄاڻايو وڃي ٿو. حقن لاءِ هارين جي حيدرآباد ۾ عظيم جلوس حيدرآباد، ٽنڊو ڄام، ميرپور خاص ۽ لاڙڪاڻي جي جاگيردارن ۽ وڏيرن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. هن لانگ مارچ هارين ۾ سياسي شعور جو جذبو ته پيدا ڪيو.[1]. ڪيترو عرصو سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو.[2].سنڌ هاري ڪميٽي جو شروع کان ”آل انڊيا ڪسان سڀا“ سان لاڳاپو هيو.[1].هاري تحريڪ زور ورتو ۽ هاري ورڪر پاڻ ۾ متحد ٿيا تڏهن هاري تحريڪ جا ضلعي سطح تي مختلف گروپ قائم ٿيا جن ۾ ڪامريڊ عبدالقادر کوکر ٽنڊو ڄام جي جاگيردارن سان مهاڏو اٽڪايو جڏهن ته ميرپور خاص ڪامريڊ جان محمد پلي، نواب شاهه ۾ مولانا حڪيم محمد معاذ، لاڙڪاڻو ۽ دادو مولوي نذير حسين جتوئي آفيسون قائم ڪري قيادت سنڀالي ان کان علاوه محمد امين کوسو، قادر بخش نظاماڻي، ارباب نور محمد پليجو به سرگرم اڳواڻ هيا. آخر سڀني گروپن هاري اڳواڻ ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جي قيادت ۾ 1937ع ۾ هڪ ٿي هاري ڪميٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي.[1].سنڌ هاري ڪميٽي پاران جدوجهد کي منظم طريقي سان هلائڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي ۽ تاريخ 20 مئي 1940ع تي ”پٿورو“ ٿرپارڪ ۾ سنڌ هاري ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ ڪامريڊ عبدالقادر کوکر کي صدر ۽ ڪامريڊ جمال الدين بخاري کي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو.[1].سال 1954ع ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سرڪاري آفيسري تان استعيفا ڏئي سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شموليت حاصل ڪئي، پوءِ ڪامريڊ جتوئي ۽ ڪامريڊ کوکر گڏجي سنڌ ۾ هاري جدوجهد کي مقبول ڪيو، ٻنهي جي گڏجڻ ساڻ هاري ڪميٽي هڪ طاقت ٿي اڀري، سنڌ جي هاري ورڪرن ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري، مير محمد ٽالپر، ڊاڪٽر ها سارام، رئيس بروهي، قاضي فيض محمد، شاهه محمد دراني، ڊاڪٽر بنارام، سيد شمس الدين شاهه، مولوي عزيز اللہ جروار، مولي الاهي بخش قريشي، برڪت علي آزاد، تاج محمد ابڙو جهڙا جوشيلا جوان پيدا ٿيا.[1].هارين ۽ جاگيردارن جي ويڙهه کي پير علي محمد راشدي جهرڪي ۽ باز جي ويڙهه سڏيندو هيو پر هڪڙو وقت اهڙو به آيو جو مرحوم راشديءَ ڪامريڊ کوکر جي جدوجهد کي سلام ڪندي چيو ته ”مان سنڌ حڪومت جي روينيو وزير جي عهدي تي هارين لاءِ جيڪي ڪجهه ڪيو سو سڀ هن عظيم هاري مجاهد جي رهبري ۾ ڪيو..[1]“. ڪامريڊ کوکر جي جذبي ۽ هارين جي ههڙي حالت کان راشدي صاحب ڏاڍو متاثر ٿيو جو هن بحيثيت وزير روينيو ٻه مهينا جاگيرن جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ هر هنڌ هارين جي اها حالت ڏٺي جيڪا ڪامريڊ کوکر کيس ٻڌائي، آخر سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو جاگيردارن مٿان ڪجهه هارين لاءِ بنيادي حقن جو اعلان ۽ زرعي اصلاحات نافذ ٿيا ۽ ڪامريڊ کوکر جي پروگرام مطابق سنڌ سرڪار وفاقي سرڪار کي سنڌ ۾ جاگيرداري نظام ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي، زرعي اصلاحات بابت حڪومت جي اعلان خلاف جاگيردارن ڪورٽن مان اسٽي آرڊر پڻ ورتا پر سال 1958ع ۾ مارشل لا نافظ ٿي. جڏهن ان وقت جي صدر فيلڊ مارشل ايوب خان اها رپورٽ پڙهي ۽ نوٽ ڏٺو ته هن هڪدم زرعي اصلاحات نافذ ڪري سنڌ مان جاگيرداري نظام ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ جاگيردارن جا اسٽي آرڊر ختم ٿي ويا.[1].ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جو چوڻ آهي ته ”جڏهن مان 1941ع ۾ شانتي نيڪتين مان ڪراچي موٽي آيس ته منهنجو واسطو سنڌ جي ڪامريڊن سان پيو. ڪراچي جي سنڌ زميندار هوٽل ۾ ڪامريڊ کوکر سان منهنجون ملاقاتيون ٿينديون هيون هو هاري ڪانفرنس جو اصلي اڳواڻ هيو، هاري جدوجهد جو سنڌ ۾ قائد هيو، مرڻ گهڙيءَ تائين بيماري ۽ مفلسي جي مصيبتن ۾ رهڻ جي باوجود اصولن تي سودي بازي نه ڪئي، هن تحريڪون هلايون ۽ ڪاميابون ماڻيون پر خاموشي ۾ رهيو، پبلسٽي يا معاوضو نه طلب ڪيو، هن جي عمل ئي سنڌ ۾ هاري ورڪرن جي نئين کيپ پيدا ڪئي، هن سنڌ ۾ خاموش هاري انقلاب جو بنياد وڌو.“.[1]. سائين جي ايم سيد مطابق هو وڏيءَ توڪل جو صاحب هو. باوجود مستقل ذريعي معاش نه هئڻ، روزگار جي تنگيءَ جي، هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن لرزش نه کاڌي. هو معتدل مزاج، دور انديش ۽ مخلص قومي ڪارڪن هو. هن ڪجهه وقت لاءِ نيشنل عوامي پارٽيءَ جو مکيه ڪارڪن ٿي ڪم ڪيو. سنڌ جي هاري ڪارڪنن ۾ هي صاحب ئي هو، جنهن جوش کان هوش کي وڌيڪ ترجيح ڏني ۽ زبان کي هميشه پنهنجي وس ۾ رکندي، دشمن جي به ڪڏهن دل آزاري نه ڪيائين. سنڌ جي ڪانفرنسن ۾ هن شرڪت ڪئي. وفات وقت سنڌ ۾ هيءُ سڀ کان جهونو هاري ڪارڪن شمار ٿيندو هو.[2].

شادي[سنواريو]

هن ٻه شاديون ڪيون. هڪ ڳوٺ جي مائٽن مان، جنهن مان کيس هڪ فرزند ۽ هڪ نياڻي آهي، ۽ ٻي ڪراچيءَ جي شهر مان، جنهن مان کيس هڪ نياڻي آهي.[2]پهرين زال مان هڪ پٽ منظور علي کوکر آهي جيڪو هاڻي وڪالت ڪندو آهي.[1].

وفات[سنواريو]

پويون وقت ڪراچيءَ ۾ سول اسپتال جي پويان پنهنجي مسواڙي گهر ۾ ڪافي ڏينهن ڪمزور ۽ بدن ۾ بيمار گذاريائين. ڪامريڊ عبدالقادر 21 جنوري 1965ع، ڇنڇر ڏينهن تي وفات ڪئي[2]. چون ٿا ته سندس جنازي کڻڻ وقت چار ماڻهو به ڪو نه هيا ڇاڪاڻ ته هن اهڙي ڪسمپرسي واري حالت ۾ گذاريو، ڪامريڊ جي گهر وارن کي ڪفن ۽ دفن ڪرڻ جا پئسا به ڪو نه هيا. سندس وفات تي متاثر ٿي سنڌ جي عظيم محقق پير حسام الدين راشدي شعر لکيو هيو، ڇاڪاڻ ته هن جي سچائي، جدوجهد ۽ عظمت ايتري عظيم هئي جو هو ڀرپور خراج تحسين لهڻي، ايشيا جي عظيم هاري تحريڪن جي قائد ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان کوکر اڄ ڪراچي ميوا شاهه قبرستان جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪهڙي مٽيءَ جي ڍير ۾ دفن آهي.[1]،

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 ڪتاب جو نالو ؛ لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي: مصنف؛ عبدالستار ڀٽي: ايڊيشن؛ پهريون جنوري 1998ع ڇپائيندڙ؛ لاڙڪاڻو، ريسرچ اڪيڊمي
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005